جمهوريت

”ٻنهي ملڪن جو جنم ساڳي ڏهاڙي تي ٿيو جيئن ٻه جاڙا ٻار ! پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو توهان دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت بڻجي ويا ۽ اسان لاءِ جمهوريت هڪ خواب ئي رهجي وئي !!؟“ مون سوال ڪيو.

 

”اوهان کي جمهوريت جو شراپ آهي !“ هن شرارتي لهجي ۾ مسڪرائيندي وراڻيو ”هڪ فرد هڪ ووٽ جي حساب سان هندو ڀارت ۾ حڪمران ٿي وڃن ها تنهنڪري ئي ڌار ملڪ ٺاهيو هيئو نه ! ورهاڱي جو ته مقصد ئي جمهوريت کان ڀڄڻ هو …“

شعر منهنجا تنهنجي نانءُ ٿيا

مون شعر چيا ته هن سڀني کان وڌ واه واه پئي ڪئي. دعوت ختم ٿيندي ئي مونسان ملي. هيلو هاءِ ٿي، تعارف ٿيو، خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪجھ ئي هفتن ۾ هزارين شعر سندس نظر ڪيم. هر شعر تي ڀرپور داد ڏنائين. مون ايتري گھٽ وقت ۾ ايترا شعر اڳ ڪڏهن به نه لکيا ها. لڳم ته ڪجھ ڏينهن ۾ پورو ڪتاب لکي ويندس

دل جي ڪيفيت بدلجي وئي. خيالن جا گھوڙا آسمانن تي ڊوڙڻ لڳا. تصور جي اڏام ڪهڪشائن کان اڳتي نڪري وئي. مون اهو به ٻڌو جيڪو هن ڪڏهن چيو به نه هو ۽ اهو به محسوس ڪيو جيڪو هن ڪڏهن سوچيو به نه هو

هڪ ڏينهن اچانڪ ڪنهن پريشاني ۾ ڦاسي پيس ۽ ڪجھ ڏينهن ساڻس ملاقات ٿي نه سگھي. جڏهن واندو ٿيس ته خبر پئي هو ڏاڍي پريشان ٿي هئي. مون کي ڏاڍو ڳوليو هيائين، رابطي جي وڏي ڪوشش ڪئي هيائين. مان هن جي محبت جو قائل ٿي پيس دل ئي دل ۾ کيس سندس سوچ کان به وڌ چاهڻ جو وچن ڪيم ۽ ملاقات لاءِ روانو ٿي پيس

مون کي ائين اچانڪ پنهنجي سامهون ڏسي روئي پئي. سندس چهري جي تاثرن منجھ غم سان گڏ سخت ڪاڙ نمايان هئي. مون کي لڳو هو مون کي چماٽ هڻي ڪڍندي پر هن ايئن نه ڪيو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائين ۽ ڪافي دير تائين ٽيبل جي ٻئي پاسي ڪرسي تي ڪنهن يوگي جيان مراقبي ۾ رهي. جڏهن ڪنڌ کنيائين ته دل ئي دل ۾ پنهنجي لاپرواهي تي ڏاڍي ڪاوڙ آيم. هٿ ٻڌي معذرت به ڪيم

هن پاڻ سنڀاليندي چيو ” ڪٿي گم ٿي ويو هئين ؟ تو کي اندازو به هو ته مان ڪهڙي ڪرب منجهان گذري آهيان !!؟“

مون شرمندگي وچان نظرون جهڪائي ڇڏيون. مون کي واقعي به اندازو نه هو

”تنهنجي شعرن بنا هي سمورو وقت منهنجي دل تي ڪيترو بوجھ بڻجي گذريو آهي … تون ان جو اندازو به نٿو ڪري سگھين ! تو ڪنهن سان محبت ڪئي هجي ته اندازو هجي نه توکي !!؟؟“ هو گرجندي ۽ وسندي رهي دل ۾ آيو ته ٻڌايانس ته مان ايترو به بي خبر ۽ لاپرواه ناهيان، مون کي به ساڻس بي پناه محبت آهي.. منهنجي دل به هاڻي سندس نالي جو ورد ڪري ٿي پر چپ رهيس.

”مون کان پڇ ! مون ڪئي آهي محبت! … “ هو ڳالهائيندي رهي ” ۽ تنهنجا شعر ئي اهو وسيلو آهن جن سان هو مون ڏي متوجه ٿيو ! متاثر ٿيو ! ۽ منهنجي قريب اچي ويو پر تنهنجي ايئن اچانڪ غائب ٿي وڃڻ سان مان کانئس لڪندي ٿي وتان ! ساڻس ملي نٿي سگھان ! تو کي اندازو ئي ناهي ته “

دل تي ڄڻ وڄ ڪري پئي … هو ڳالهائيندي رهي … جھڻڪيندي رهي … نه ڄاڻ ڪيتري دير تائين … پر منهنجي ڪنن سندس آواز ٻڌڻ جي سگھ وڃائي ڇڏي هئي ۽ منهنجن اکين ۾ سندس وجود ڌنڌلو ٿيندو پئي ويو

اسپيشلائيزيشن

دوست جي عيادت لاءِ اسپتال جي ويٽنگ روم ۾ پنهنجي واري جو انتظار پئي ڪيم.

ڪاروباري اسپتالن جي روين کان مايوس مريض هڪ ٻئي جي زخمن تي مرهم رکڻ ۾ مصروف هئا.

حسن اتفاق سان هر مريض وٽ ٻئي مريض جي مرض واري عذيت مان گذرندڙ سندس ڪنهن نه ڪنهن مائٽ يا عزيز جي ڪهاڻي موجود هئي. جنهن موجب وڏي عذاب ۽ مختلف ڏکوئيندڙ سلسلي مان گذري سندس مائٽ يا عزيز شفاعت پاتي هئي.

پر انهن سڀني ڪهاڻين ۾ ڪنهن نه ڪنهن پير فقير جو ذڪر ضرور هو. هر هڪ وٽ ڪنهن نه ڪنهن پير فقير جو ڏس پتو موجود هو جنهن وٽان ڪنهن خاص بيماري جا نه ڄاڻ ڪيترا مريض صحتياب ٿي چڪا ها. ڪنهن وٽ هيپاٽائٽس جي علاج وارو پير هو ته ڪنهن وٽ شگر جي علاج وارو. اندازن مني ڪلاڪ جي ان بيٺڪ دوران مون نوٽ ڪيو ته ڏاٺ جي سور کان ويندي دل جي تڪليف تائين شايد ئي ڪو مرض هوندو جنهن جي علاج لاءِ ڪنهن پير جو ذڪر نه ٿيو هجي.

ان ڏينهن مون کي اندازو ٿيو ته زمانو ڪيترو بدلجي ويو آهي ! اسپيشلائيزيشن جي هن دور ۾ نه رڳو ڊاڪٽر پر پير فقير به اسپيشلسٽ ٿي ويا آهن

غيرتمند

سهڻي کي ڏسندي ئي ساجن جو چهرو ٻهڪي پوندو هو. ساجن کيس بي انتها چاهيو آهي. هو اهي پل ڪڏهن به وساري نٿو سگھي جڏهن هن سهڻي کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو. دراز قد واري سنهڙي سهڻي کيس ڪنهن ماهر سنگ تراش جي تراشيل بهترين مورت جيان لڳي هئي، جنهن هن جي عضون جي بناوٽ تي وڏي ڪاريگاري ۽ نفاست سان ڪم ڪيو هو. کيس سهڻي جي شخصيت ۽ خاص طور چهرو عام چهرن کان انتهائي مختلف ۽ منفرد لڳو هو. اکين جي اونهائي سندس چهري جي پرڪشش هجڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ هئي، جن کي سنگ تراش ڪنهن جي بدنظر کان بچائڻ خاطر چوڌاري گھري سانولي رنگ جا وسيع دائرا رکيا هئا.

پر اڄ پهريون ڀيرو هو جو سهڻي کي سامهون ايندو ڏسي ساجن جو چهرو ٻهڪيو نه هو. هو ڏاڍو پريشان نظر پئي آيو ۽ ڪافي دير کان پارڪ ۾ بي چيني سان سهڻي جو منتظر هو.

”تو ڪنهن کي ٻڌايو ته ناهي !؟“ سهڻي جي ويجھو پهچندي ئي ساجن پيشاني تي آيل پگھر اگھندي هڪدم پڇيو.

”نه نه ! جيئن خبر پئي سڌي تو وٽ پهتي آهيان“ سهڻي وراڻيو.

ساجن بينچ تي ويهي رهيو ۽ کيسي مان سگريٽن جو پاڪيٽ ڪڍي ڪنهن چين سموڪر جيان هڪ کان پوءِ هڪ سگريٽ سلگائيندو ويو. هو جڏهن به ڪنهن پريشاني يا گھري سوچ ۾ گم هوندو آهي ته ائين ئي ڪندو آهي ۽ پوءِ سڄي ڏينهن جي ڪوٽا ڪجھ ئي لمحن ۾ چٽ ڪري ويندو آهي.

”هاڻي ڇا ڪجي !؟“ ساجن پڇيو.

”اهو ئي ته مان تو کان پڇڻ آئي آهيان“ سهڻي چيو.

”تون ڇا ٿي چاهين ؟“ ساجن هن جي چهري جا تاثر جاچيندو رهيو.

”مان ممتا جو گلو گھوٽڻ نٿي چاهيان“ سهڻي ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.

”امان کي موڪليان تنهنجي گھر ؟ رشتي لاءِ … تنهنجو بابا راضي ٿيندو ؟“ ساجن آٿت ڀريل لهجي ۾ پڇيو

”ناممڪن ٿو لڳي ! بابا ڪڏهن به راضي ڪونه ٿيندو…“ سهڻي روئڻهارڪي لهجي ۾ وراڻيو.

”آخر ڪهڙي برائي آهي مون ۾ !؟“ ساجن ڪنهن فلمي سين جيان وڻ جي ٿڙ تي مڪ وهائيندي چوڻ لڳو ”پڙهيل لکيل آهيان… چڱو ڀلو روزگار اٿم … تو کي خوش رکي سگھان ٿو پوءِ ڇو تنهنجو بابا …“

”توکي چڱي طرح خبر آهي ته بابا …“ سهڻي ڪنبدڙ آواز ۾ چوڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ساجن کيس ڳالهه پوري ڪرڻ نه ڏني.

”ها ! ها !! خبر اٿم … پڻهين جي مرضي هئي ته ان ڏينهن مان به بي غيرت بڻجي اکيون پوري ڇڏيان ها …“

”جميله جي باري ۾ ڪو به پڪ سان چئي نٿو سگھي ته هو … تو هروڀرو تڪڙ ڪئي …“ سهڻي جي نڙي مان جملا ڏاڍي تڪليف سان نڪتا.

”بس ڪر هاڻي !نه ته وري …!!“ ساجن جون اکيون ٽانڊن جو ڏيک ڏيڻ لڳيون، ڪاوڙ ۾ هو ڪو وهشي جانور پئي لڳو ”جنهن ڏينهن ڪمال شهر پئي ويو ان ڏينهن مان به بس جي انتظار ۾ اتي ئي بيٺو هوس، ڪمال کي هٿ لوڏي جميله کان موڪلائيندي مون پاڻ ڏٺو هو … !! هنن جي منحوس چهرن جي مڪروه مسڪراهٽ کي ڪوبه غيرتمند برداشت ڪري نه سگھي ها… ! “ هن ٻه ٽي وڏا ساه کنيا آواز کي ٿورو هلڪو ڪري چيائين ”صحيح چوندا آهن ته پنهنجو ماري ته به ڇانو ۾ … مارڻ کان پوءِ ساڙي ته مون هن تي احسان ڪيو هو … هن کي ته جيئري ساڙڻ گھرجي ها !… هو ڪاري هئي ! ۽ ڪمال ڪارو!“

”۽ پاڻ !؟“ سهڻي ساجن جي اکين ۾ اکيون ملائيندي سوال ڪيو.

انقلاب

”پهريون جلسو اٿن، ان لحاظ کان ماڻهو خاصا آيا آهن“ هن اخبار ڏسندي چيو.

”وري ڪا نئين پارٽي ٺهي آ ڇا ؟“ مون پڇيو.

”ها ! وري ڪي نوان انقلابي اٿيا اٿئي“ هن وراڻيو.

”هتي نه ڄاڻ ڪيتريون انقلابي پارٽيون ٺهيون ۽ ڪيتريون تحريڪون هليون !!“ مون چيو ”پر هتي انسان ته ڇڏ ! اڃا تائين ڪولر ڀرسان ٻڌل گلاس به زنجيرن کان آجو ٿي ڪونه سگھيو آهي…“

عليحدگي

”هن منهنجي هر خواهش پوري ڪئي، هو هر وقت منهنجو خيال رکندو هو، مون ڪڏهن به هن جي واتان اهو نه ٻڌو ته سندس هي خيال آهي يا سندس خوشي ڇا ۾ آهي بلڪه هر معاملي ۾ هو هميشه مون کان ئي پڇندو هو ته منهنجو ڇا خيال آهي يا منهنجي خوشي ڇا ۾ آهي ۽ پوءِ ايئن ئي ڪندو هو جيئن منهنجي راءِ هوندي هئي …“

”پوءِ اوهان کانئس عليحدگي ڇو اختيار ڪئي!؟“ مون حيرانگي وچان پڇيو

”منهنجو عقيدو آهي ته جنهن انسان وٽ جيئڻ جو ڪو مقصد ناهي اهو بيڪار انسان آهي ۽ هن جي حياتي ڄڻ بي معنا هئي … مون کي هن وٽ جيئڻ جو ڪو مقصد نظر نه ٿي آيو …“

”پر مون کي ته اوهان جي چند جملن ۾ هن جي زندگي جو مقصد نظر اچي ويو .. اوهان کي ڇو ڪونه آيو !؟“ مون چيو

”ڇا مطلب … ڪهڙو مقصد !!؟“ هن پر تجسس نگاهن سان مون ڏي ڏٺو.

”هن جي زندگي بي معنا ڪيئن هئي ! اوهان کي خوش رکڻ ئي هن جو مشن هو … اوهان جي هر خواهش پوري ڪرڻ ۽ اوهان کي هر خوشي ڏيڻ کي ئي ته هن پنهنجي جيئڻ جو مقصد ٺاهيو هو.“ مون چيو .

هو ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندي رهي سندس چهري جا تاثر بدلجي چڪا ها ۽ ڪنهن گھري سوچ ۾ گم ٿي وئي.

سنڌ خلاف سازشون

 ”سنڌ جو الائجي ڇا ٿيندو ؟ “ ڊاڪٽر اخبار پڙهندي ڀڻڪيو

”ڇا وري ڇا ٿيندو ! هٿ ڌوئي پٺيان پئجي ويا آهن، برباد ڪري ڇڏيندا.“ ماستر وراڻيو

”سچ ٿو چئين ماستر ! سنڌ خلاف سازشون الائجي ڪڏهن بند ٿينديون “ ڊاڪٽر چانهه جي سرڪي ڀريندي چيو ”ٻيلي ! گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي حياتي ۾ ته حالتون سڌرندي نظر نٿيون اچن“

”ها يار ! چئين سچ ٿو“ ماستر وراڻيو

”چڱو ! ڇڏ انهن ڳالهين کي … اهو ٻڌاءِ ته اڄ شاهُو کي پاڻ سان ڪيئن کنيو اٿئي ؟“ ڊاڪٽر پڇيو

”ميٽرڪ جا امتحان پيا هلن سو مون واري ٽيوشن سينٽر جي شاگردن جي شاهُو مڙئي مدد ڪرائيندو آهي“ ماستر چيو ”تون ٻڌاءِ ! تو واري ڪلينڪ ڪيئن پئي هلي؟“

”بس يار ! مس وڃي سرڪاري اسپتال ۾ سيٽنگ ٿي آهي، پگھار مان ٻه چار رپيه ڏيندوسان ته حاضري پيا هڻندا. هونئن به اها ليٽ ڪلينڪ ۾ نڪري ويندي“ ڊاڪٽر وراڻيو

”ڀلو ڪيئي ! مان به ڪلارڪ سان خرچي جي سيٽنگ ڪري رکي آهي، ڇا ڪجي ادا ! معاشرو ئي سڄو اهڙو ٿي پيو آهي بنا خرچي جي ڪو ڪم ئي ڪونه ٿو ٿئي…“ ماستر کير واري کي ويندو ڏسي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي کيس هڪل ڪئي ”اڙي شفن ! کير ۾ پاڻي گھٽ ملائيندو ڪر ميان ! حيا ءَ ئي ڪونه ٿو ٿيئي اوهان کي …“

شفن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري تيزي سان سائيڪل هلائيندو نڪري ويو

”سچ چيو اٿئي ماستر ! ايمان نڪري ويو ملڪ مان“ ڊاڪٽر چيو

”ها يار بس ڇا ڪجي… “ ماستر ڪتاب ۽ فائيل بگل ۾ ڪري اٿي بيٺو ”چڱو ڊاڪٽر هلون ٿا پيپر جو ٽائيم ٿي ويو آهي.“

”چڱو مولا مدد “ ڊاڪٽر وري اخبار جي صفحن ۾ گم ٿي ويو

 

By Ayaz Ali Rind Posted in Uncategorized