سنڌ خلاف سازشون

 ”سنڌ جو الائجي ڇا ٿيندو ؟ “ ڊاڪٽر اخبار پڙهندي ڀڻڪيو

”ڇا وري ڇا ٿيندو ! هٿ ڌوئي پٺيان پئجي ويا آهن، برباد ڪري ڇڏيندا.“ ماستر وراڻيو

”سچ ٿو چئين ماستر ! سنڌ خلاف سازشون الائجي ڪڏهن بند ٿينديون “ ڊاڪٽر چانهه جي سرڪي ڀريندي چيو ”ٻيلي ! گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي حياتي ۾ ته حالتون سڌرندي نظر نٿيون اچن“

”ها يار ! چئين سچ ٿو“ ماستر وراڻيو

”چڱو ! ڇڏ انهن ڳالهين کي … اهو ٻڌاءِ ته اڄ شاهُو کي پاڻ سان ڪيئن کنيو اٿئي ؟“ ڊاڪٽر پڇيو

”ميٽرڪ جا امتحان پيا هلن سو مون واري ٽيوشن سينٽر جي شاگردن جي شاهُو مڙئي مدد ڪرائيندو آهي“ ماستر چيو ”تون ٻڌاءِ ! تو واري ڪلينڪ ڪيئن پئي هلي؟“

”بس يار ! مس وڃي سرڪاري اسپتال ۾ سيٽنگ ٿي آهي، پگھار مان ٻه چار رپيه ڏيندوسان ته حاضري پيا هڻندا. هونئن به اها ليٽ ڪلينڪ ۾ نڪري ويندي“ ڊاڪٽر وراڻيو

”ڀلو ڪيئي ! مان به ڪلارڪ سان خرچي جي سيٽنگ ڪري رکي آهي، ڇا ڪجي ادا ! معاشرو ئي سڄو اهڙو ٿي پيو آهي بنا خرچي جي ڪو ڪم ئي ڪونه ٿو ٿئي…“ ماستر کير واري کي ويندو ڏسي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي کيس هڪل ڪئي ”اڙي شفن ! کير ۾ پاڻي گھٽ ملائيندو ڪر ميان ! حيا ءَ ئي ڪونه ٿو ٿيئي اوهان کي …“

شفن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري تيزي سان سائيڪل هلائيندو نڪري ويو

”سچ چيو اٿئي ماستر ! ايمان نڪري ويو ملڪ مان“ ڊاڪٽر چيو

”ها يار بس ڇا ڪجي… “ ماستر ڪتاب ۽ فائيل بگل ۾ ڪري اٿي بيٺو ”چڱو ڊاڪٽر هلون ٿا پيپر جو ٽائيم ٿي ويو آهي.“

”چڱو مولا مدد “ ڊاڪٽر وري اخبار جي صفحن ۾ گم ٿي ويو

 

Advertisements
By Ayaz Ali Rind Posted in Uncategorized

On a lighter note

پنهنجي گھر ۽ گريبان کان علاوه سڄي جهان ۾ اسان کي برايون نظر اچن ٿيون. ڪي ماڻهو ته انهن جي اصلاح لاءِ به نڪريو پون

On a lighter note

“Satan is the first one to fight for the freedom of thought and expression therefore whoever wants to fight for such rights must be ready to face what Satan is still facing.”

يهودين جي سازش

”دهشتگردي يا فرقيواريت جا ته رڳو بهانا آهن ! اصل ۾ هنن حڪمرانن جي دلين ۾ خوف خدا ناهي رهيو جو هو اسان جي مٺڙي دين خلاف سازشن ۾ يهودين جا ساٿاري ٿي بيٺا آهن ! پر اسان به خاموش ڪونه ويهنداسون … سڀاڻي جمعي نماز کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ لائوڊ اسپيڪر جي محدود استعمال بابت حڪومتي قانون جي مخالفت ۾ مظاهرا ٿيندا..“  پيري ۾ به مولوي صاحب جي آواز ۾ ساڳيو ئي ولولو هو، سندس تقرير ۾ ساڳيو ئي جنون هو ۽ ڪنبدڙ هٿن ۾ ڏڪندڙ لٺ مان جيتوڻيڪ لڳو ٿي ته متان هو جوش خطابت دوران ڪري نه پوي … پر سندس آواز ۾ اڃا به ساڳي روانگي ۽ ڪشش هئي.

منهنجو ذهن ماضي ۾ هليو ويو ، جڏهن پهريون ڀيرو مون کيس پاڙي جي مسجد ۾ ٻڌو هو. مان مسجد جي هاڻوڪي وسيع ايئرڪنڊشنڊ هال ۾ نرم قالين بجاءِ تڏهوڪي سوڙهي احاطي ۾ ڦاٽل ساٽل تڏي تي سڪڙجي ويٺل هوس ۽ منهنجي سامهون ساڳيو ئي مولوي صاحب ساڳي ئي جوش ۽ ولولي سان تقرير ڪري رهيو هو. فن خطابت سبب ئي کيس ٽين ايج ۾ ئي مسجد جو امام بڻايو ويو هو . تنهن ڏينهن به لائوڊ اسپيڪر ئي موضوع هو … تنهن ڏينهن به يهودين جي سازش جو الزام هو … پر تنهن ڏينهن ملڪ جي ڪجھ شهرن جي مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي ڪاوڙ هئي … تڏهن لائوڊ اسپيڪر جي ايجاد ۽ ان جو مسجدن ۾ استعمال يهودين جي سازش هئي …

عقل ۽ شعور

بحث کي مون انڪري به دلچسپي سان پئي ٻڌو جو هڪ شخص جيڪو عقل ۽ شعور جي بنياد تي خدا جي وجود ۽ مذهبن جو انڪاري هو تنهن کي قائل ڪرڻ لاءِ سامهون موجود مسلمان ۽ هندو گڏجي ان ڳاله تي زور ڏيئي رهيا هئا ته ڇاڪاڻ جو انساني حَسن (سينسز) جيان انساني عقل ۽ شعور جي پڻ هڪ حد مقرر آهي ان ڪري خدا يا مذهب کي ان بنياد تي رد نٿو ڪري سگھجي.

مون سوچيو جيڪڏهن اڄ يهودي، عيسائي، پارسي، سک يا دنيا ۾ موجود ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ريسٽورانٽ ۾ موجود هجن ها ته سڀئي ان نقطي تي متفق ٿي هن شخص سان بحث ڪن ها.

ان دوران شيطان منهنجي دل ۾ وسوسا وجھڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ مون سوچيو جيڪڏهن اهو مڃي وٺجي ته ڇاڪاڻ جو انساني حَسن (سينسز) جيان عقل ۽ شعور جي پڻ هڪ حد مقرر آهي ان ڪري خدا يا مذهب کي ان بنياد تي رد نٿو ڪري سگھجي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ مذهبن مان ڪهڙو صحيح ۽ ڪهڙو غلط آهي ان جو فيصلو ڪهڙي بنياد تي ٿيندو

استاد

وڏن شهپرن ۽ مضبوط جسم واري شخص ڳالهائي بس ڪيو ته هڪدم هوٽل ۾ موجود ماڻهن مان ڪنهن سوال ڪيو.

هن ڪاوڙ مان ڏانهس ڏٺو سوالي ڪنڌ هيٺ ڪري سڪڙجي ويهي رهيو

”پر اهو ڪيئن ممڪن آهي…“ ساڄي ڪنڊ کان هڪ ٻئي سوال ڪرڻ جي جرات ڪئي. هن ڪنڌ ورائي ڏانهس ڏٺو سوالي جو چهرو سوال پڇڻ تي پڇتاءُ جي گواهي ڏيئي رهيو هو پر جھڻڪڻ ضروري سمجھيائين.

”منهنجي خيال ۾…“ کاٻي پاسي کان هڪ مدهم آواز اڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن بنا ڏٺي پنهنجي رعبدار ۽ گرجندڙ آواز سان ان مدهم آواز کي دٻائي ڇڏيو جيڪو وڌيڪ اڀري نه سگھيو.

ايتري ۾ بيرو جنهن کي هن سگريٽ وٺڻ لاءِ موڪليو هو سهڪندو آيو.”تون نه هئين ته تنهنجي گراهڪن کي علم سان مالامال پئي ڪيم ….“ هن فخريه انداز ۾ بيري کي ٻڌايو.

”سائين وڏو علم وارو اٿئو ! هميشه سچ چوندو آهي… مون کانئس گھڻو ڪجھ سکيو آهي، ڪڏهن وڏائي نه ڪئي اٿس… علم جو خزانو اٿس، لٽائيندو وتندو آهي ….“ بيرو ڳالهائيندو رهيو ۽ هو مسڪرائيندو رهيو سندس ڪنڌ ۾ ڄڻ سريهو اچي ويو هو .

مون اٿي بل ڏنو ”ڪهڙي اسڪول ۾ ماستر آهين؟“

منهنجي پڇڻ تي هو اچرج ۾ پئجي ويو ”اوهان ڪيئن سڃاتو !!!؟“ ورائي پڇيائين.

مان وڌيڪ ڳالهائڻ بنا گھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول کان ٻاهر نڪري آيس.

ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ جو خدشو

مون وري چينل بدلايو

”ڇا پيو ڪرين !؟ هڪ منٽ ۾ ڏهه ڀيرا چينل بدلائي چڪو آهين“ هن تنگ ٿيندي پڇيو ۽ ڪاوڙ وچان اٿي هال کان ٻاهر نڪري وئي.

مون وري چينل بدلايو

هر چينل تي ساڳي خبر هئي ”ڪراچي ۾ هيل به هيٽ اسٽروڪ جو خطرو … گذريل سال کان وڌيڪ ماڻهو مرڻ جو انديشو…“ اڪثر چينلن تي موسميات جا ماهر هيٽ اسٽروڪ جا سائنسي سبب ٻڌائي رهيا هئا ۽ ڪجھ چينل سج ۽ ڌرتي جي اينيميشن تي پريزنٽيشن ڏيئي هيٽ اسٽروڪ جا ڪارڻ بيان ڪرڻ ۾ مشغول ها.

مون صبح کان سڀئي چينل بار بار پئي ڏٺا اڃا تائين ڪنهن به چينل تي هيٽ اسٽروڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي رٿا بابت ڪا به خبر نه آئي هئي. سج لهي چڪو هو ۽ مان به ٿڪي چڪو هوس. مون ٽي وي کي بند ڪرڻ لاءِ جيئن ئي رموٽ وڌايو ته اسڪرين تي بريڪنگ نيوز هلڻ شروع ٿي وئي

”ڪراچي ۾ ممڪنه هيٽ اسٽروڪ جي خبر کان پوءِ هينئر تائين 300 قبرون کوٽجي چڪيون آهن“ چينل وارن هڪدم پنهنجي رپورٽر کي لائن تي ورتو جيڪو هڪ قبرستان ۾ گورکن سان گڏ تازي کوٽيل قبر اندر بيٺو هو.

”گذريل سال ماڻهن کي ڏاڍي تڪليف ٿي …“ لائن تي ايندي ئي پهرين کان تيار گورکن ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو ”هيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان اڳواٽ قبرون کوٽيون پيا جيئن ماڻهن کي تڪليف کان بچائي سگھجي…“

اٽي دال جا اگھ

”يو لڪ گارجييس !“ مون چيو.

”هاهاهاها“ هن جي ٽهڪن جي آواز کان وڌيڪ مڌر ساز مون اڄ تائين نه ٻڌو آهي، جيڪو روح جي گھراين تائين سرائيت ڪري وڃي.

”واٽ ! آءِ ايم سيريس.“ مون چيو.

”هاهاها….ههممم ! مون لاءِ اهڙا جملا گھڙڻ جي ضرورت ڪونهي. مان تنهنجي ڪلاس جي ڪا ٽين ايج ڇوڪري ناهيان“ هن وراڻيو.

”نه واقعي… هن جوڙي ۾ تون وڌيڪ پرڪشش پئي لڳين. ۽ توتي نظر پوندي ئي منهنجي دل ۾ جيڪو آيو سو چئي ڏنم. جملو گھڙڻ لاءِ ته مون جهڙي ڪند ذهن کي وقت کپي.“ مون چيو.

”چگو هاڻي روڊ تي ڌيان ڏي ! تنهنجا باقي رهيل رومانوي ڊائلاگ ريسٽورنٽ تي ٻڌي وٺنديس“

”ڊائلاگ ! اف ! توسان پڄڻ منهنجي وس جي ڳالهه ڪونهي“

”ها ! ۽ ڪوشش به نه ڪندو ڪر. هرو ڀرو شرمنده ٿيڻو پوندو اٿئي“

”هاهاها“

”هڪ صلاح ڏيانءِ مفت ۾ !؟“ هن پڇيو.

”ها ها ڇو نه“ مون وراڻيو.

”اهي ڊائلاگ ڪنهن ڏينهن منيزه کي ٻڌائجان. وڏو ثواب ملندئي ! ويچاري کي ڏاڍو اذيت ۾ رکيو اٿئي“ سندس چهري تي شرارت اڀري آئي.

”مونکي ثواب جو اسٽاڪ جمع ڪرڻ جو ڪو شوق ڪونهي ! منيزه جو دماغ خراب ٿي ويو آهي. ۽ تنهجو ڀي ! هي به ڪو وقت آهي هن جو ذڪر ڪري چڱي ڀلي موڊ جو ستيا ناس ڪرڻ جو“

”اڙي ! سفا ڪو پٿر دل آهين يار! مري ويندي ويچاري ! توکي رحم به ڪونه ٿو اچي“

”هن سان همدردي لاءِ تون گھٽ آهين“

”سچ ٿي چوان . مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ڀئو ٿيندو آهي. هن جي آه لڳي ته توسان گڏ مان به هروڀرو مفت ۾ سڙي وينديس“

”سڙڻو ته هونئي آهي توکي… هتي نه ته دوزخ ۾“

”ها…ها..ها “ ڪوڙي کل کلندي هن چيو ” تون منهنجي ٻڌندو به ته ناهين! ڇا ڪجي !“

”ناممڪن ! خوبصورت ڇوڪرين جون ڳالهيون ته مان اکين سان ٻڌندو آهيان“ مون چيو.

”ڌوڙ سمجھندين پوءِ. ڪنن سان ٻڌين ته سمجھ ۾ به اچئي“

”ٻڌ ! تون مون سان محبت ته ڪندو آهين نه ؟“ هن پڇيو.

”آءِ ڊونٽ نو. “ مون وراڻيو.

”تون عشق کان ايترو لنوانئين ڇو ٿو ؟“

”مان هڪ انتهاپسند شخص آهيان.“ مون چيو ”ڀئو مون کي محبت کان نه پنهنجي شدتپسندي کان ٿيندو آهي“

”چوندا آهن، اکيون دل جون ترجمان هونديون آهن يا ته تنهنجون اکيون غلط آهن يا ته اکين جو دل سان تعلق هوندو ئي ڪونهي“

”اکين جو دل سان تعلق ته آهي“ مون چيو ”نه ته دل ڀرجي اچڻ سان اکيون اوور فلو نه ڪن ها“

گاڏي ريسٽورينٽ آڏو ٺهيل پارڪنگ ايريا ۾ پارڪ ڪري اسان ٻئي ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿي وياسين. هو هميشه جيان مون کان ڪئي وکون اڳتي نڪري هلندي رهي ۽ ريسٽورنٽ ۾ موجود تقريبن هر مرد جون نگاهون ڏانهس کڄنديون ٿي ويون. دراز قد ۽ ڊگھي ڳچي کان علاوه سندس وڏين، حسين ۽ پراسرا نگاهن ۾ جا ڪشش هئي تنهن گھڻن کي گھايو هوندو. هلندي هلندي جڏهن هو زلفن ۾ آڱر ڦيري لٽ کي ڪنن ڏي سيريندي ڪنڌ ورائي ڏسندي هئي ته سندس ڪرشماتي نظر جو جادو وڌيڪ سگھارو ٿي پوندو هو ۽ انسان کي بت ۽ بت کي جاندار بڻائي وجھندو هو.

اسان هميشه جيان اولهه اتر ڪنڊ واري وسيع شيشي سان لڳو لڳ ڪارنر ٽيبل تي ويٺاسين جتان شاپنگ مالز ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي پيهه جو منظر واضع ڏسي سگھبو هو.

هن جون نگاهون مينو ڪارڊ جي ڊگھي فهرست ۾ رلنديون رهيون ۽ منهنجون هن جي چهري تي.

”هڪ ڳاله ٻڌايان “ اچانڪ مون تي نظر پوندي ئي هن مينو ڪارڊ ٽيبل تي رکندي چيو ” توکي پيار ٿي ويو آهي مونسان!… بيليو مي.“

”آءِ ڪين ناٽ !“ مون چيو ”آءِ آلويز بيليو يو… پر ضروري ته ناهي جنهن تي ڀروسو هجي ان جي هر ڳاله تي انڌو اعتماد ڪري ڇڏجي. مان انڌي پن تي يقين نٿو رکان پوءِ ڀلي اهو پيار هجي يا عقيدو. ها ! جڏهن ائين هوندو ته تو سان اظهار ڪندس“

هن وري مينو ڪارڊ کڻي ان ۾ جهانڪڻ شروع ڪيو ۽ مان شيشي کان ٻاهر ماڻهن جي پيه ۾ گم ٿي ويس. ڪجھ گھڙيون ائين ئي گذري ويون پوءِ بيرو آيو ۽ هميشه جيان هن پنهنجي ۽ منهنجي لاءِ آرڊر ڪيو.

”پوءِ ! ڇا سوچيو اٿئي؟ اڳتي ڇا ڪندين“ هن ٽيبل تي پيل ٻنهي گلاسن ۾ پاڻي ڀريندي پڇيو.

”گھڻو سوچيندڙ فيصلو ڪري ڪونه سگھندا آهن“ مون وراڻيو ”آئون بس هلي پيو آهيان….

”گھاڻي جي ڏاند وانگر اکين تي پٽي ٻڌي گول گول گھمڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي.“ هن منهنجي ڳاله ڪٽيندي چيو ”انسان کي هلڻ تڏهن کپي جڏهن سندس نگاه ۾ ڪا منزل هجي ڪو مقصد هجي. جنهن هلڻ سان پنڌ ئي نه کٽي تنهن سفر جي اجائي ٿڪاوٽ کان واندو ويهڻ ئي ڀلو.

”مان توکان هونئن ئي متاثر آهيان انڪري منهنجي سامهون فلسفو جهاڙڻ بند ڪر“ مون گلاس کڻندي چيو.

”تو جهڙن سست ۽ ڪاهل ماڻهن کان ته واقعي اهڙيون ڳالهيون زور آهن جن لاءِ ڪلاڪن تائين مطالعو ڪرڻو پوي.“

”ڳاله منهنجي سستي جي آهي يا تنهنجي پيٽ ڀرائي جي !“

”ڇا مطلب !؟“

”هي فڪر، فلسفو، مذهبن جو تقابلي جائزو، انقلابن ۽ نظرين جو مطالعو وغيره سڀ پيٽ ڀريل ماڻهن جا ڪم آهن. هتي ماڻهو ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهن. جن جي دماغ ۾ سڄو ڏينهن اٽي دال جا اگھ گھمريون پائيندا هجن اهي ايترا عقل جا اقابر ٿي ڪونه سگھندا آهن. ڳڀي جي ڳولا ۾ حياتي ڪيئن هٿن مان نڪريو وڃي کڙڪ ئي ڪانه پوي“

By Ayaz Ali Rind Posted in Uncategorized

جيئڻ جو ڏانءُ

پره ڦٽي جا پهريان ڪرڻا ٽينٽ اندر گھور ننڊ ۾ گش زخمين کي بي چين ڪرڻ لڳا. هيل تائين ٿيل کپت ۽ وڌيڪ ضرورت موجب دوائن جي انتظام لاءِ تمام ضروري ڪاغذي ڪاروائي ڪري چڪو هئس. ليپ ٽاپ بند ڪري عينڪ لاهي ٽيبل تي رکيم ۽ اکين جي ٿڪاوٽ ۽ بي آرامي تي مرهم رکڻ لاءِ کين آڱرين سان مهٽڻ لڳس جيئن پيٽ سان پٿر ٻڌي بک جي باه جو ڪجھ گھڙين لاءِ ڀڙڪڻ ماٺو ڪري سگھبو آهي تيئن ننڊ جي بکايل اکين کي آڱرين سان مهٽي ڪجھ وقت لاءِ آرام ڏيئي سگھبو آهي. ڪرسي ڇڏي مان ٽينٽ کان ٻاهر نڪري آيس. ڪيمپ کان ڪجھ فاصلي تي وڻن جي گھاٽي ڇانو هيٺان بيٺل پاڻي جي دٻي جي ڪناري سان ويٺل ڪجھ معصوم ٻار هڪ ٻئي جي پٽي ٻڌل ڦٽن کي آڱريون پوڙي هڪ ٻئي کي چيڙائي مزو وٺي رهيا هئا. ڪاش ! هر ماڻهو هنن ٻارن جيان ڪربناڪ سانحن کان پوءِ به ماضي جي سوڳ ۽ مستقبل جي غم کان لاتعلق رهي موجوده لمحي ۾ جيئڻ جو ڏانءُ سکي سگھي ها…

عظيم تهذيب جا وارث

سومر عقيدت جي انتها ڪندي، جنهن شخص جي انتظار ۾،
ڪوٺي جي چوکٽ آڏو پره ڦٽي کان نيم گرم پاڻي جو لوٽو کڻي ويٺل آهي، اهو شخص ڪوٺي
اندر ڪنهن سدا سهاڳڻ سان دير رات تائين رنگ رليون ملهائڻ کانپوءِ اڃا تائين ننڊ
مان نه اٿيو آهي. سومر لاءِ هو ڪو عام ماڻهو نه بلڪه ٻنهي جهانن جو بااختيار مشڪل
ڪشا مرشد آهي جنهن جو نسل وڃي پيغمبر خدا سان ملي ٿو. شايد رڳو نسلي تعلق ئي وراثت
جو امين ۽ وارث هجڻ جو اڪلوتو شرط آهي ۽ عمل ۽ ڪردار جو ان ۾ ڪو به عمل دخل ڪونهي.
تڏهن ته اسان سنڌي اڄ به پاڻ کي عظيم تهذيب جا امين ۽ وارث سمجھندا آهيون

By Ayaz Ali Rind Posted in Uncategorized