جبار جلفريزي

“چڱو هاڻي اٿ !!” مون سندس ڪلهي کي لوڏيندي چيو “اٿ ته جبار جلفريزي ڏي هلون…”

جبار جو نالو ٻڌي ڌاريي جي چهري تي مرڪ تري آئي “ها يار… ڪٿي آهي بيوٽي پارلر جبار جلفريزي…؟”

ڌاريو چوندو آهي ته شاعر محبوبائن لاءِ بيوٽي پارلر جو درجو رکن ٿا ان ڪري هو اسان واري شاعر دوست جبار کي به محبوبه جو بيوٽي پارلر ڪوٺيندو آهي.

“جبار جن ٿي پيو آهي ” مون وراڻيو “اڄ ڪلهه هفتن جا هفتا غائب رهڻ لڳو آهي”

“نه جبار پاڪستاني آهي… پڪو ٺڪو پاڪستاني، سندس غائب ٿيڻ ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي. جنن ۾ ڳجھا ادارا ايترا منظم، متحرڪ ۽ بااختيار ناهن جيترا اسان جي ملڪ ۾ آهن. ان ڪري غائب ٿيڻ وارو جنن جو رڪارڊ اسان پاڪستانين ٽوڙي وڌو آهي… خير!! هلڻو ڪٿي آهي؟؟؟ ” هن پڇيو.

“جبار پڪاسو هال ۾ لڳل تصويرن جي نمائش جا ٻه پاس اماڻيا آهن” مون وراڻيو.

ڌاريي کي تيار ٿيڻ ۾ گھڻي دير نه لڳي تيسيتائين مان اسٽور روم جو ڏيک ڏيندڙ سندس بيڊروم جي هڪ ڪنڊ وٽ ڪارنر ٽيبل تي رکيل اوڻويهه سئو اونده جي ٽيپ رڪارڊر کي هلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهيس.

“اچ ڊيئر..!!” ڌاريي ڪمري جون دريون بند ڪندي چيو.

مان ٻاهر نڪري آيس. ڌاريي سرن جي ٽيڪ هٽائي دروازو بند ڪيو ۽ آثار قديمه مان چورايل تالو هڻي پنهنجي انمول پراپرٽي کي سيڪيوئر ڪري ڇڏيو.

اسان هڪ موٽر سائيڪل نما سواري تي چڙهي پڪاسو هال پهتاسين. ڌاريي جي ان موٽر سائيڪل کي مان سيڪنڊ هينڊ اينڊ ڊرٽي وهيڪل چوندو آهيان. ۽ وٽس هر ڀيري اهو ئي جواب هوندو آهي ته ايوري ٿنگ ان دس ڪنٽري از سيڪنڊ هينڊ اينڊ ڊرٽي..! اِيوِن پاليٽيشنس آر سيڪنڊ هينڊ اينڊ پاليٽڪس از ڊرٽي….”

موٽر سائيڪل جو ڌماڪيدار آواز ٻڌي جبار هال مان ٻاهر نڪري آيو. سندس ڳچي ۾ هيڊي رنگ جو ڪارڊ لٽڪيل هو جنهن تي انتظاميه لکيل هو. هن دروازي تي اسان جو پرشور استقبال ڪيو ۽ اسان ٽنهي گڏجي نمائش هال جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هر تصوير ۽ ڇوڪري کي گھوريندا اڳتي نڪرندا وياسين.

“ڪيئن هيون پينٽنگس…!!!” جبار پڇيو

“ڪجھ سمجھ ۾ اچي ويون ۽ باقي خوبصورت هيون…” ڌاريي وراڻيو.

“ڇا مطلب..!!!” مون ۽ جبار هڪ ئي آواز ۾ حيرانگي وچان پڇيو.

“پينٽنگ به عورت جيان هوندي آهي” ڌاريي چيو “جيسيتائين سمجھ ۾ نه اچي خوبصورت لڳندي آهي.”

“تون ٻڌاءِ.؟” جبار مون ڏانهن ڏسندي پڇيو.

“مون کي ته سڀئي خوبصورت لڳيون…” منهنجي جواب تي هو ٻئي کلڻ لڳا.

“هو خاموشي جي علامت واري پينٽنگ…” ڌاريي هڪ پينٽنگ ڏانهن اشارو ڪندي چيو “منهنجي خيال ۾ بهترين آهي.”

“تو پنهنجي طبيعت جي بلڪل برخلاف پينٽنگ کي پسند ڪيو آهي” مون چيو.

“خاموشي جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کان بچيو وڃي.” ڌاريي ڪافي دير خاموش رهڻ کان پوءِ مفڪرانه انداز ۾ چيو.

“پر خاموشي مسئلن جو حل به ته ناهي..” جبار چيو.

“ته پوءِ مسئلن جو حل ڇا آهي؟” هن پڇيو.

“جدوجهد… ” مون چيو “مسلسل جدوجهد، اڻ ٿڪ محنت…”

“ڪنهن چيو ته محنت اڻٿڪ ٿيندي آهي” هن وڏي آواز ۾ چيو “محنت ٿڪائيندڙ ٿيندي آهي، محنت ماڻهو کي ٿڪائي ساڻو ڪري وجھندي آهي، مسلسل محنت ماڻهو کي وقت کان اڳ ماري وجھندي آهي…”

“موت منزل جي چوکٽ آهي… مسلسل محنت جو نتيجو منزل آهي… ” جبار وراڻيو

“موت ئي ته جنت جا دروازا کوليندي آهي” مون چيو “زندگي جي اڻانگن ۽ اذيتناڪ رستن کان ٿيندو موت جي گھاٽي مان گذري انسان جڏهن پلسراط پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ته جنت سندس مقدر بڻجي ويندي آهي.”

“پر اڄ ڪلهه ماڻهو جنت لاءِ نه مرندا آهن. اڄ ڪلهه ماڻهو قرضائين کان بچڻ لاءِ مرندا آهن، لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي جي آزار کان بچڻ لاءِ مرندا آهن…” هن جي لهجي ۾ جوش ۽ ڪاوڙ سان گڏ حقارت جو ڏنڀيندڙ احساس هو “منهنجو پاڙيسري هر روز پنهنجي بکايل ٻارن جي اٽي لاءِ منتظر نگاهن کان بچڻ لاءِ مرڻ چاهي ٿو.”

 

 

 

Advertisements

ٽي نومبر

رات جو پهريون پهر هو عارب جون اکيون آسمان ۾ اٽڪيل هيون. گگھ اونده ۾ چٽا ٿي بيٺل تارا به کيس دنڌلاهٽ ۾ منجهيل پئي نظر آيا. جنهن جو سبب فقط سندس وڏي عمر ۾ گھٽ ٿيل نظر نه هو. هن جي اکين ۾ تري آيل لڙڪ بارش کان پوءِ کڏن کٻن ۾ بيهي رهيل پاڻي جيان سانت اختيار ڪري چڪا هئا. اکين جي ڇيڙي کان وهي نڪتل لڙڪن جا خشڪ ٿيل پيرا آهستي آهستي گم ٿيندا پئي ويا. هو سوچن ۾ گم هو ۽ سندس جسم سن ڪيل مريض جيان کٽ تي بي حرڪت بت لڳو پيو هو.

ان کان اڳ عارب پاڻ کي ڪڏهن به ايترو بيوس ۽ ڪمزور محسوس نه ڪيو هو. هو ڪنهن جي به پرواه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي سوچ سمجھ موجب فيصلا ڪرڻ جي حوالي سان سڄي تر ۾ مشهور آهي اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ماڻهو کيس حسد جي نگاه سان ڏسندا آهن. سندس ارڏائي جي ڪري مٽن مائٽن به کانئس لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي، هن جي باغي خيالن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ ڪوبه عزيز، رشتيدار يا دوست تيار نه هو. پر هو اڪيلو هوندي به اڪيلو نه هو. هن جو ضمير، هن جو نظريو، بي باڪي ۽ سليم فطرت سندس يار به هئا ته هٿيار به. جن کيس ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو. هو هميشه بي ڌڙڪ سچ جي پرچار ڪندو رهيو. غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوندو رهيو. ڪو به ڏاڍو ڪو به ظالم کيس جھڪائي نه سگھيو. پر ڪيسيتائين …..!!!؟؟؟؟؟

اخر ڪيسيتائين هڪ اڪيلو شخص حق ۽ سچ جو علم کڻي هزارين مخالفن سان مسلسل وڙهي ٿي سگھيو. آخر ڪيسيتائين ڪو شخص بنا سهاري جي بنا همٿائڻ جي پنهنجي بي باڪي ۽ جرت کي مقدم رکي ٿي سگھيو. پٿر تي ڪرندڙ مسلسل پاڻي جي ڦڙن جيان، ڏاڍ ۽ ڏمر، ڪوڙ ۽ ڪروڌ جي ڪروڙين ڀالن سندس همٿ ۽ سگھ کي سوراخ ڪري وڌا هئا. هو ڪمزور ٿي چڪو هو ۽ هن جي اهڙي ڪيفيت جو اندازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن هن ڪجھ ڏينهن اڳ مون کي فون ڪري ڳوٺ گھرايو هو. مون پنهنجي زندگي ۾ ايتري بيوسي سان ڀريل آواز ۾ ڳالهائيندي عارب کي ڪڏهن به نه ٻڌو هو. مان ڏڪي ويو هوس، منهنجو خيال فورن سسئي ڏانهن ڇڪجي ويو هو جيڪا عارب جي شايد واحد ڪمزوري آهي. هن ستين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پنهنجي ڌيءُ سسئي کي ڊاڪٽرياڻي بنائڻ جو خواب ڏٺو هو ۽ اهو به ان علائقي ۾ جتي اڃا ڇوڪرن کي پڙهائڻ جو رواج به عام نه ٿيو هو. جتي عورتون فقط زمينن تي ڪم ڪري مردن کي ڏينهن جو هوٽلن ۽ رات جو ديسي ٺري لاءِ پئسه ڪمائي ڏيڻ جو ذريعو هيون. جتي غلامن جيان آقا جو هر حڪم مڃڻ کي پنهنجو فرض يا نصيب سمجھندڙ عورتون ڏيڍ لک عيوض ڪاري جي ڪوڙي الزام ۾ جان وڃائي ويهنديون هيون. اتي عارب جو سسئي کي ڊاڪٽرياڻي بنائڻ جو سوچڻ به بغاوت کان گھٽ ڏوه نه هو. پر سسئي کي ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ کان وڌيڪ ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق هو، هن به عارب جيان خواب ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا هيا. هو ڳوٺ جي هر ڇوڪري کي پڙهڻ لکڻ سيکارڻ جي خواهشمند هئي.

مان بنادير ڳوٺ پهتس ۽ عارب مون کي ڏسندي ئي لڙڪن کي اکين جي اوٽ ۾ رکي ڪونه سگھيو ۽ ڀيانڪ خواب مان جاڳي پيل ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان مون کي چنبڙي پيو هو. سندس جسم جي ڪنبڻي کي مون پنهنجي جسم ۾ لهندو محسوس ڪيو ۽ پوءِ اسان پهرن تائين سندس زمين جي ٽڪري ۾ ڪچي واٽر جي ڪپ تي لڳل سرينهن جي وڻن هيٺان ويٺا رهياسين جتي هن پنهنجي درد جي سڄي ڪٿا مون کي ٻڌائي. عارب جي ڀائٽيي جانو کي ڳوٺ جي ڪنهن عورت سان ڪارو قرار ڏنو ويو هو، عورت کي ته بنا دير ئي مائٽن ماري وڌو هو پر جانو کي پئسن جي لالچ ۾ ڀڄڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو هيائون. فيصلي ۾ آس پاس جي چڱن مڙسن ان موقعي کي غنيمت ڀائيندي سسئي جو سڱ چاليهه سالن جي مارجي ويل عورت عيوض سندس اٺيتاليهن سالن جي مڙس کي ڏيڻ جو حڪم سادر ڪري ڇڏيو.

جيتوڻيڪ عارب حال سارو وڏي ڪوشش ڪئي هئي پر جاگيردارن جي جاگير بڻيل سرڪاري ادارن تائين عارب جي فرياد جو رسڻ ممڪن نه هو. هو منجهي پيو هو. جڏهن کيس ڪو دڳ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ته مشوري لاءِ هن مون کي فون ڪئي، مون ٻئي ڏينهن ئي شهر ۾ موجود پنهنجن يارن دوستن جي مدد سان ان معاملي کي ميڊيا تي آندو ۽ لاڳاپيل سمورن سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن کي درخواستون پڻ موڪليون پر عارب سميت اسان سڀني کي ڪا خاص اميد نه هئي مان کيس آٿت ڏيڻ کانسواءِ ڪجھ به نه ٿي ڪري سگھيس. اميدون ٽٽڻ تي هيون ۽ حوصلا پست ٿيڻ تي هئا جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سوموٽو ايڪشن جي صورت ۾ اميد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنئي. فيصلي ۾ شامل سڀ چڱا مڙس لڪڻ ۾ پورا هئا ۽ عارب جي اکين ۾ سرهائي ۽ سوڀ جا عڪس اڀرڻ لڳا. هو ڏاڍو خوش هو. سندس خوابن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ساڀيان ٿيڻ جو موقعو ملڻ وارو هو. مان شهر موٽڻ جي تيارين ۾ هئس مگر طوفان شايد مڪمل ماٺ اختيار نه ڪئي هئي، وساميل باه جي دونهين ۾ لڪل ڪي شعلا اڃا اٿڻا هئا ۽ امتحان جون بي رحم گھڙيون اڃا اچڻيون هيون. ڪجهه ڏينهن ئي گذريا هوندا جو اها بي رحم گھڙي به اچي ڪڙڪي جڏهن ملڪ تي قابض ڊڪٽيٽر چيف جسٽس سميت اعلى عدالتن جي ڪيترن ئي ججن کي پي سي او تحت حلف نه کڻڻ جي جرت ڪرڻ جي الزام ۾ گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو.

جنهن مهل کان اها خبر عارب تائين پهتي آهي تنهن گھڙي کان وٺي هن ڪجھ به نه کاڌو آهي، ڪجھ به نه ڳالهايو آهي. گھر جي اڱڻ تي پيل کٽ تي بي جان بت بڻجي ليٽي پيو آهي. تنهن مهل کان سندس اکيون آسمان ۾ کتل آهن.

 

اليڪشن

سمنڊ ۾ ٽٻي هڻڻ کان اڳ سج مڪمل ڳاڙهو ٿي چڪو هو، ڪڪرن جي اوٽ کان نڪري  آخري لمحن تائين ڌرتي کي روشني جا ڪرڻا پهچائڻ لاءِ جتن ڪندڙ سج، گهر موٽندي نظر کٽڻ تائين پنهنجي محبوب کي ورائي ورائي ڏسندڙ ڪنهن عاشق جيان پئي لڳو.  

 

 

مان سمنڊ ڪناري کان گھڻو پري پٿر جي ديوار جي ٻئي پاسي روڊ جي ڪناري تي ڀڄي رهيو هوس. هن دنيا ۾ هر ماڻهو سموري حياتي ڀڄندو رهندو آهي ۽ هڪ ڏينهن ڀڄندي ڀڄندي مري ويندو آهي مان اڄ تائين سڪون سان ويٺل ڪنهن انسان کي ڏسڻ ۾ ناڪام رهيو آهيان فون تي ڳالهائيندي، لکندي، پڙهندي، آفيس ۾ ڪرسي تي ويٺل ماڻهو ۽ گھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکيل آرام ڪرسي تي ويٺل ماڻهن کي به مون ڀڄندي ڏٺو آهي. ماڻهن جي ان رويي مون کي منجھائي وڌو آهي مان ان عمل مان بيزار ٿي چڪو آهيان ڀڄي ڀڄي ٿڪجي پيو آهيان پر پوءِ به ڀڄي رهيو آهيان، مسلسل ڀڄي رهيو آهيان. ڀڄڻ منهنجي مجبوري آهي يا نصيب اهو طع ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. منهنجي آس پاس ڊوڙندڙ ماڻهو هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ کان پوءِ ڏاڍا خوش ٿيندا آهن مان ڪڏهن ڪڏهن ڍرو ٿي ٻين کي وڌڻ جو موقعو ڏيندو آهيان ۽ ماڻهو مون کان وڌي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن ڪي ماڻهو مون کي بيوقوف سمجھي مون تي کلندا ۽ ٽوڪون به ڪندا آهن. ڪراچي جهڙي پرشور ۽ بي غرض شهر ۾ جڏهن ڀڄي ڀڄي مان ٿڪجي پوندو آهيان ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري تي ڊوڙڻ هليو ايندو آهيان. ڊوڙندي ڊوڙندي قدم اچانڪ روڊ تي ڄمي ويا ڄڻ ڪنهن منهنجي پيرن ۾ ٻيڙيون وجھي ڇڏيون ۽ مان بيهي رهيس روڊ جي پاسي سان پارڪ ڪيل هڪ ڪار جي بانٽ تي ويٺل سنهڙي ۽ سهڻي عورت جي معصوم ۽ پرڪشش نگاهن قدمن کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو. هو مون ڏانهن ئي ڏسي رهي هئي، شعوري طور تي يا ڪنهن سوچ ۾ گم هجڻ ڪري لاشعوري طور تي. پر سندس نگاهون منهنجو ئي تعاقب ڪري رهيون هيون. کيس ڏسڻ جي ڪري يا توائي مان تيز ڊوڙڻ جي ڪري منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي چڪي هئي. ائين لڳم جيئن ريگستان جي تتل واري تي پيرن اگھاڙي ڀڄندي ڀڄندي اچانڪ ڪنهن گھاٽي وڻ جي ڇانو نصيب ٿي پئي هجي. نگاهن جو ائين اٽڪاءُ پهريون ڀيرو نه ٿيو هو، مگر ان کان اڳ ڪڏهن ساڻس ملڻ جو خيال دل ۾ نه آيو هو. پهريون ڀيرو سندس نگاهن کي مون پنهنجي جسم ۾ ٿر ۾ سانوڻ جي پهرين ڪڻ ڦڻ يا سياري جي صبح ۾ سج جي پهرين ڪرڻن جيان لهندو محسوس ڪيو هو. هو ڪار جي بانٽ تان لهي مون ڏانهن وڌي آئي. هو قد آور ۽ پرڪشش عورت هئي.

 

 

مان اوهان کي اڪثر هتي ڊوڙندي ڏٺو آهي “ هن چيو ”توهان جتي رهندا آهيو مان ان ئي  پراجيڪٽ جي اي بلاڪ ۾…….. سوچيم ته اوهان سان … پر شايد… سوچيم ته….“ هو جملي کي جوڙڻ جي ڪوشش ۾ وڌيڪ ٽوڙيندي رهي ۽ پوءِ خاموش ٿي وئي.

 

 

توهان مونسان هڪ ڪپ ڪافي پي سگھو ٿا؟“ مون بنا دير ۽ بنا تڪلف جي آفر ڪئي. مسڪراهٽ هن جي خوبصورتي ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو. مون کيس نگاهن کان ٿيندي دل ۾ لهندو محسوس ڪيو. اسان ٻئي گڏجي هلڻ لڳاسين ڪافي شاپ وٽ پهچڻ تائين دل خيالن جي گھيري ۾ اچي وئي. سوچيم ٻن اجنبي نگاهن جو دير تائين اٽڪاءُ ڇا محض اتفاق هو ؟ بي معنى هو؟ ٻن جسمن مان ائين اچانڪ روح جو نڪري ڳنڍجي هڪ ٿي پوڻ ڇا محض اتفاق هو؟…..ڇا اسان جي خاموشي ۾ به ڪو اظهار هو..؟ مان گيان ۾ گم ڪنهن پنڊت جيان خيالن ۾ محو رهيس، اندر جي احساسن جو ٻاهر جي مادي دنيا مٿان ايترو شديد ۽ مڪمل غلبو پهريو ڀيرو ٿيو هو.  ڪافي شاپ وٽ پهچي مون اڳتي وڌي ٻه ڪپ آرڊر ڪيا ۽ جيتري دير ۾ ڪافي تيار ٿي اوتري دير ۾ مون ڪائونٽر تي پئسا ڏيئي ٻه ٽوڪن وٺي ورتا ۽ پوءِ ٽوڪن جي بدلي ۾ ڪافي جا ٻه ڪپ کڻي هن ڏانهن وڌيس.

 

 

منهنجو نالو سسئي آهي“ هن ڪپ وٺندي چيو.

 

 

مان ظهير آهيان“

 

”ڇا ڪندا آهيو ؟“

 

 

”ٻارهن ڪلاڪ نوڪري ڪندو آهيان ۽ چار پنج ڪلاڪ ننڊ ڪندو آهيان“ مون مسڪرائيندي وراڻيو.

 

 

”۽ باقي ست اٺ ڪلاڪ ؟ “

 

 

” جک ماريندو آهيان “ مون کلندي وراڻيو.

 

 

”هممم… ليکڪ آهيو..“ هن پراعتماد لهجي ۾ چيو.

 

 

ڪيئن ٿا چئي سگھو..!!؟ “ مون حيرت وچان پڇيو.

 

هن ڪيئن ڄاتو ته مان لکندو آهيان. اندر جي اڻ تڻ جڏهن وس کان ٻاهر ٿي ويندي آهي تڏهن مان لکڻ تي مجبور ٿي پوندو آهيان ۽ پوءِ انهن ڪاغذن کي پيتي ۾ رکي تالو هڻي ڇڏيندو آهيان. اڄ تائين منهنجي ڪابه لکڻي شايع نه ٿي آهي ۽ منهنجا ويجھا دوست توڙي مٽ مائٽ به ان راز کان اڻواقف آهن. مان حيران هئس هڪ اجنبي عورت ايڏي اعتماد سان ڪيئن چيو؟ هن کي ڪيئن خبر پئي؟

 

 

 امر جليل ڪٿي لکيو آهي ته ”جنهن ملڪ ۾ خفيه ايجنسين جو ڄار وڇايل هجي ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي نالي ۾ سونهن، سوچ ۽ اظهار جي آزادي جي ناڪه بندي ٿيل هجي تنهن معاشري ۽ ملڪ ۾ لکڻ جک مارڻ آهي.“ هن ڪافي جو ڍڪ ڀريندي چيو ”اسان وٽ تخليقي لکڻيون نه هجڻ جي برابر آهن…. اوهان ڇا لکندا آهيو؟ “

 

 

ڪنهن چيو اسان وٽ تخليقي ليکڪ ناهن اسان جا ته ڪيترائي نقاد ۽ مورخ پڻ تخليقي ليکڪن جي وصف هيٺ ايندا آهن ۽ تخليقي ادب ۾ اسان وٽ سڀ کان وڏو نالو ايف.آءِ.آر لکندڙ پوليس واري جو رهيو آهي.“ مون وراڻيو ” مان سچ لکندو آهيان، مان ڪاغذن تي حقيقتن جا آئينا ٺاهيندو آهيان “

 

 

ڪنهن لاءِ لکندا آهيو… منهنجو مطلب آهي ڪنهن اخبار يا رسالي لاءِ لکندا آهيو.“ هن پڇيو.

 

 

سچ کي شايع ڪرڻ جي جرات ڪندڙ اخبارون ۽ رسالا گھڻو وقت هلي نه سگھندا آهن ۽ حقيقت جو آئينو ڏسڻ لاءِ هن معاشري ۾ ڪوئي به تيار ناهي ان لاءِ مان پنهنجين لکڻين کي پيتي ۾ رکي تالو هڻي ڇڏيندو آهيان.“ 

 

 

ٻيا به ڪجھ لکندڙ آهن جيڪي سچ لکندا آهن..! امر جليل جو ئي مثال ٿا وٺون… ۽ هن جون لکڻيون ڇپبيون به آهن…“

 

 

ها پر هو به ڪنهن اخبار ۾ گھڻو وقت لکي ڪونه سگھندو آهي“ مون سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو ”جڏهن ڪنهن اخبار مان سندس سچ هضم ڪرڻ واري سگھ نڪري ويندي آهي ته کيس ڪڍي ڇڏيندا آهن.“

 

 

۽ هو پوءِ به لکندو آهي…“ لهجي بجاءِ سندس آواز ۾ جذباتي انداز جي جھلڪ محسوس ٿيڻ لڳي ”هن همٿ نه هاري آهي… هن جي ويڙهه اڃا به جاري آهي هالانڪه هو پوڙهو ٿي چڪو آهي پر هن جي جدوجهد اڳي کان وڌيڪ جوان لڳندي آهي“ 

جرات ۽ همٿ جو عمر جنهن ڪنهن مخصوص حصي سان هرگز تعلق ناهي هوندو“ مون وراڻيو ”هو شايد وڙهڻ جو عادي ٿي چڪو آهي، مسلسل ٽڪراءُ کيس وڌيڪ سگھ عطا ڪئي آهي“ 

 

خالي ڪپ پٿر جي ديوار تي رکي اسان سندس ڪار طرف هلڻ لڳاسين کن پل خاموش رهڻ کان پوءِ پڇيائين،

 

 

پڙهڻ ۾ اوهان کي ڇا پسند آهي؟… فڪشن… يا مزاح وغيره به پڙهندا آهيو؟“ ” فڪشن ۾ مون کي پاڪستان اسٽڊي پسند آهي ۽ مزاح پڙهڻ کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ مون کي دلچسپي رهي  آهي ان ڪري مان ڪارٽون شوز ۽ پاڪستاني اليڪشن وڏي شوڪ سان ڏسندو آهيان.“

 

 اياز علي رند

 

بچوانقلابي

 سمن جا سريلا ڪلام، حڪيم جون هوڪارون ۽ مون سميت چوڏهن پندرهن پيالي ڀائي ڪچهري جا گلاسن مٿان گلاس، مڪان ۾ اصل ميلو متل هو. اونداهي رات ۾ گم ٿي ويل پورو ڳوٺ ماٺ جي سڪرات ۾ اچي چڪو هو پر مڪان ۾ ڄڻ ڏينهن جا اڃا ڏهه ٿيا هئا. سمن پنهنجن واڇن کي ساهي ڏيڻ لاءِ ڪلام روڪي شهپرن تي هٿ ڦيريا پاسي ۾ پيل ڀنگ جو تار ٿيل گلاس کڻي ڏڪندڙ هٿن سان اڃا وات تائين مس پهچايو هوندائين جو حڪيم کي حرڪت سجھي رڙ ڪري چيائين ”حق !! حق !! “ سمن جي هٿن مان گلاس ڇڏائجي ويو ڀنگ سان پٽ پارڪ ۾ تبديل ٿي پيو مڪان ۾ ٽهڪ گونجي اٿيا ۽ دير تائين موالي لڏو کلي کلي کيرو ٿي پيو. چاچي قادن هٿن کي هوا ۾ لوڏي کل کي ائين بريڪ هڻائي جيئن ٽريفڪ سپاهي سگنل تي گاڏين کي بريڪ هڻائيندو آهي. چيائين جي مون وارو ڀائيٽيو بچو هجي ها ته خبر اٿئو ڇا چوي ها !؟

 

ڪنهن ڪنڊ ۾ ستل لاهوتي هٿ ٻڌي چيو ”ڀوتار ! پاڻ کي خبر نه ٿئي !! پاڻ ٻئي جهان ۾ لٿل هون…“

 

چوي ها ته ان ۾ سرمائيدار سامراج جو هٿ آ….. چاچو قادن پنهنجي سوال جو پاڻ ئي جواب ڏيندي کل ۾ انڌو ٿي پيو مڪان وري ٽهڪن سان گونجڻ لڳو.(بچو کي ليڊر ٿيڻ جو شوق جاڳيو آهي ٻه ٽي ڀيرا ٿاڻي وارن به مهمانوازي ڪئي اٿس پر سڌرڻ جو نالو ئي ڪونه ٿو وٺي. منهنجو ننڍي هوندي جو يار آهي مون به گھڻو ئي سمجھايو مانس پر ڪو مڙي ٿو ڇا ! چئي ” سياست کي يرغمال بڻائيندڙ ٽولي خلاف هاڻي جدوجهد جي ضرورت آهي جي هاڻي به هٿ تي هٿ رکي ويٺا رهياسين ته اسان کي تباهي کان ڪير به بچائي نه سگھندو.

 

”سنڌ ولين جي ڌرتي آ…وڏا !!“ سمن هڪ ڀيري چيس”لڏندي پر ٻڏندي ڪانه!!“

 

”ولي به ڪيسين ڪلهو ڏيندا پنهنجا اعمال به ته سڌارڻا پوندا !!“ بچي سان ڳالهين ۾ ڪير پڄي”اقتداري سياست جا پڄاري اهي ضمير فروش ڪڏهن انگريزن جي وفادار ساٿين جي روپ ۾، ڪڏهن آمريت جي معاون ۽ مددگار جي روپ ۾ ته ڪڏهن جمهوريت جي کل ۾، هميشه پنهنجن جي مخبري ڪري، دغا ڪري ۽ پنهنجن جي پٺي تي وار ڪري جاگيرون ۽ جائيدادون گڏ ڪندا رهيا آهن انعام و اڪرام ۽ خطابن سان نوازيا ويا آهن.“)

 

ڪا گھڙي گذري جو بچو به اچي ڪڙڪيو.”ابا اجھو !“ چاچي قادن چيو”وڏي عمر ٿئي بچا اصل هاڻي تنهنجي ڳالهه ڪئي سين… ابا سمن!! هيڏي هن انقلابي کي به ڪو چڪو پيار ته مغز جاءِ تي اچيس…!“

( چاچو قادن ۽ بچو اصل نه ٺهن بچي جون وڏيرن، سردارن ۽ پيرن خلاف ڳالهيون چاچي قادن کي زهر لڳنديون آهن. ڪالهه شام بسن جي اڏي وٽ ٿيل جلسي کان پوءِ چاچي قادن مون کي چيو

” ابا توهان ڪجھ سمجھايوس ڪونه ٿا وتي مالڪن ۽ مرشدن خلاف بڪواس ڪندو ! پنهنجي ته قيامت ڪاري ڪئي ٿئين پر ادي کي به اچي راڄ ۾ لڄايو اٿئين. بابا سردار وڏا آهن، ابا آهن. پوئين ڀيري به پوليس بچي کي اصل ڪونه ڇڏي ها ! صوبيدار وڏو چئي ته اصل نه ڇڏيانس ڪالهوڪو وات ڳاڙهو ڇورو وتي معزز ۽ معتبر ماڻهن لاءِ گھٽ وڌ ڳالهائيندو…پوءِ به ڀلو ٿئي مالڪن جو، وري به انهن ڇڏايس. ادي جي ۽ منهنجي ڏاڙهين جي لڄ رکيائون ادي جو پٽڪو ته اصل سردار پيرن تائين پهچڻ ئي نه ڏنو هڪل ڪري ڪمدار کي چيائين ته صوبيدار سان گھٽ نه ٿيندي !! پڇڻ کانسواءِ منهنجي ماڻهن ۾ هٿ ڪيئن وڌائين !!. شابس هجيس بابا. وڏي نظر وارا آهن. اوکي ويل اکيون بند ڪرڻ وارن مان ناهن.“

 

پوئين پڙي تي ته چاچو ۽ بچو اصل هٿين پئجي ويا…

”چپ ڪر ڇورا !! “ چاچي قادن وڃي جتي ۾ هٿ وڌا ” نه ڪو حيا ٿئي نه شرم !! مالڪن جا سڀ ٿورا لاهي ڇڏيئي… اڙي جي پڻهين ڀيرين مالڪي نه ڪن ها ته جيڪر ٻن اٺاسن جي بدلي پڻهين صحيح سلامت موٽي ها ڇا !؟؟ ڌاڙيل قهري هڻي ڳڀا ڪري وجھنس ها….“) 

 

”هي ڪٿي ٿو چڪي چکي چاچا !! “سمن دانهن ڪئي ”هن کي انقلاب جو نشو ٿئي !! هن کي ڪنهن چيني موئي ٽنگ (مائوزي تنگ) چين جي چڪي پياري آ، هي جڳ جهان مان سڀ ”س“ ختم ڪندو.“ بچو پنهنجي ڳالهين ۽ تقريرن ۾ سامراج، سردار، سرمائيدار وغيره جا لفظ بار بار استعمال ڪندو آهي تنهن ڪري سمن سندس ڪم دنيا مان ”س“ ختم ڪرڻ پڪو ڪيو ٿس.

 

”بابلا ! هن سين سمن جي پارت اٿئي !!“ سمن هٿ ٻڌندي بچي کي چيو.

 

”چڱو هاڻي اٿ ! س سمن نه ته ڪيان نه توکي به لسٽ ۾ شامل …“ بچي ساڻس ڀوڳ ڪرائيندي چيس.

 

”ها يار ميلو متل ڇڏجي…اٿي پئو جمعا !! چيلهه ڀڳل ٿئي ڇا ؟ جتي ڏس ڍير لڳو پيو آ…اٿ هاڻي ڌرتي جا بوجھ…! زمين ئي ويهاري ڇڏي ٿئي…“

 

مان زمين تي تريون کوڙي اٿي کڙو ٿيس ۽ مڪان جي در مان جيئن تيئن ڪري لنگھي ويس.ٻاهر گگھ اونداهه هئي اک نه ڏسي گوڏو…مڪان کان ٿورو اڳ ڀرا ٿياسين ته بندوق جو ٺڪاء ٿيو.

 

”چور ٿئو وڏا…! هوشياري…هوشياري…“ سمن الرون ته ائين ڪيون ڄڻ ڀڄي وڃي چور کي ٻک وجھندو پر وڻ جو ٿڙ سمجھي جو لٺ هنئي مانس ته رڙ ڪري چيائين” ساهي ته پٽڻ ڏي پٽيا…!!“

 

”چور ڪونهن…آيا ٿئي ويري…“مون چيو”ڪالهه هنن جو ماڻهو مئو آ ايندا ته ضرور پلاند ڪرڻ…“

 

”اسان ٿورئي ماريو آ، جن ماريو هجي وڃي تن سان پلاند ڪن“ سمن چيو.

 

”جھيڙو ته سالن کان اسان جي قوم سان اٿن نه…“ مون وراڻيو.

 

”راڄ ۾ جھيڙا جاگيردارن جي شهه تي سندن پالتو ڪتا ڪن ۽ ڀوڳيون وري اسان غريب…“بچي جذباتي انداز ۾ چيو.

 

”پاڻهي قلندر قهر ڪندن…!“ سمن چيس ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي…تون ڪو الڪو نه ڪر ويهي رنگي جا رنگ ڏس….ها!!“

 

”اسان به ڪونه ڇٽاسين.!!“ بچي مايوسي مان ڪنڌ لوڏيندي چيو ”اسان هنن جي اوطاقن تي وڃون ته سندن جتين تي ويهون ۽ جي هو اسان جي تڏي تي ڪو ٽئين چوٿين سال ووٽن لاءِ به رڳو حڪم ڏيڻ اچن ته اسان کين پنهنجي ڪلهن تي کنيو مٿن گلن جي ورکا ڪيو، نچيو، واڇون ٽيڙيو پيا مٿن صدقي ٿيندا آهيون. اهي مڪار، چالاڪ، عربن جا دلال، ڌرتي دشمنن جا ايجنٽ ڪڏهن به اسان جا سڄڻ ڪونه ٿيندا..! ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ جھل پل بنا اهي پنهنجن ظلمن، زيادتين ۽ ڏاڍاين ۾ ويندا اڳي کان اڳڀرا ٿيندا… هاڻي گھڻو ٿي ويو هاڻي سوچڻو پوندو… ڳالهائڻو پوندو… ٻيو ڪو حل ناهي.!!گھڻو سٺو سي گھڻو رهايو سين، نڀايو سين هاڻي اصل هڪ هڪاڻي ڀيڻ کپي. تڪليفون اينديون، سور سهبا، ڪشالا ڪٽبا پر هار ڪانه مڃبي، ڪنڌ ڪٽائبو پر جھڪائبو ڪونه…“ هن ڳاٽ اوچو ڪندي چيو ۽ ڳالهائيندو رهيو ڳالهائڻ تي اچي ته ڪير پڄيس ”هي رڳو اسان جي ڌرتي ٽامون ڪونهن ڪيو ويٺا سڄي دنيا ۾ مسڪينن کي محڪوم بنائڻ ۽ هيڻن کي مظلوم بنائڻ جو رواج رهيو آهي. پر تاريخ ۾ اهي قومون به آهن جن اهڙين داداگيرين ۽ بدماشين خلاف ڪنڌ کڻڻ جي جراءت ڪئي، موت جي منهن ۾ منهن ڏنا اٿئون، ڪاتن اڳيان ڪنڌ ۽ سولين ۾ سر وڌا اٿئون، ظالمن جي اکين ۾ اکيون ملائي هنن پنهنجي قسمت بدلائي آهي پنهنجو نصيب پاڻ لکيو اٿئون.“

هن جي چپ تي ماحول ۾ اونداه کان به گھري خاموشي ڇائنجي ويئي. حقارت، نفرت ۽ اندر جي جيڪا به باهه بچو جي سيني ۾ هئي ساڄڻ هن ٻن منٽن ۾ ڪڍي وڌي.

 

”صبح ٿي ويو ڇا…!!“ سمن واري جي دڙي تي چڙهندي پڇيو.

 

”مٿو ڦريو ٿئي ڇا..!!؟؟ سج اڀرڻ ۾ اڃا پورو پهر هيو آهي “ مون وراڻيو.

 

”پوءِ هي يارو (سندس ڀاء) مينهن پڙي تي کپائڻ لاءِ رات جو ئي نڪري پيو آهي ڇا.؟“ هن دڙي جي پاسي کان مينهن ڪاهي لنگھندڙ همراه ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

مون آڱرين جي زور سان اکيون پٽيندي ڏٺو ۽ رڙ ڪري چيم ”هوشياري وٺ سمن !! چور ٿئي… تنهنجي مينهن وڃئي ٿي…“

 

”متان ويو ئين….!!!“ سمن چور کي للڪاري ڏانهس وڌندي چيو.

 بچي سمن کي ٻانهن کان جھلي ورتو ۽ چيائينس”پاڻهي قلندر قهر ڪندن.. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي…تون ڪو الڪو نه ڪر ويهي رنگي جا رنگ ڏس….ها!!“

 

”هئي ڙي هئي..!!!“ سمن ڪاوڙ مان ٻانهن ڇڏائيندي چيو ”واهه جو سڄڻ ٿيوئين …!“سمن نڪا ڪئي هم نه تم وڃي چور کي سوڙهو پيو. سمن جي هٿ ۾ ٺهوڪي لٺ هئي پر چور وٽ پستول هو، گولي هلي ته مان به گھٽ نه ڪئي سمن سان سر لڳي. واري جي دڙي تان جو چور مٿان ٽپ ڏيئي ڪريس ته وايون ئي بتال ٿي پيس سمجھيائين ڪا ڇپ ڪري پئي، جيئن ڪريو تيئن ئي ٺاپرجي ويو اصل چريو ئي ڪونه…

 

”چيلهه ڀڄي پئي اٿس…“ بچي کيس لت سان سڌو ڪندي چيو. مون پاسي ۾ سمن کي هٿ ڏيئي اٿاريو ٻانهن مان رت پئي وهيس گولي کيس ڇهندي نڪري وئي هئي. وڏي مڙسي ڪئي هئائين همٿ نه ڪري ها ته هٿ هڻي ها. 

اياز علي رند 

مجروح خيال


سمنڊ ڪناري تي واري جي تھ مٿان اسان ٻئي پنهنجي قدمن جا نشان ڇڏيندا وليج هوٽل کي گھڻو پوئتي ڇڏي آياسين.

”لڳي ٿو تنهنجي قسمت خراب آهي “ ڌاريي چيو ”سيڪريٽريٽ جي جنهن سيڪشن آفيسر کي سردار صاحب کان تنهنجي پارت ڪرائي سين تنهن به ڪالھ سيڪريٽريٽ جي چاڙهين تان بلاٽيون کائي اچي ڌرتي تي سجدو ڪيو لوندڙي مان ڀڳل پراڻين ڪرسين جي ڪنهن ڪنڊپاسي ميڄالو ڪڍي وڌس.“

”منهنجي قسمت ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خراب هوندي جو سانوڻ جي پهرين ڪڻ ڦڻ ۾ سمنڊ ڪناري تي توسان گڏ پيو ڦران“ مون ڪاوڙ ۾ چيو.

 

ماستر سوجھري جي مدد سان ڪاپي ڌاپي ڪري ۽ ڌڪي سڪي جڏهن مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته ڪمدار دودي کي منٿ سنٿ ڪئي سين جنهن سردار صاحب کان چئوچوان ڪرائي سنڌسيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ ڪلارڪي جي نوڪري وٺرائي ڏيڻ جو آسرو ڏنو هو پر بدقسمتي سان جنهن سيڪشن آفيسر هٿان منهنجو ڪم ٿيڻو هو تنهنجو پنهنجو ئي ڪم پورو ٿي ويو.

ڪراچي ۾ مان گلستان جوهر جي اقراء ڪامپليڪس ۽ ڌاريو رابعه سٽي ۾ رهندو آهي، رابعه سٽي هونئن ته چڱو چوکو پراجيڪٽ آهي بس پاڻي جو ٿورو مسئلو اٿس، فليٽن جون ٽينڪيون خالي باقي گھٽيون توڙي چاڙهيون وغيره پاڻي پاڻي لڳيون پيون هونديون اٿس. سج لهندي ئي چمڙن جو حملو شروع ٿي ويندو آهي منهنجي دلي خواهش آهي ته ڪنهن ڏينهن ڪو چمڙو ڌاريي جي ڪن کي چنبڙي پوي.

 

اسان ٻئي اڪثر شام جو جوهر چورنگي ويجھو جوهراسڪوائر جي بگل واري پٺاڻ جي هوٽل تي هڪ سادي چينڪ گھرائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڄمائيندا آهيون. ڌاريو ڪاروباري ماڻهو آهي سالن کان ڪراچي ۾ آهي ۽ سال ۾ تقريبن ٻه ٽي ڪاروبار مٽائيندو آهي. عامر خان جي من فلم ڏسڻ کان پوءِ اڪثر چوندو آهي ته منهنجو من چنچل آهي ڪنهن هڪ شيءَ تي ٽڪي ئي ڪونٿو جي مون کي ڪا سچو پيار ڪرڻ واري ڇوڪري ملي پوي ته عامر خان وانگر مان به سڌري سگھان ٿو.

 ڪراچي ۾ ماڻهو وڌيڪ آهن يا گاڏيون ان جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي پر ڌاريو چوندو آهي ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد عورتن جو آهي. عورتون هميشه ڌاريي جي نشاني تي هونديون آهن. ڪراچي ۾ شادين جي ناپائيداري بابت ڌاريي جو چوڻ آهي ته هتي ڪجھ شاديون هڪ ٻئي کي سمجھي نه سگھڻ ۽ اڪثر شاديون هڪ ٻئي کي سمجھي وڃڻ ڪري ٽٽنديون آهن.

 

”ماڻهو پنهنجين زالن سان گڏ هوندا آهن ته خوش نظر ايندا آهن ۽ زالن کانسواءِ واقعي خوش هوندا آهن“  سمنڊ ڪناري تي خوش نظر ايندڙ جوڙن جي خوشي ڌاريي کان برداشت نه ٿي سگھي.

”تون تنقيد کان سواءِ به ڪجھ ڪري سگھين ٿو؟“ مون پڇيو.

”ها !! مان تعريف به ڪري سگھندو آهيان“ هن ڪاوڙ مان وراڻيو”هو ڏس هو عورت ڪيڏي نه شريف آهي پنهنجي مڙس سان به ڪيتري عزت سان پئي ڳالهائي، ۽ هو ڏس هن همراه کي به پنهنجي زال سان ڪيڏي محبت آهي جو هر ايندڙ ويندڙ مائي کي گھوري پيو ڏسي شايد کيس هر عورت ۾ سندس زال جو چهرو ٿو نظر اچيس.“

”چڱو ڀلا مون کي ٻڌاءِ ته حسن تنهنجي نظر ۾ ڇاهي؟“ مون پڇيو،

”هر اهو شخص منهنجي نظر ۾ حسين آهي جيڪو بدشڪل ناهي“ سمنڊ ڪناري تي پٿر جي ٺهيل ڀت تي ويهندي هن چيو. مان سندس سامهون بيهي رهيس.

”۽ بدشڪل جي تو وٽ ڪهڙي ڊيفينيشن آهي؟“

”جنهن کي ڏسي کل اچي!“

اهو ٻڌي مون کان کل نڪري وئي ۽ ڌاريو شڪي ٿيڻ لڳو.

 

ڪي پهرسمنڊ جي واري لتاڙڻ کان پوءِ اسان مختلف ڪمپنين جي ڪٻاڙي پرزن سان مستري ملوڪ شريف جي هٿان ٺهي جڙيل موٽرسائيڪل تي چڙهي جوهر پهتاسين. موٽرسائيڪل کي سنگھرن سان سوگھو ڪيوسين ۽ چار ماڙ چڙهڻ جو سوچي هڪ ٻئي ڏانهن ساڳي ئي سائت بيزاري ۽ همدردي سان ڏسڻ لڳاسين.

ٻي ماڙ تي هڪ ڪراڙي کي پنهنجي ئي گھر ۾ جهانڪيندو ڏسي ڌاريي چيو”مهل تي شادي نه ڪجي ته مڙس گھٽ محافظ وڌيڪ رهڻو پوندو آهي“

”ڪراڙو نڪو ٿو مري نڪو ٿو منجي ڇڏي!“ مون چيو

”سولي ڳالھ آ !! “هن وراڻيو”ماڪا کان انٽرويو ڪرائينس.“

پورو پلازه اسان جي ٽهڪن سان گونجڻ لڳو.

”پنهنجن ڪنوارن هٿن سان جي چانهن پياريو،

ته اوهانجي ان نوازش تي قربان ٿئي ڌاريو.

نه رڳو ڌاريو پاڻ پر سندس شاعري به اڻ گھڙيل ئي هوندي آهي.

”ڇو ٿو شاعرن جون پٽون کڻين“ مون کيس ٽوڪيندي چيو ”رديف مليس نه وزن ٺهيس هليو مڙس شاعري ڪرڻ…“

”توکي ڪهڙي خبر بي ذوق انسان ! چوندا آهن جي خيال ڪوئي مجروح ٿئي ته رديف ته ڇا ڪافيا به ٽوڙي سگھجن ٿا.“ ڌاريي شاعرانه انداز ۾ چيو.

”۽ جي شاعر جي جاءِ تي ڪنهن جنرل جو خيال مجروح ٿي پوي ته رديف وارو حشر آئين سان ۽ ڪافيي وارو حشر ملڪ سان ٿي سگھي ٿو. 

اياز علي رند