موسم

برٽرنڊرسل جو چوڻ آهي ته ”ماڻهو اظهارِمحبت ۾ يا ته ان خوف کان ڪيٻائيندا آهن ته جيئن کين ان ئي شخص کان تڪليف نه پهچي جنهن سان هو پيار ڪن ٿا يا وري دنيا جي ملامت جو نشانو نه بڻجي وڃن. اخلاق ۽ دنياداري جي نالي تي احتياط جي صلاح ڏني وڃي ٿي. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته محبت جي معاملي ۾ فياضي ۽ جرت کي مسخ ڪيو ٿو وڃي جنهن سان اندر ۾ بزدلي ۽ دنيا خلاف نفرت پيدا ٿيو پوي. کوڙ سارا ماڻهو سڄي ڄمار انهي بنيادي ضرورت لاءِ سڪندا رهن ٿا.“ ڌاريي چيو.

”تِنهن جي معنى ته جنهن سان تو لائون لٿيون اها تنهجي محبت ناهي“ مون پڇيو ”ڇا نڪاح ۾ توکان پڇيو نه ويو هو ؟ ڇا تو کيس نڪاح ۾ قبول نه ڪيو هو؟“

”مون هميشه هر مصيبت کي چئلينج سمجهي قبول ڪيو آهي.“ هن ڳالهه کي مزاق ۾ ٽاريندي چيو.

”۽ تنهنجي ڇا اسٽوري آهي ؟؟؟“ مون جميل کان پڇيو.

”مان اڃا ويٽنگ لسٽ ۾ آهيان…“ هن وراڻيو ”مون کي ضرورت آهي هڪ اهڙي شفيق ۽ مخلص عورت جي جيڪا سموري ڪائنات ۾ سڀ کان وڌ مون کي چاهي. هو صبح جو مون کي آفيس وڃڻ لاءِ الوداع چوي ته منهنجي فڪر سندس اکڙين ۾ نمي پيدا ڪري ڇڏي. جيڪا سڄو ڏينهن منهنجي واپسي جي منتظر رهي ۽ منهنجي واپسي سندس چهري تي خوشي وچان بي اختيار معصوم مسڪراهٽن جا گل وکيري وجهي. اهڙي عورت جيڪا منهنجي معمولي تڪليف سبب به سمهي نه سگهي ۽ منهنجي معمولي ڪاميابي کي به هو پنهنجي وڏي ۾ وڏي خوشي جيان سيليبريٽ ڪري. هو مون کي ايترو چاهي جو تڪليفن ۾ فقط کيس سوچڻ سان ئي مان سڪون محسوس ڪيان ۽ سندس محبت جو احساس ست سمنڊ پار تائين به منهنجي لاءِ تسڪين جو باعث بڻجي. ڪا محبت جي ديوي هجي يا چاهت جو مينار هجي جنهنجي بيپناهه محبت بي لوث هجي ۽ هو مخلص محبت جي زنده مثال لڳي…“

”تو کي محبوبه جي نه پر ممتا جي تلاش آهي“ ڌاريو جميل جي رومانوي موڊ کي تهس نهس ڪندي چوڻ لڳو ”تون چوين ته مائي خانل کي منٿ ڪجي ويچاري جي نويڪلائي جي ڪري مت ئي کسجي وئي آهي وتي سروٽن سان ٻار ڊوڙائيندي…“

”مان توکي زنده نه ڇڏيندس…!!!“ هن ڌاريي جي گريبان ۾ هٿ وجهندي چيو”وڏو بڇڙو ڪندو مانئين..!!“

”ڇڏيو يار ! ٻار آهيو ڇا !؟“ مون ٻنهي کي ڌڪيندي چيو. جميل بي اختيار صوفي تي وڃي ڪريو ۽ ڪاوڙ منجهان صوفي جي گدي کي نپوڙڻ لڳو. ڌاريي جون حرڪتون ڪڏهن ڪڏهن کيس آپي مان ڪڍي وجهنديون آهن. هو موقعو مهل ڏسي نه ڳالهائيندو آهي. جميل جو چوڻ آهي ته انهن حرڪتن جي ڪري ڌاريو سندس نظرن مان ائين ڪرندو ٿو وڃي جيئن ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپيو.

”پڙهيل لکيل آهيو يار ! “ مون چيو ” پڙهيل لکيل ماڻهن جيان بيحيو ڪيو… توهان ته…!“

”اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي“ ڌاريي چيو ”پڙهيل لکيل پاڻ وٽ بيروزگار ٿيندا آهن ۽ پيا ڌڪا ٿاٻا کائيندا آهن، پر اڻپڙهيل وزير ٿيندا آهن مشير يا مشيرن جا مشير ٿيندا آهن…“

”چـڱو چڱو !! هاڻ تون پنهنجو فلسفو جھاڙڻ بند ڪر!!!“ جميل کار کائيندي چيو ”اهو سوچيو ته رپورٽ به فائنل ڪرڻي آهي نه ته سڀاڻي بي موت مارجي وينداسين“

”ايترو جلدي ممڪن ناهي“ مون وراڻيو ”اڃا ڪجهه ڏينهن لڳندا“

”پر…!!! باس ته سڀاڻي جي ڊيڊ لائن ڏني آهي ۽ هي ڪا سياسي ڊيڊ لائن ناهي  وڏا …!! “ جميل چيو ”هتي روزي روٽي جو مسئلو آهي ۽ هتي فقط هڪ اصول آهي ته باس از آلويز رائيٽ….!!“

”تنهجو ڇا خيال آهي؟“ جميل ڌاريي ڏانهن تڪيندي پڇيو.

”منهنجي نظر ۾ هڪ نااهل شخص جيڪو پوري آفيس ۾ فقط پاڻ کي ئي اهل ۽ باقي سڀني کي نااهل سمجھي ان کي باس چوندا آهن“ ڌاريي جواب ڏنو.

”فلسفو نه حل ٻڌاءِ…اولاد ِ ارسطو…!!! “ جميل ڏند ڪرٽيندي چيو.

”حل سوچڻ لاءِ هي ماحول سازگار ناهي “ هن چيو ”ڪنهن کلي فضا ۾ ويهي ڪا رفريشمينٽ وغيره ڪجي موسم جو مزو وٺجي ۽ پيٽ ۾ ڪجهه پوي تڏهن وڃي ڪو دماغ ڪم ڪندو…“

”ڪجهه عرصي کان عجيب موسم ٿي پئي آهي “مون بالڪوني طرف وڌندي چيو ”ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته گرمي آهي يا سردي ؟ خشڪي آهي يا نمي ؟ کن پل لاءِ هوائون سرگوشي ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ اڳين ئي پل ۾ ٻوسٽ ماحول کي جڪڙيو وجهي.“

”اهڙي موسم ته گهڻي وقت کان ملڪي فضا تي ڇانيل آهي“ ڌاريي مون ڏانهن وڌندي چيو ”سمجهه کان ٻاهر آهي ته جمهوريت بحال ٿي چڪي آهي يا نه؟ سنڌ جي اڪثريتي پارٽي جي حڪومت جو اسٽينڊ سنڌڪاز جي حمايت ۾ آهي يا مخالفت ۾؟ بجلي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ منصوبن تي عمل جي ابتدا ٿي چڪي آهي يا اڃا منصوبا سوچڻ لاءِ پيو سوچجي؟ وقت جي هڪ ذهين ليڊر جي بي رحم قتل کان پوءِ اقتدار ماڻِيندڙ ان جي ئي پارٽي جو نظريو اڃا ساڳيو آهي يا نه؟ پنهنجي پارٽي جي مقتول ليڊر جو پلاند وٺڻ ۾ حڪمران سنجيده آهن به يا نه؟ يا ان قتل جو پلاند ٿي چڪو آهي يا وري اڃا ٿيڻو آهي؟ ڪجهه به ته سمجهه ۾ نٿو اچي…سڀ ڪجهه سمجهه کان ٻاهر ئي ته  آهي…!!ٰ“

داغدار ماضي

 ڪاليج جي ڀتين مون کي وهشت ڀريل نظرن سان پئي گھوريو ۽ مان ماضي جي تلخ يادن جو پڙاڏو محسوس ڪرڻ لڳس. منهنجي وجود ۾ هڪ خوفناڪ لرزش جو احساس هو سوچن جو ذهن تي ڄڻ سمنڊ اٿلي پيو هو. بي انتها چاهت جي يادگيرين سان گڏ روح کي ايذائيندڙ خوفناڪ منظر پڻ هيا. هڪ طرف محبت جو بيپناه حسن هو ۽ ٻي طرف وهشتي حرڪتن جو هنياء ڏاري وجھندڙ احساس هو.

تن ڏينهن ۾ اهڙو نه هوس جهڙو اڄ آهيان منهنجي هاڻوڪي شخصيت جي پرورش جيل ۾ سماجي، سياسي ڪارڪنن ۽ اديبن سان گذاريل ڏينهن دوران ٿي آهي. مون کي ڪتاب پڙهڻ جي عادت پڻ اتان ئي پئي.سياست جنهن جو ڪاليج وارن ڏينهن ۾ مون ڌوڪيبازي، بدماشي ۽ مڪاري مطلب ٺاهي ورتو هو سا هڪ مقدس روپ ۾ منهنجي سامهون نروار ٿي آهي.

مان ڪامرس بلاڪ کان ٿيندو لائيبريري اڳيان لنگھيس ته قدم رڪجي ويا منهنجو رخ ڪنهن دلفريب ڇڪ سبب لائيبريري ڏانهن ٿي ويو. ڪاليج وارن ڏينهن ۾ مان هتي ڪڏهن به پڙهڻ جي نيت سان نه آيو هوس مون کي چڱي طرح ياد آهي ته لائيبريري جي خاموش ماحول کي خراب ڪندڙ شرارتي شاگردن جي ٽولي جو مان نمايان ڪردار هوس پر تنهن هوندي به فقط لائيبريري ئي پوري ڪاليج ۾ منهنجي لاءِ پنهنجائپ ۽ پناهگاه وارو درجو رکندڙ آهي.منهنجي خاموش محبت جي گواهن مان هاڻي مون وٽ فقط هي لائيبريري ئي آهي. هي اها جاءِ آهي جتي مون پهريون ڀيرو پره کي ڏٺو هو. نيري وڳي ۾ سندس حسن نکري پوندو هو. هو حورن ۽ پرين جي تصور کان به وڌيڪ سهڻي هئي. هن جي مسڪراهٽ ۾ معصوميت ۽ انداز ۾ سادگي هئي سندس سونهن کي ڪنهن سينگار جي ڪاڻ ڪانه هئي. سهيلين جي ٽولي ۾ هو ڪنهن راڻي جيان نمايان ٿي پوندي هئي. ڪاليج جي ٻن سالن دوران هو جڏهن به منهنجي سامهون آئي مان کانئس نظرون هٽائي نه سگھيس منهنجي مسلسل گھورڻ جو کيس اندازو به هيو.هو مونکي ڪنهن خوبصورت خواب جي حسين ساڀيان لڳندي هئي هن کي فقط ڏسڻ سان ئي جنهن سڪون جو احساس پيدا ٿي پوندو هوتنهن مونکي هميشه محبت جي اقرار کان غافل رکيو. هندي فلم جي ڪنهن هيروئن جيان ساڻس هميشه هڪ سائيڊ هيروئن گڏ هوندي هئي جيڪا مونکي سدائين طنزسان ڀريل نگاهن سان ڏسندي هئي شايد اندر ئي اندر ۾ منهنجي حال تي کلندي هوندي. تن ڏينهن ۾ مان اڪثر مڪيش جو ڳايل گيت ”مين جانتا هون ڪي تو غير هي مگر يون هي ڪبهي ڪبهي ميري دل مين خيال آتا هي…“ وڏي چاه سان گنگنائيندو هوس.

لائيبريري ۾ ڳچ وقت گذارڻ کان پوءِ مان ڪاليج جي بلڊنگ کان ٻاهر نڪري آيس محبت جي حسين يادن جي سلسلي کي ماضي ۾ ڪيل ڏوهن وڪوڙڻ شروع ڪري ڏنو. مون پنهنجي جذبن کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر حقيقت جو عڪس ذهن جي پردي تي نروار ٿيڻ بنا رهي نه سگھيو.مون کي سڌارڻ لاءِ تن ڏينهن ۾ مائٽن وڏا جتن ڪيا ها پر مون مان اهڙي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر هئي. مان بدماش شاگردن جي ٽولي جو بدمغز اڳواڻ هوس پڙهڻ تي ڌيان ڏيندڙشاگردن کي مان سياڻپ بجاءِ بزدلي سمجھندو هوس ۽ پنهنجي چريائپ کي بهادري. استادن کان وٺي ڪنٽين جي بيرن کي تنگ ڪرڻ ۽ بل نه ڏيڻ تائين ۽ امتحانن ۾ خلل وجھڻ کان وٺي مسڪين شاگردن سان وڙهڻ تائين هر جرم کي مان پنهنجي ڪاميابي ۽ سوڀ تصور ڪندو هوس. تڏهن مان زندگي جي تلخ حقيقتن کان اڃا اڻواقف هوس. مون پنهنجي مستقبل لاءِ ڪنهن يونيورسٽي بجاءِ جيل جو رستو چونڊيو هو ۽ پنهنجي جسم تي موجود لوهي راڊن، سنگھرن ۽ گولين جي جن نشانن کي اڄ مان بدنما داغ تصور ڪيان ٿو اهي نشان تن ڏينهن ۾ مان وڏي فخر سان دوستن کي ڏيکاريندو هوس ۽ پنهنجي سورهيائي جا قصا وڏي زير زبر سان پيش ڪندو هوس.مون کي ذرو به احساس نه هو ته پنهنجي قومي تشخص کي مون ائين بدنام ڪيوهو جيئن مڪانن ۽ اوتارن تي ڀنگ، چرس ۽ آفيم جو نشو ڪندڙ موالي حضرت علي جي نالي کي ڪندا آهن. مون کي اڄ پنهنجي غيرسنجيده گذاريل گھڙين ۽ جيء جھوري وجھندڙ بي ضمير حرڪتن تي پڇتاء آهي. مان نه رڳو پنهنجي ضمير ۽ مائٽن جو مجرم آهيان پر انهن سڀني خاندانن جو جن جا نوجوان منهنجي ڪري يا ته پڙهائي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا يا وري دنيا ڇڏڻ تي. مان هڪ نسل جو مجرم آهيان، هڪ قوم جو مجرم آهيان.

وقت جيڪڏهن ورڻ تي آماده ٿي پوي ته مان جيڪر پنهنجو هر جرم هر گناه پنهنجي رت سان به ڌوئڻ لاءِ راضي ٿي پوان پر هاڻي اهو ممڪن ناهي ويل وقت موٽڻو ناهي ۽ گھريل گھڙين جو ازالو ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. منهنجو وجود منهنجي لاءِ دوزخ جي باه کان گھٽ ڏنڀيندڙ ناهي ۽ منهنجو ضمير دوزخ جي داروغي کان گھٽ ايذائيندڙ ڪونهي. مون پنهنجي اندر جي اڻتڻ کي دٻائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام ٿي ورندي محسوس ڪيو آهي مان ٻوسٽ ۾ گھريل جاندار جيان جھنجھوڙي رهيو آهيان. تاريخ ۾ مان پنهنجي ڪردار کي بدلائي نه سگھندس، ماضي جي داغن کي مٽائڻ جي سگھ حاصل ڪري نه سگھندس. ڪڏهن به نه……شايد ڪڏهن به نه……………!!

 

اياز علي رند 

 

زندگي

“زندگي درد جو ٻيو نالو آهي يا آزمائش آهي. پل صراط پار ڪرڻ ڏکيو مرحلو آهي يا زنده رهڻ وڌيڪ تڪليفده !. هر ماڻهو وٽ پرکڻ جا پنهنجا پنهنجا انداز ۽ زاويه هوندا آهن جنهن جي روشني ۾ ماڻهن زندگي لاءِ مختلف نالا ۽ وصفون گھڙيون آهن. پر جتي اها هڪ حقيقت آهي ته تقريبن هر شخص زندگي کي ڪٺن ۽ ڀيانڪ ثابت ڪرڻ لاءِ مختلف پر هم معنا تشبيهون ڏنيون آهن اتي زندگي سان لاشعوري طور تي پيار ۽ موت کان نفرت جو فطري جذبو پڻ هر ماڻهو ۾ موجود رهيو آهي. انسان ڪونه ڪو فاعدو حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي وڏي ۾ وڏي تڪليف سهڻ لاءِ ته تيار ٿي سگھي ٿو پر موت کيس ڪنهن به مراعت جي بدلي ۾ قبول ڪونهي. الائجي ڇو پر زنده رهڻ جي چاهت هر اذيت تي غالب اچي ويندي آهي…”

زوردار گھنڊ وڄڻ سان ڪلاس جي خاموشي گوڙ ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ ليڪچرار صاحب ميز تان پنهنجو فائيل کڻي ڪلاس روم مان ٻاهر نڪري ويو.

“غزل لاءِ چون ٿا ته ڪجھ وڌيڪ ئي آزاد خيال ڇوڪري هئي” ڌاريي چيو.

“توکي ڪهڙي تڪليف آهي” مون وراڻيو.

“مون کي تڪليف ڇا لاءِ ٿيندي !؟ ائين ئي پئي پڇيم” هن ونگ مان گزرندڙ شاگردن جي پيهه مان ڏاڍي ڏکيائي سان پاسيرو ٿي گذرندي چيو “آزاد نظم جي باري ۾ ٻڌو هئوسين پر آزاد غزل پهريون ڀيرو ٻڌڻ جو اتفاق ٿيو آهي.”

“ڇا ظهير هن جي باري ۾ واقعي سنجيده هو ؟” هن ورائي پڇيو.

“توکي ائين ڇو ٿو لڳي ته ظهير هن ۾ انٽريسٽڊ هو”

“ڪڏهن ڪڏهن نگاهون اهو ڪجھ چئي وينديون آهن جيڪي ٻڌائڻ زبان جي وس کان ٻاهر هوندو آهي.” هن چيو “غزل جي ذڪر تي ظهير جي چهري جا تاثرات گھڻو ڪجھ ٻڌائي ويندا آهن.”

“تو کي خبر آهي نه ته سنجيده ڳالهيون تنهنجي مهانڊي تي سوٽ نه ڪنديون آهن” مون چيو.

”ها ها ها ! ها ها ها !!“ هو دل کولي کليو ۽ مون مسڪرايو. اسان ٻئي هلندا رهياسون.

”موڪل جلدي ختم ٿي وئي“ مون چيو ”۽ اڄ پهرين ڏينهن تي ڪاليج ۾ حاضري به گھٽ آهي.“

”موڪل هميشه ننڍي لڳندي آهي“ ڌاريي چيو ”جي ڊگھي لڳي ته پڪ سان موڪل نه بيروزگاري هوندي.“

”تو ٻڌايو ڪونه !؟“ هن ورائي پڇيو ”ڇا ظهير جي ساڻس سچي محبت آهي.“

”سچي محبت ته تون ايترا ڀيرا ڪري چڪو آهين جيترا ڀيرا سگريٽ پيڻ ڇڏيا اٿئي“ مون چيو.

”تمباڪو نوشي ڇڏڻ ۾ منهنجو تجربو ايترو آهي جيترو ڪنهن لوور مڊل ڪلاس پوڙهي جو اوور ٽائيم سميت به نوڪري جو نه هوندو“ ڌاريي چيو.

محبت ڌاريي جي نظر ۾ هڪ آرٽ آهي ۽ سندس خيال موجب محبت جو سائنس سان پري پري تائين ڪو تعلق ڪونهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن محبت ۾ جڏهن ٻٽنگو ڦاسندو آهي تڏهن اها ئي ساڳي  محبت کيس الجبرا لڳندي آهي.

سندس چوڻ آهي ته ڪن ماڻهن جو ڳالهائڻ وڻندو آهي ته ڪن جي خاموشي، ڪن جو ڏسڻ وڻي ته ڪن جو نظر انداز ڪرڻ به گھايو وجھي، ڪي گوري رنگ جا ديوانه هوندا آهن ته ڪي مشڪي محبوبن جا عاشق پر هو (ڌاريو) آلرائونڊر آهي. هن جي نظر ۾ ته ڪرڪيٽر به تيسيتائين آل رائونڊر نه ٿو چورائي سگھي جيسيتائين کيس بالنگ ۽ بيٽنگ سان گڏ سٽي بازي نه ايندي هجي.

هن جي هر محبت شروعات ۾ سچي محبت هوندي آهي ۽ بعد ۾ سندس راءِ اهڙي ڪنهن مصور سان ملندڙ جلندڙ ٿي پوندي آهي جنهن کي پنهنجي هر پينٽگ شروع شروع ۾ سندس بهترين تخليق لڳندي آهي پر ڪجھ وقت کان پوءِ جڏهن سندس بهترين تخليق جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو آهي ته چوندو آهي ته اها اڃا هن ٺاهي ئي ناهي.

”دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت سان وڙهڻ ۽ ان کي شڪست جو مزو چکائڻ جي قابليت يا سگھ انسان وٽ موجود رهي آهي پر تقدير سان مهاڏو اٽڪائيندڙن کي ڪڏهن به فتح نصيب ٿي نه سگھي آهي. “ مون چيو.

”ڇا ظهير ساڻس اظهار ڪيو هو ؟“ هن پڇيو.

”ها !“ مون وراڻيو ”کلي ڪري اظهار محبت ڪيو هئائين ۽ پوءِ..“

”۽ پوءِ ڇا !!!؟؟؟“

”۽ پوءِ ڪافي دير تائين سندس جواب لاءِ منتظر نگاهون غزل جا چپ چرڻ لاءِ بي چين رهيون پر جڏهن اهي چپ چريا ته ڪنهن ٻئي سان دل لڳي جي داستان ٻڌائي ويا. ظهير هن لاءِ سڀ ڪجھ وڃائڻ لاءِ تيار هو مگر هو هميشه ڪنهن ٻئي جي چاهت ۾ مدهوش رهي. پر ستم ظريفي اها ٿي ته نه هو ظهير  کي ملي سگھي، نه ئي ان جي ٿي سگھي جنهن جي هن ٿيڻ پئي چاهيو ۽ ان جي ٿي وئي جنهن غزل لاءِ تپسيا ته پري جي ڳاله آهي شايد ڪڏهن گھرج به نه ڪئي هئي ۽ ان لاءِ غزل جو هجڻ يا هن جي جاءِ تي ڪنهن ٻي عورت جو هجڻ برابر هو. جن ڏينهن ۾ هو ظهير جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي ناصر جو ذڪر ڪري روئي پوندي هئي انهن ئي ڏينهن ۾ سندس هنج ۾ سر رکي ناصر ڪنهن ٻي عورت جي تعريف ڪري پيو ٻهڪندو هو. جڏهن غزل اهڙي شخص سان لائون لٿيون جنهن لاءِ اهو ڏينهن به ڪو عام رواجي ڏينهن ئي هو تنهن ڏينهن ناصر ڪنهن ٻي عورت سان هني مون تي ويل هو ۽ ظهير پهريون ڀيرو خودڪشي بابت سوچيو هو.

تقريبن هر شخص پئي ڪوشش ڪئي ته هو حوصلو ڪري. مون کي ڏاڍو عجيب لڳندو آهي جڏهن ڪنهن کي آٿت ڏيڻ لاءِ ماڻهو ان شخص سان گذرندڙ اذيت کان وڌيڪ اذيتن مان گذرندڙ انسانن جو ذڪر ڪندا آهن.! ڇا ڪنهن به شخص لاءِ ٻين جون اذيتون پنهنجي اذيت کان وڌيڪ ايذائيندڙ ٿي سگھن ٿيون !!؟ ڇا ڪنهن به شخص کي پنهنجي تڪليف پنهنجي درد جي اثر کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي جو درد محسوس ڪرائي سگھجي ٿو !!؟.. مون کي ياد آهي مون سندس ويجھو وڃي چيو هو ته

” you have no choice but to survive! “

هن هڪدم ڪنڌ مٿي کنيو هو. کن پل لاءِ ته لڳو هئم ته ظهير مون کي ٿڦ وهائي ڪڍندو.

چوندا آهن ڀرپور زندگي گذارڻ لاءِ ڪنهن جنون جو هجڻ ضروري هوندو آهي. غزل به ظهير جو جنون هئي مگر اهو ئي جنون ساڳي وقت انسان جي سڀ کان وڏي ڪمزوري پڻ ٿي پوندو آهي. ظهير وٽ ان نقصان جو ازالو نه هو پر پوءِ به هو زنده آهي شايد خودڪشي ڪرڻ ۽ زنده رهڻ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ سندس وس کان ٻاهر ٿي چڪو هو.

مسرت هجي يا اذيت جڏهن انتها تي پهچندي آهي ته انسان پنهنجي فيصلائتي سگھ وڃائي ويهندو آهي.

جبار جلفريزي

“چڱو هاڻي اٿ !!” مون سندس ڪلهي کي لوڏيندي چيو “اٿ ته جبار جلفريزي ڏي هلون…”

جبار جو نالو ٻڌي ڌاريي جي چهري تي مرڪ تري آئي “ها يار… ڪٿي آهي بيوٽي پارلر جبار جلفريزي…؟”

ڌاريو چوندو آهي ته شاعر محبوبائن لاءِ بيوٽي پارلر جو درجو رکن ٿا ان ڪري هو اسان واري شاعر دوست جبار کي به محبوبه جو بيوٽي پارلر ڪوٺيندو آهي.

“جبار جن ٿي پيو آهي ” مون وراڻيو “اڄ ڪلهه هفتن جا هفتا غائب رهڻ لڳو آهي”

“نه جبار پاڪستاني آهي… پڪو ٺڪو پاڪستاني، سندس غائب ٿيڻ ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي. جنن ۾ ڳجھا ادارا ايترا منظم، متحرڪ ۽ بااختيار ناهن جيترا اسان جي ملڪ ۾ آهن. ان ڪري غائب ٿيڻ وارو جنن جو رڪارڊ اسان پاڪستانين ٽوڙي وڌو آهي… خير!! هلڻو ڪٿي آهي؟؟؟ ” هن پڇيو.

“جبار پڪاسو هال ۾ لڳل تصويرن جي نمائش جا ٻه پاس اماڻيا آهن” مون وراڻيو.

ڌاريي کي تيار ٿيڻ ۾ گھڻي دير نه لڳي تيسيتائين مان اسٽور روم جو ڏيک ڏيندڙ سندس بيڊروم جي هڪ ڪنڊ وٽ ڪارنر ٽيبل تي رکيل اوڻويهه سئو اونده جي ٽيپ رڪارڊر کي هلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهيس.

“اچ ڊيئر..!!” ڌاريي ڪمري جون دريون بند ڪندي چيو.

مان ٻاهر نڪري آيس. ڌاريي سرن جي ٽيڪ هٽائي دروازو بند ڪيو ۽ آثار قديمه مان چورايل تالو هڻي پنهنجي انمول پراپرٽي کي سيڪيوئر ڪري ڇڏيو.

اسان هڪ موٽر سائيڪل نما سواري تي چڙهي پڪاسو هال پهتاسين. ڌاريي جي ان موٽر سائيڪل کي مان سيڪنڊ هينڊ اينڊ ڊرٽي وهيڪل چوندو آهيان. ۽ وٽس هر ڀيري اهو ئي جواب هوندو آهي ته ايوري ٿنگ ان دس ڪنٽري از سيڪنڊ هينڊ اينڊ ڊرٽي..! اِيوِن پاليٽيشنس آر سيڪنڊ هينڊ اينڊ پاليٽڪس از ڊرٽي….”

موٽر سائيڪل جو ڌماڪيدار آواز ٻڌي جبار هال مان ٻاهر نڪري آيو. سندس ڳچي ۾ هيڊي رنگ جو ڪارڊ لٽڪيل هو جنهن تي انتظاميه لکيل هو. هن دروازي تي اسان جو پرشور استقبال ڪيو ۽ اسان ٽنهي گڏجي نمائش هال جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هر تصوير ۽ ڇوڪري کي گھوريندا اڳتي نڪرندا وياسين.

“ڪيئن هيون پينٽنگس…!!!” جبار پڇيو

“ڪجھ سمجھ ۾ اچي ويون ۽ باقي خوبصورت هيون…” ڌاريي وراڻيو.

“ڇا مطلب..!!!” مون ۽ جبار هڪ ئي آواز ۾ حيرانگي وچان پڇيو.

“پينٽنگ به عورت جيان هوندي آهي” ڌاريي چيو “جيسيتائين سمجھ ۾ نه اچي خوبصورت لڳندي آهي.”

“تون ٻڌاءِ.؟” جبار مون ڏانهن ڏسندي پڇيو.

“مون کي ته سڀئي خوبصورت لڳيون…” منهنجي جواب تي هو ٻئي کلڻ لڳا.

“هو خاموشي جي علامت واري پينٽنگ…” ڌاريي هڪ پينٽنگ ڏانهن اشارو ڪندي چيو “منهنجي خيال ۾ بهترين آهي.”

“تو پنهنجي طبيعت جي بلڪل برخلاف پينٽنگ کي پسند ڪيو آهي” مون چيو.

“خاموشي جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کان بچيو وڃي.” ڌاريي ڪافي دير خاموش رهڻ کان پوءِ مفڪرانه انداز ۾ چيو.

“پر خاموشي مسئلن جو حل به ته ناهي..” جبار چيو.

“ته پوءِ مسئلن جو حل ڇا آهي؟” هن پڇيو.

“جدوجهد… ” مون چيو “مسلسل جدوجهد، اڻ ٿڪ محنت…”

“ڪنهن چيو ته محنت اڻٿڪ ٿيندي آهي” هن وڏي آواز ۾ چيو “محنت ٿڪائيندڙ ٿيندي آهي، محنت ماڻهو کي ٿڪائي ساڻو ڪري وجھندي آهي، مسلسل محنت ماڻهو کي وقت کان اڳ ماري وجھندي آهي…”

“موت منزل جي چوکٽ آهي… مسلسل محنت جو نتيجو منزل آهي… ” جبار وراڻيو

“موت ئي ته جنت جا دروازا کوليندي آهي” مون چيو “زندگي جي اڻانگن ۽ اذيتناڪ رستن کان ٿيندو موت جي گھاٽي مان گذري انسان جڏهن پلسراط پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ته جنت سندس مقدر بڻجي ويندي آهي.”

“پر اڄ ڪلهه ماڻهو جنت لاءِ نه مرندا آهن. اڄ ڪلهه ماڻهو قرضائين کان بچڻ لاءِ مرندا آهن، لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي جي آزار کان بچڻ لاءِ مرندا آهن…” هن جي لهجي ۾ جوش ۽ ڪاوڙ سان گڏ حقارت جو ڏنڀيندڙ احساس هو “منهنجو پاڙيسري هر روز پنهنجي بکايل ٻارن جي اٽي لاءِ منتظر نگاهن کان بچڻ لاءِ مرڻ چاهي ٿو.”

 

 

 

ٽي نومبر

رات جو پهريون پهر هو عارب جون اکيون آسمان ۾ اٽڪيل هيون. گگھ اونده ۾ چٽا ٿي بيٺل تارا به کيس دنڌلاهٽ ۾ منجهيل پئي نظر آيا. جنهن جو سبب فقط سندس وڏي عمر ۾ گھٽ ٿيل نظر نه هو. هن جي اکين ۾ تري آيل لڙڪ بارش کان پوءِ کڏن کٻن ۾ بيهي رهيل پاڻي جيان سانت اختيار ڪري چڪا هئا. اکين جي ڇيڙي کان وهي نڪتل لڙڪن جا خشڪ ٿيل پيرا آهستي آهستي گم ٿيندا پئي ويا. هو سوچن ۾ گم هو ۽ سندس جسم سن ڪيل مريض جيان کٽ تي بي حرڪت بت لڳو پيو هو.

ان کان اڳ عارب پاڻ کي ڪڏهن به ايترو بيوس ۽ ڪمزور محسوس نه ڪيو هو. هو ڪنهن جي به پرواه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي سوچ سمجھ موجب فيصلا ڪرڻ جي حوالي سان سڄي تر ۾ مشهور آهي اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ماڻهو کيس حسد جي نگاه سان ڏسندا آهن. سندس ارڏائي جي ڪري مٽن مائٽن به کانئس لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي، هن جي باغي خيالن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ ڪوبه عزيز، رشتيدار يا دوست تيار نه هو. پر هو اڪيلو هوندي به اڪيلو نه هو. هن جو ضمير، هن جو نظريو، بي باڪي ۽ سليم فطرت سندس يار به هئا ته هٿيار به. جن کيس ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو. هو هميشه بي ڌڙڪ سچ جي پرچار ڪندو رهيو. غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوندو رهيو. ڪو به ڏاڍو ڪو به ظالم کيس جھڪائي نه سگھيو. پر ڪيسيتائين …..!!!؟؟؟؟؟

اخر ڪيسيتائين هڪ اڪيلو شخص حق ۽ سچ جو علم کڻي هزارين مخالفن سان مسلسل وڙهي ٿي سگھيو. آخر ڪيسيتائين ڪو شخص بنا سهاري جي بنا همٿائڻ جي پنهنجي بي باڪي ۽ جرت کي مقدم رکي ٿي سگھيو. پٿر تي ڪرندڙ مسلسل پاڻي جي ڦڙن جيان، ڏاڍ ۽ ڏمر، ڪوڙ ۽ ڪروڌ جي ڪروڙين ڀالن سندس همٿ ۽ سگھ کي سوراخ ڪري وڌا هئا. هو ڪمزور ٿي چڪو هو ۽ هن جي اهڙي ڪيفيت جو اندازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن هن ڪجھ ڏينهن اڳ مون کي فون ڪري ڳوٺ گھرايو هو. مون پنهنجي زندگي ۾ ايتري بيوسي سان ڀريل آواز ۾ ڳالهائيندي عارب کي ڪڏهن به نه ٻڌو هو. مان ڏڪي ويو هوس، منهنجو خيال فورن سسئي ڏانهن ڇڪجي ويو هو جيڪا عارب جي شايد واحد ڪمزوري آهي. هن ستين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پنهنجي ڌيءُ سسئي کي ڊاڪٽرياڻي بنائڻ جو خواب ڏٺو هو ۽ اهو به ان علائقي ۾ جتي اڃا ڇوڪرن کي پڙهائڻ جو رواج به عام نه ٿيو هو. جتي عورتون فقط زمينن تي ڪم ڪري مردن کي ڏينهن جو هوٽلن ۽ رات جو ديسي ٺري لاءِ پئسه ڪمائي ڏيڻ جو ذريعو هيون. جتي غلامن جيان آقا جو هر حڪم مڃڻ کي پنهنجو فرض يا نصيب سمجھندڙ عورتون ڏيڍ لک عيوض ڪاري جي ڪوڙي الزام ۾ جان وڃائي ويهنديون هيون. اتي عارب جو سسئي کي ڊاڪٽرياڻي بنائڻ جو سوچڻ به بغاوت کان گھٽ ڏوه نه هو. پر سسئي کي ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ کان وڌيڪ ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق هو، هن به عارب جيان خواب ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا هيا. هو ڳوٺ جي هر ڇوڪري کي پڙهڻ لکڻ سيکارڻ جي خواهشمند هئي.

مان بنادير ڳوٺ پهتس ۽ عارب مون کي ڏسندي ئي لڙڪن کي اکين جي اوٽ ۾ رکي ڪونه سگھيو ۽ ڀيانڪ خواب مان جاڳي پيل ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان مون کي چنبڙي پيو هو. سندس جسم جي ڪنبڻي کي مون پنهنجي جسم ۾ لهندو محسوس ڪيو ۽ پوءِ اسان پهرن تائين سندس زمين جي ٽڪري ۾ ڪچي واٽر جي ڪپ تي لڳل سرينهن جي وڻن هيٺان ويٺا رهياسين جتي هن پنهنجي درد جي سڄي ڪٿا مون کي ٻڌائي. عارب جي ڀائٽيي جانو کي ڳوٺ جي ڪنهن عورت سان ڪارو قرار ڏنو ويو هو، عورت کي ته بنا دير ئي مائٽن ماري وڌو هو پر جانو کي پئسن جي لالچ ۾ ڀڄڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو هيائون. فيصلي ۾ آس پاس جي چڱن مڙسن ان موقعي کي غنيمت ڀائيندي سسئي جو سڱ چاليهه سالن جي مارجي ويل عورت عيوض سندس اٺيتاليهن سالن جي مڙس کي ڏيڻ جو حڪم سادر ڪري ڇڏيو.

جيتوڻيڪ عارب حال سارو وڏي ڪوشش ڪئي هئي پر جاگيردارن جي جاگير بڻيل سرڪاري ادارن تائين عارب جي فرياد جو رسڻ ممڪن نه هو. هو منجهي پيو هو. جڏهن کيس ڪو دڳ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ته مشوري لاءِ هن مون کي فون ڪئي، مون ٻئي ڏينهن ئي شهر ۾ موجود پنهنجن يارن دوستن جي مدد سان ان معاملي کي ميڊيا تي آندو ۽ لاڳاپيل سمورن سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن کي درخواستون پڻ موڪليون پر عارب سميت اسان سڀني کي ڪا خاص اميد نه هئي مان کيس آٿت ڏيڻ کانسواءِ ڪجھ به نه ٿي ڪري سگھيس. اميدون ٽٽڻ تي هيون ۽ حوصلا پست ٿيڻ تي هئا جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سوموٽو ايڪشن جي صورت ۾ اميد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنئي. فيصلي ۾ شامل سڀ چڱا مڙس لڪڻ ۾ پورا هئا ۽ عارب جي اکين ۾ سرهائي ۽ سوڀ جا عڪس اڀرڻ لڳا. هو ڏاڍو خوش هو. سندس خوابن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ساڀيان ٿيڻ جو موقعو ملڻ وارو هو. مان شهر موٽڻ جي تيارين ۾ هئس مگر طوفان شايد مڪمل ماٺ اختيار نه ڪئي هئي، وساميل باه جي دونهين ۾ لڪل ڪي شعلا اڃا اٿڻا هئا ۽ امتحان جون بي رحم گھڙيون اڃا اچڻيون هيون. ڪجهه ڏينهن ئي گذريا هوندا جو اها بي رحم گھڙي به اچي ڪڙڪي جڏهن ملڪ تي قابض ڊڪٽيٽر چيف جسٽس سميت اعلى عدالتن جي ڪيترن ئي ججن کي پي سي او تحت حلف نه کڻڻ جي جرت ڪرڻ جي الزام ۾ گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو.

جنهن مهل کان اها خبر عارب تائين پهتي آهي تنهن گھڙي کان وٺي هن ڪجھ به نه کاڌو آهي، ڪجھ به نه ڳالهايو آهي. گھر جي اڱڻ تي پيل کٽ تي بي جان بت بڻجي ليٽي پيو آهي. تنهن مهل کان سندس اکيون آسمان ۾ کتل آهن.

 

اليڪشن

سمنڊ ۾ ٽٻي هڻڻ کان اڳ سج مڪمل ڳاڙهو ٿي چڪو هو، ڪڪرن جي اوٽ کان نڪري  آخري لمحن تائين ڌرتي کي روشني جا ڪرڻا پهچائڻ لاءِ جتن ڪندڙ سج، گهر موٽندي نظر کٽڻ تائين پنهنجي محبوب کي ورائي ورائي ڏسندڙ ڪنهن عاشق جيان پئي لڳو.  

 

 

مان سمنڊ ڪناري کان گھڻو پري پٿر جي ديوار جي ٻئي پاسي روڊ جي ڪناري تي ڀڄي رهيو هوس. هن دنيا ۾ هر ماڻهو سموري حياتي ڀڄندو رهندو آهي ۽ هڪ ڏينهن ڀڄندي ڀڄندي مري ويندو آهي مان اڄ تائين سڪون سان ويٺل ڪنهن انسان کي ڏسڻ ۾ ناڪام رهيو آهيان فون تي ڳالهائيندي، لکندي، پڙهندي، آفيس ۾ ڪرسي تي ويٺل ماڻهو ۽ گھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکيل آرام ڪرسي تي ويٺل ماڻهن کي به مون ڀڄندي ڏٺو آهي. ماڻهن جي ان رويي مون کي منجھائي وڌو آهي مان ان عمل مان بيزار ٿي چڪو آهيان ڀڄي ڀڄي ٿڪجي پيو آهيان پر پوءِ به ڀڄي رهيو آهيان، مسلسل ڀڄي رهيو آهيان. ڀڄڻ منهنجي مجبوري آهي يا نصيب اهو طع ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. منهنجي آس پاس ڊوڙندڙ ماڻهو هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ کان پوءِ ڏاڍا خوش ٿيندا آهن مان ڪڏهن ڪڏهن ڍرو ٿي ٻين کي وڌڻ جو موقعو ڏيندو آهيان ۽ ماڻهو مون کان وڌي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن ڪي ماڻهو مون کي بيوقوف سمجھي مون تي کلندا ۽ ٽوڪون به ڪندا آهن. ڪراچي جهڙي پرشور ۽ بي غرض شهر ۾ جڏهن ڀڄي ڀڄي مان ٿڪجي پوندو آهيان ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري تي ڊوڙڻ هليو ايندو آهيان. ڊوڙندي ڊوڙندي قدم اچانڪ روڊ تي ڄمي ويا ڄڻ ڪنهن منهنجي پيرن ۾ ٻيڙيون وجھي ڇڏيون ۽ مان بيهي رهيس روڊ جي پاسي سان پارڪ ڪيل هڪ ڪار جي بانٽ تي ويٺل سنهڙي ۽ سهڻي عورت جي معصوم ۽ پرڪشش نگاهن قدمن کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو. هو مون ڏانهن ئي ڏسي رهي هئي، شعوري طور تي يا ڪنهن سوچ ۾ گم هجڻ ڪري لاشعوري طور تي. پر سندس نگاهون منهنجو ئي تعاقب ڪري رهيون هيون. کيس ڏسڻ جي ڪري يا توائي مان تيز ڊوڙڻ جي ڪري منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي چڪي هئي. ائين لڳم جيئن ريگستان جي تتل واري تي پيرن اگھاڙي ڀڄندي ڀڄندي اچانڪ ڪنهن گھاٽي وڻ جي ڇانو نصيب ٿي پئي هجي. نگاهن جو ائين اٽڪاءُ پهريون ڀيرو نه ٿيو هو، مگر ان کان اڳ ڪڏهن ساڻس ملڻ جو خيال دل ۾ نه آيو هو. پهريون ڀيرو سندس نگاهن کي مون پنهنجي جسم ۾ ٿر ۾ سانوڻ جي پهرين ڪڻ ڦڻ يا سياري جي صبح ۾ سج جي پهرين ڪرڻن جيان لهندو محسوس ڪيو هو. هو ڪار جي بانٽ تان لهي مون ڏانهن وڌي آئي. هو قد آور ۽ پرڪشش عورت هئي.

 

 

مان اوهان کي اڪثر هتي ڊوڙندي ڏٺو آهي “ هن چيو ”توهان جتي رهندا آهيو مان ان ئي  پراجيڪٽ جي اي بلاڪ ۾…….. سوچيم ته اوهان سان … پر شايد… سوچيم ته….“ هو جملي کي جوڙڻ جي ڪوشش ۾ وڌيڪ ٽوڙيندي رهي ۽ پوءِ خاموش ٿي وئي.

 

 

توهان مونسان هڪ ڪپ ڪافي پي سگھو ٿا؟“ مون بنا دير ۽ بنا تڪلف جي آفر ڪئي. مسڪراهٽ هن جي خوبصورتي ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو. مون کيس نگاهن کان ٿيندي دل ۾ لهندو محسوس ڪيو. اسان ٻئي گڏجي هلڻ لڳاسين ڪافي شاپ وٽ پهچڻ تائين دل خيالن جي گھيري ۾ اچي وئي. سوچيم ٻن اجنبي نگاهن جو دير تائين اٽڪاءُ ڇا محض اتفاق هو ؟ بي معنى هو؟ ٻن جسمن مان ائين اچانڪ روح جو نڪري ڳنڍجي هڪ ٿي پوڻ ڇا محض اتفاق هو؟…..ڇا اسان جي خاموشي ۾ به ڪو اظهار هو..؟ مان گيان ۾ گم ڪنهن پنڊت جيان خيالن ۾ محو رهيس، اندر جي احساسن جو ٻاهر جي مادي دنيا مٿان ايترو شديد ۽ مڪمل غلبو پهريو ڀيرو ٿيو هو.  ڪافي شاپ وٽ پهچي مون اڳتي وڌي ٻه ڪپ آرڊر ڪيا ۽ جيتري دير ۾ ڪافي تيار ٿي اوتري دير ۾ مون ڪائونٽر تي پئسا ڏيئي ٻه ٽوڪن وٺي ورتا ۽ پوءِ ٽوڪن جي بدلي ۾ ڪافي جا ٻه ڪپ کڻي هن ڏانهن وڌيس.

 

 

منهنجو نالو سسئي آهي“ هن ڪپ وٺندي چيو.

 

 

مان ظهير آهيان“

 

”ڇا ڪندا آهيو ؟“

 

 

”ٻارهن ڪلاڪ نوڪري ڪندو آهيان ۽ چار پنج ڪلاڪ ننڊ ڪندو آهيان“ مون مسڪرائيندي وراڻيو.

 

 

”۽ باقي ست اٺ ڪلاڪ ؟ “

 

 

” جک ماريندو آهيان “ مون کلندي وراڻيو.

 

 

”هممم… ليکڪ آهيو..“ هن پراعتماد لهجي ۾ چيو.

 

 

ڪيئن ٿا چئي سگھو..!!؟ “ مون حيرت وچان پڇيو.

 

هن ڪيئن ڄاتو ته مان لکندو آهيان. اندر جي اڻ تڻ جڏهن وس کان ٻاهر ٿي ويندي آهي تڏهن مان لکڻ تي مجبور ٿي پوندو آهيان ۽ پوءِ انهن ڪاغذن کي پيتي ۾ رکي تالو هڻي ڇڏيندو آهيان. اڄ تائين منهنجي ڪابه لکڻي شايع نه ٿي آهي ۽ منهنجا ويجھا دوست توڙي مٽ مائٽ به ان راز کان اڻواقف آهن. مان حيران هئس هڪ اجنبي عورت ايڏي اعتماد سان ڪيئن چيو؟ هن کي ڪيئن خبر پئي؟

 

 

 امر جليل ڪٿي لکيو آهي ته ”جنهن ملڪ ۾ خفيه ايجنسين جو ڄار وڇايل هجي ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي نالي ۾ سونهن، سوچ ۽ اظهار جي آزادي جي ناڪه بندي ٿيل هجي تنهن معاشري ۽ ملڪ ۾ لکڻ جک مارڻ آهي.“ هن ڪافي جو ڍڪ ڀريندي چيو ”اسان وٽ تخليقي لکڻيون نه هجڻ جي برابر آهن…. اوهان ڇا لکندا آهيو؟ “

 

 

ڪنهن چيو اسان وٽ تخليقي ليکڪ ناهن اسان جا ته ڪيترائي نقاد ۽ مورخ پڻ تخليقي ليکڪن جي وصف هيٺ ايندا آهن ۽ تخليقي ادب ۾ اسان وٽ سڀ کان وڏو نالو ايف.آءِ.آر لکندڙ پوليس واري جو رهيو آهي.“ مون وراڻيو ” مان سچ لکندو آهيان، مان ڪاغذن تي حقيقتن جا آئينا ٺاهيندو آهيان “

 

 

ڪنهن لاءِ لکندا آهيو… منهنجو مطلب آهي ڪنهن اخبار يا رسالي لاءِ لکندا آهيو.“ هن پڇيو.

 

 

سچ کي شايع ڪرڻ جي جرات ڪندڙ اخبارون ۽ رسالا گھڻو وقت هلي نه سگھندا آهن ۽ حقيقت جو آئينو ڏسڻ لاءِ هن معاشري ۾ ڪوئي به تيار ناهي ان لاءِ مان پنهنجين لکڻين کي پيتي ۾ رکي تالو هڻي ڇڏيندو آهيان.“ 

 

 

ٻيا به ڪجھ لکندڙ آهن جيڪي سچ لکندا آهن..! امر جليل جو ئي مثال ٿا وٺون… ۽ هن جون لکڻيون ڇپبيون به آهن…“

 

 

ها پر هو به ڪنهن اخبار ۾ گھڻو وقت لکي ڪونه سگھندو آهي“ مون سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو ”جڏهن ڪنهن اخبار مان سندس سچ هضم ڪرڻ واري سگھ نڪري ويندي آهي ته کيس ڪڍي ڇڏيندا آهن.“

 

 

۽ هو پوءِ به لکندو آهي…“ لهجي بجاءِ سندس آواز ۾ جذباتي انداز جي جھلڪ محسوس ٿيڻ لڳي ”هن همٿ نه هاري آهي… هن جي ويڙهه اڃا به جاري آهي هالانڪه هو پوڙهو ٿي چڪو آهي پر هن جي جدوجهد اڳي کان وڌيڪ جوان لڳندي آهي“ 

جرات ۽ همٿ جو عمر جنهن ڪنهن مخصوص حصي سان هرگز تعلق ناهي هوندو“ مون وراڻيو ”هو شايد وڙهڻ جو عادي ٿي چڪو آهي، مسلسل ٽڪراءُ کيس وڌيڪ سگھ عطا ڪئي آهي“ 

 

خالي ڪپ پٿر جي ديوار تي رکي اسان سندس ڪار طرف هلڻ لڳاسين کن پل خاموش رهڻ کان پوءِ پڇيائين،

 

 

پڙهڻ ۾ اوهان کي ڇا پسند آهي؟… فڪشن… يا مزاح وغيره به پڙهندا آهيو؟“ ” فڪشن ۾ مون کي پاڪستان اسٽڊي پسند آهي ۽ مزاح پڙهڻ کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ مون کي دلچسپي رهي  آهي ان ڪري مان ڪارٽون شوز ۽ پاڪستاني اليڪشن وڏي شوڪ سان ڏسندو آهيان.“

 

 اياز علي رند

 

ڪوذي ۾ درياء

هن دنيا ۾ کوڙ شيون اهڙيون هونديون آهن جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت جي ضرورت پوندي آهي. جيڪڏهن اوهان جي ذهن ۾ فورن اٽي جو نالو گردش ۾ اچي ويو آهي ته اهڙي ڪائي به ڳالهه ڪانهي مون مائڪرو نه پر ميڪرو صطح جي ڳالهه ڪئي آهي. هاڻي شايد اوهان مون کي حڪومت جو ڪو ڪارندو سمجھڻ لڳو يا وري سمجھو ته مان ڪو معيشت تي ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهيان پر اهڙي به ڪائي ڳالهه ڪانهي. دراصل منهنجو اشارو علم، شهرت يا جائيداد وغيره جهڙين شين ڏانهن آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪجھ ماڻهن کي اهڙيون ڪجھ شيون بغير محنت جي وراثت ۾ پڻ ملي وينديون آهن پر هتي منهنجو اصل مقصد انهن شين جي ان خاصيت جو ذڪر ڪرڻ آهي جنهن موجب اهي شيون اوهان کي وراثت ۾ نه به ملن ته به انهن کي محنت يا منافقت ذريعي دير يا سوير حاصل ڪرڻ ممڪن هجي.

ان جي بلڪل برعڪس ڪجھ اهڙيون شيون پڻ ٿينديون آهن جيڪي فقط قدرت جي ڏات هونديون آهن جيئن حسن يا مغز وغيره. اوهان شايد حسن کي به ڏات جي ڪيٽيگري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو ته اوهان جي ذهن جي پردي تي بيوٽي پارلرن جي طويل لسٽ حرڪت ۾ اچي چڪي آهي مگر جنهن حسن جو مون هتي ذڪر ڪيو آهي اهو وقتي نه پر مستقل آهي ۽ جنهن حسن جي باري ۾ اوهان سوچي رهيا آهيو ان کي پاڻي جو فقط هڪ وٽو به تهس نهس ڪري سگھي ٿو. رهي ڳالهه مغز جي ته مغز مان منهنجي مراد ٻڪر جو مغز هرگز نه آهي ڇو ته ٻڪر جو مغز ڪلو ڪاسائي کان وڏي سولائي سان هڪ رات اڳ ايڊوانس بڪنگ ڪرائي حاصل ڪري سگھجي ٿو. منهنجو اشارو هتي انساني کوپڙي ۾ فٽ ٿيل مغز ڏانهن آهي جيڪو فقط مکڻ جهڙن جينيس ماڻهن وٽ هوندو آهي. مکڻ هونئن ته اٺ درجا پڙهيل هجڻ جي باوجود به شڪل مان خانداني اڻ پڙهيل لڳندو آهي پر ڏسڻ جو ڪهڙو به هجي بلڪه ڏسڻ جهڙو نه به هجي تڏهن به کيس مغز جي معاملي ۾ سڄو تر سلام ڪندو آهي.

مون جهڙن موڳن کي ته هونئن به گاهه ڪونه وجھي پر چڱن ڀلن جي مت منجھائي وجھندو آهي. هڪ ڏينهن کانئس پڇيم،

”يار مکڻ !! تو جهڙي دانگي مهانڊي وٽ اهڙو مغز ڪٿان آيو ؟“

ته چيائين ”ذات تي ڏات ناهي“

مکڻ جو جواب منهنجي مغز جي اصل چائنٺ تي ئي اوڪڙو ويهي رهيو ڳالهه سمجھ ۾ ڪانه آئي ته جي ذات تي ڏات ناهي ته مکڻ به ته ذات جو ”بخيلاڻي“ آهي بي ذات ته هو به ڪونهي پوءِ هن وٽ ڏات ڇو آهي. دراصل مکڻ جي تقريبن پوڻا سورهن آنا ڳالهين جي مون کي اصل ڌپ ئي نه پوي.

اڄ ڪلهه اليڪشن جا ڏينهن آهن مکڻ سڄو ڏينهن پني پنجابي جي هوٽل تي ويهي ٽي.وي تي هلندڙ خبرن تي تبصرا ڪندو آهي ۽ ماڻهو مکڻ جي چوڌاري مکين جيان مڙيا پيا هوندا آهن. اڄ صبح هوٽل تي ٽي.وي ڏسندي مکڻ پير ٽيبل تي رکندي چيو هو ته،

”هڪ جملي ۾ ايتري ڊگھي ڳالهه به ڪري سگھبي آهي جو دنيا جا سڀ ڪاغذ ڪارا ڪرڻ جي باوجود به ان جملي جو مڪمل مقصد بيان ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو.“ مثال ۾ هن شاهه سائين جي هڪ سٽ پڙهي،

”جيڏو تنهنجو نان، ٻاجھ به اوڏيائي مگان“

  خانڻ، خدو، سارو ۽ سوڍي سميت اسان سڀ وائڙن جيان هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳاسين.

”نه سمڌو !! “ هن فخريه ۽ طنزيه مسڪراهٽ چپن تي آڻيندي پڇيو ۽ اسان سڀني مڃيو ته ڳالهه واقعي اسان جي سمجھڻ کان ڳري هئي.

”صفا ڪي ڪند ذهن آهيو … ڏسو الله سائين جو نالو ڪيڏو وڏو آهي ڪائنات جي ڪنارن کان اڳتي لا محدود ۽ لامڪان تي به هن جو اختيار ڪامل آهي هو اهو ڪجھ ڏيئي سگھي ٿو جيڪو اسان جي شعور ۾ به نه هجي. هاڻي انهن شين کي ڪيئن قلم بند ڪري ٿو سگھجي جيڪي اسان جي شعوري حدن کان به ٻاهر ۽ لامحدود ۽ لامڪان هجن. لحاظه شاهه صاحب سياڻپ جو مظاهرو ڪندي درياء کي ڪوذي ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.“

مکڻ مون ڏانهن ڏٺو ۽ مون پنهنجو ڀرم قائم رکڻ لاءِ هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو حالانڪه سمجھ ۾ ٽڪو به ڪونه آيو. پوءِ هن ٽي.وي تي هلندڙ خبر جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ٻڌايو پئي ويو ته ميڊيا تي ڌانڌلين جي الزامن تي ٻڌل ڪا به خبر يا انٽرويو وغيره نشر ڪرڻ تي پابندي هوندي. ۽ چيائين ته سرڪار به شاهه صاحب وانگر سياڻپ جو مظاهرو ڪندي درياء کي ڪوذي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي.

سڄي هوٽل ۾ واه واه ٿي وئي سڀني مکڻ کي مکڻ هڻڻ لاءِ تعريفن جا بند ٻڌڻ شروع ڪري ڏنا ۽ مون ڏانهس مسڪين ۽ عاجز نگاهن سان ڏسي کيس مطلع ڪيو ته مون ڪجھ به ڪونه سمجھيو پر هن حقارت منجھان ڪنڌ لوڏيندي منهن ڦيرائي ڇڏيو.

آخر ان خبر ۾ ڪهڙا دفتر سمايل هئا جيڪي مون نه سمجھيا. هڪ عام خبر ئي ته هئي !!؟ پوءِ ڇو سڄو ڏينهن مٿو هڻڻ کان پوءِ به مون کي سمجھ ۾ نه پئي آئي مون صدمي ۾ اکيون ٻوٽي ڇڏيون آسمان مان تارا گم ٿي ويا ۽ اکين ۾ نمي جي گرمائش مون کي پنهنجي بيوسي ۽ ڪند ذهنيت جي ڏکوئيندڙ احساس طور محسوس ٿي ۽ مان پاسو ورائي اجرڪ اوڍي ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويس.

ايازعلي رند

 

جائز يا ناجائز


آچر جو ڏينهن هو ۽ هاسٽل جي ڪمري ۾ مان گهري ننڊ ۾ ستل هوس جو ونگ مان گذرندي ڪنهن روم جي دروازي کي زوردار لت هڻي ڪڍي ۽ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيس. اکيون مهٽي ڏٺم ڪمري جي دري جي سيرن مان سج جا ڪرڻا زبردستي ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا هئا ۽ پاسي واري کٽ تي ستل الطاف ننڊ ۾ مسڪرائي رهيو هو شايد کيس خواب ۾ اسڪالرشپ ملي وئي هوندي ڇوجوجاڳندي ته هو هميشه اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن جيترا پنا اسڪالرشپ لاءِ درخواستون لکي لکي ضايع ڪيا آهن ايترا هن يونيورسٽي جي چئن سالن دوران نوٽس ٺاهڻ ۾ به استعمال نه ڪيا هوندا. الطاف جي چهري تان مسڪراهٽ اچانڪ غائب ٿي وئي ۽ هو ننڊ ۾ ڳالهائڻ لڳو کيس نه رڳو ننڊ ۾ ڳالهائڻ جي پر هلڻ ۽ وڙهڻ جي به عادت آهي. هو خواب ڏسندي ڏسندي اٿي پوندو آهي ۽ هاسٽل جي ونگن، پارڪ ۽ ڇت وغيره جا چڪر هڻندو آهي ۽ صبح جو کيس ڪجھ به ياد ناهي هوندو. جيڪڏهن هو خواب ۾ ڪنهن سان جھيڙو ڪندي ڪندي اٿي پوي ته جيڪو به هٿ اچيس تنهن کي ڏاڍو بڇڙو ڪري وجھندو آهي، ان کان اڳ جو هو اٿي پوي مان ٽپ ڏيئي کٽ تان لهي پيس ۽ دروازو کولي ٻاهر نڪري آيس. کاٻي پاسي چند وکن تي ڪنٽين هئي مان بنا بريڪ ڏانهس هلڻ لڳس. ڪنٽين جون بئنچون تقريبن خالي ۽ ڊگھيون ٽيبلون ڇوڪرن سان ڀريون پيون هيون. محبت (چانهه وارو) هنڍو چلهي تي چاڙهيو بيٺو هو ۽ چلهي سان لڳو لڳ ماربل سان ڍڪيل دڪي تي سرور اخبار جي صفحن ۾ گم هو. ڪنٽين ۾ داخل ٿيندي شاهد جي ٽهڪن جي آواز تي ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺم جيڪو قادر جي وارن تي هٿ ڦيري کيس تنگ ڪري رهيو هو ۽ قادر کيس چيلهه ۾ آڱر هڻندو ڊڪائيندو پئي آيو. مان ترين جي زور تي ماربل سان ڍڪيل دڪي تي چڙهي سرور جي سامهون ويهي رهيس هن مون ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ پنهنجي مسڪراهٽ سان منهنجو استقبال ڪيو ۽ وري اخبار ۾ گم ٿي ويو. محبت عادت موجب پاڻي جو دٻو ۽ ساسر تي ٻه ڪيڪ رکي منهنجي آڏو رکيا.


”حد ٿي وئي يار !! تجربو 15 سال سوبه منيمم..!!“ سرور اخبار جو پنو اٿلائيندي چيو.


آچر ڏينهن هاسٽل جي ڪنٽين ۾ ڊان اخبار تي سڀ ائين ٽٽي پوندا آهن جيئن رمضان ۾ ماڻهو افطاري ويل کاڌي تي ٽٽيو پون. هفتي جا باقي ڏينهن ڪنهن کي به اخبار ياد ناهي هوندي تنهن ڪري ڪنٽين ۾ اچڻ بدران اخبار سڌو وارڊن جي ڪمري جي نظر ٿي ويندي آهي پر آچر ڏينهن سڀني کي مستقبل قريب ۾ ايندڙ بيروزگاري جو خوف ورائي ويندو آهي ۽ نوڪرين جي اشتهارن وارو هڪ هڪ صفحو هڪ ئي وقت چئن پنجن ڄڻن جي گھيري ۾ اچي ويندو آهي.


”اڃا ڪٿي جاني ! هاڻي ضرورت رشته وارن اشتهارن ۾ به تجربي جي گھر ڪندا !!“ مون پاڻي جو دٻو کڻي گرڙي ڪئي ۽ اکين کي ڇنڊا هڻندي چيو”نوڪري ته نوڪري پاڻ ته ڇوڪري کان به وينداسين.““


”ڇڏ اشتهارن جي پچر هوڏانهن هو چانهه وٺ ! “ مون چيو.


”لڳي ٿو نوڪري حاصل ڪرڻ پاڻ کان زور آ “ سرور چيو ”مهل سان وڃي ڪو ڌنڌو ڪجي.“


”پاڻ وٽ نوڪري ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن ڪونهي.“ مون وراڻيو.


”پاڻ سياست ڪنداسين…وڏو پئسو اٿئي سياست ۾.!“ سرور ڪنڌ کي ٿنڀ جي ٽيڪ ڏيندي چيو.


”اسان وٽ سياست سردارن، خانن، چوڌرين ۽ پيرن جي پاليل اها لونڊي آهي جنهن کي استعمال ڪري اقتدار ۾ حصو حاصل ڪري سگھجي“ مون چيو ”۽ اسيمبلين جون سيٽون ۽ وزارتون کين ائين ورثي ۾ ملنديون آهن جيئن کين زمينون، هاري ۽ ٻانهيون ملنديون آهن.“


سرور چانهه جا باآواز بلند ڍڪ ڀريندو رهيو، چانهه ۽ سرور جو تعلق ايترو گھرو آهي جو چانهه جو ٻڌي سرور جڳ جيتري مگ سميت ائين ذهن تي اڀري ايندو آهي جيئن جمهوريت جي ذڪر تي نوابزاده نصرالله هڪي سميت ذهن تي ڇائنجي ويندو آهي. چانهه سندس ڪمزوري آهي، هو چانهه لاءِ سڄو ڏينهن ائين واجھائيندو آهي جيئن اسان جي ملڪ ۾ سياسي پارٽيون ڪنهن ڊڪٽيٽر سان ڊيل لاءِ واجھائينديون آهن.


”ڀلا تو واري ليڊر يار جي ته خبر ڏي ؟ ٻڌو آ ته سندس پيء وري ٿو پارٽي مٽائي !؟ سرور پڇيو”تو سان ڪو حال احوال ڪيائين يا نه ؟“


”پاڻ واري ليڊر جي پيء کي ايندڙ حڪمران پارٽي جي ائين ڌپ پئجيو وڃي جيئن ٻلي کي کير جي…“ مون وراڻيو.


ٻاهر نڪتاسين ته ڪنٽين مان ايندڙ مختلف آواز اڌ ونگ تائين اسان جو پيڇو ڪندا رهيا.


يار هن شعبي ۾ داخلا وٺي وڏي غلطي ڪئي سين…


وڏا ! تون ته ٽيڪجي وئين هر پيج تي رڳو تو واري شعبي ۾ نوڪرين جا انبار لڳا پيا آهن…


ڪٿي ڊيئر تجربو به ته بلا ٿا گھرن پيا…


صاحب مري وياسين اصل پڙهي غلطي ڪئي سين، ڪم کان به وياسين…


ها وڏا ! چانهه جو بل ته ڏي اڃا مني آرڊر ڪونه آيو آ…


کاٻي پاسي واري ونگ مان هڪ ناڪام عاشق غمگين غزلن جا ٽوٽا ڳنڍي وات ڦاڙي ڳائيندو پئي آيو.


”اٿي پئو جاني !! شام ٿي وئي ٿئي…!!!!“ مون امداد جي ڪمري اڳيان لنگهندي دروازي کي زور سان لت هڻي چيو. هو ڇرڪ ڀري کٽ تي ويهي رهيو ۽ اسان کلندا کلندا ٽي وي هال ۾ گھڙي وياسين.


ٽي وي تي ملڪ جي ڪنهن شهر جي رش واري علائقي ۾ ٿيل خودڪش حملي جي تازه ترين خبر پئي هلي.


”پاڻ سان ٿيل ظلم، زيادتي يا ناحق جي بدلي ۾ مسڪين مزدورن ۽ دڪاندارن جي وچ ۾ خودڪش حملو ڪرڻ جا ئز آهي.!؟ سرور پڇيو.


”ها … بلڪل ائين جيئن نظريئه ضرورت تحت آمريت ۽ جمهوريت جي بحالي جي بهاني ڊڪٽيٽر سان ڊيل…“ مون چئنل مٽائيندي چيو.

بچوانقلابي

 سمن جا سريلا ڪلام، حڪيم جون هوڪارون ۽ مون سميت چوڏهن پندرهن پيالي ڀائي ڪچهري جا گلاسن مٿان گلاس، مڪان ۾ اصل ميلو متل هو. اونداهي رات ۾ گم ٿي ويل پورو ڳوٺ ماٺ جي سڪرات ۾ اچي چڪو هو پر مڪان ۾ ڄڻ ڏينهن جا اڃا ڏهه ٿيا هئا. سمن پنهنجن واڇن کي ساهي ڏيڻ لاءِ ڪلام روڪي شهپرن تي هٿ ڦيريا پاسي ۾ پيل ڀنگ جو تار ٿيل گلاس کڻي ڏڪندڙ هٿن سان اڃا وات تائين مس پهچايو هوندائين جو حڪيم کي حرڪت سجھي رڙ ڪري چيائين ”حق !! حق !! “ سمن جي هٿن مان گلاس ڇڏائجي ويو ڀنگ سان پٽ پارڪ ۾ تبديل ٿي پيو مڪان ۾ ٽهڪ گونجي اٿيا ۽ دير تائين موالي لڏو کلي کلي کيرو ٿي پيو. چاچي قادن هٿن کي هوا ۾ لوڏي کل کي ائين بريڪ هڻائي جيئن ٽريفڪ سپاهي سگنل تي گاڏين کي بريڪ هڻائيندو آهي. چيائين جي مون وارو ڀائيٽيو بچو هجي ها ته خبر اٿئو ڇا چوي ها !؟

 

ڪنهن ڪنڊ ۾ ستل لاهوتي هٿ ٻڌي چيو ”ڀوتار ! پاڻ کي خبر نه ٿئي !! پاڻ ٻئي جهان ۾ لٿل هون…“

 

چوي ها ته ان ۾ سرمائيدار سامراج جو هٿ آ….. چاچو قادن پنهنجي سوال جو پاڻ ئي جواب ڏيندي کل ۾ انڌو ٿي پيو مڪان وري ٽهڪن سان گونجڻ لڳو.(بچو کي ليڊر ٿيڻ جو شوق جاڳيو آهي ٻه ٽي ڀيرا ٿاڻي وارن به مهمانوازي ڪئي اٿس پر سڌرڻ جو نالو ئي ڪونه ٿو وٺي. منهنجو ننڍي هوندي جو يار آهي مون به گھڻو ئي سمجھايو مانس پر ڪو مڙي ٿو ڇا ! چئي ” سياست کي يرغمال بڻائيندڙ ٽولي خلاف هاڻي جدوجهد جي ضرورت آهي جي هاڻي به هٿ تي هٿ رکي ويٺا رهياسين ته اسان کي تباهي کان ڪير به بچائي نه سگھندو.

 

”سنڌ ولين جي ڌرتي آ…وڏا !!“ سمن هڪ ڀيري چيس”لڏندي پر ٻڏندي ڪانه!!“

 

”ولي به ڪيسين ڪلهو ڏيندا پنهنجا اعمال به ته سڌارڻا پوندا !!“ بچي سان ڳالهين ۾ ڪير پڄي”اقتداري سياست جا پڄاري اهي ضمير فروش ڪڏهن انگريزن جي وفادار ساٿين جي روپ ۾، ڪڏهن آمريت جي معاون ۽ مددگار جي روپ ۾ ته ڪڏهن جمهوريت جي کل ۾، هميشه پنهنجن جي مخبري ڪري، دغا ڪري ۽ پنهنجن جي پٺي تي وار ڪري جاگيرون ۽ جائيدادون گڏ ڪندا رهيا آهن انعام و اڪرام ۽ خطابن سان نوازيا ويا آهن.“)

 

ڪا گھڙي گذري جو بچو به اچي ڪڙڪيو.”ابا اجھو !“ چاچي قادن چيو”وڏي عمر ٿئي بچا اصل هاڻي تنهنجي ڳالهه ڪئي سين… ابا سمن!! هيڏي هن انقلابي کي به ڪو چڪو پيار ته مغز جاءِ تي اچيس…!“

( چاچو قادن ۽ بچو اصل نه ٺهن بچي جون وڏيرن، سردارن ۽ پيرن خلاف ڳالهيون چاچي قادن کي زهر لڳنديون آهن. ڪالهه شام بسن جي اڏي وٽ ٿيل جلسي کان پوءِ چاچي قادن مون کي چيو

” ابا توهان ڪجھ سمجھايوس ڪونه ٿا وتي مالڪن ۽ مرشدن خلاف بڪواس ڪندو ! پنهنجي ته قيامت ڪاري ڪئي ٿئين پر ادي کي به اچي راڄ ۾ لڄايو اٿئين. بابا سردار وڏا آهن، ابا آهن. پوئين ڀيري به پوليس بچي کي اصل ڪونه ڇڏي ها ! صوبيدار وڏو چئي ته اصل نه ڇڏيانس ڪالهوڪو وات ڳاڙهو ڇورو وتي معزز ۽ معتبر ماڻهن لاءِ گھٽ وڌ ڳالهائيندو…پوءِ به ڀلو ٿئي مالڪن جو، وري به انهن ڇڏايس. ادي جي ۽ منهنجي ڏاڙهين جي لڄ رکيائون ادي جو پٽڪو ته اصل سردار پيرن تائين پهچڻ ئي نه ڏنو هڪل ڪري ڪمدار کي چيائين ته صوبيدار سان گھٽ نه ٿيندي !! پڇڻ کانسواءِ منهنجي ماڻهن ۾ هٿ ڪيئن وڌائين !!. شابس هجيس بابا. وڏي نظر وارا آهن. اوکي ويل اکيون بند ڪرڻ وارن مان ناهن.“

 

پوئين پڙي تي ته چاچو ۽ بچو اصل هٿين پئجي ويا…

”چپ ڪر ڇورا !! “ چاچي قادن وڃي جتي ۾ هٿ وڌا ” نه ڪو حيا ٿئي نه شرم !! مالڪن جا سڀ ٿورا لاهي ڇڏيئي… اڙي جي پڻهين ڀيرين مالڪي نه ڪن ها ته جيڪر ٻن اٺاسن جي بدلي پڻهين صحيح سلامت موٽي ها ڇا !؟؟ ڌاڙيل قهري هڻي ڳڀا ڪري وجھنس ها….“) 

 

”هي ڪٿي ٿو چڪي چکي چاچا !! “سمن دانهن ڪئي ”هن کي انقلاب جو نشو ٿئي !! هن کي ڪنهن چيني موئي ٽنگ (مائوزي تنگ) چين جي چڪي پياري آ، هي جڳ جهان مان سڀ ”س“ ختم ڪندو.“ بچو پنهنجي ڳالهين ۽ تقريرن ۾ سامراج، سردار، سرمائيدار وغيره جا لفظ بار بار استعمال ڪندو آهي تنهن ڪري سمن سندس ڪم دنيا مان ”س“ ختم ڪرڻ پڪو ڪيو ٿس.

 

”بابلا ! هن سين سمن جي پارت اٿئي !!“ سمن هٿ ٻڌندي بچي کي چيو.

 

”چڱو هاڻي اٿ ! س سمن نه ته ڪيان نه توکي به لسٽ ۾ شامل …“ بچي ساڻس ڀوڳ ڪرائيندي چيس.

 

”ها يار ميلو متل ڇڏجي…اٿي پئو جمعا !! چيلهه ڀڳل ٿئي ڇا ؟ جتي ڏس ڍير لڳو پيو آ…اٿ هاڻي ڌرتي جا بوجھ…! زمين ئي ويهاري ڇڏي ٿئي…“

 

مان زمين تي تريون کوڙي اٿي کڙو ٿيس ۽ مڪان جي در مان جيئن تيئن ڪري لنگھي ويس.ٻاهر گگھ اونداهه هئي اک نه ڏسي گوڏو…مڪان کان ٿورو اڳ ڀرا ٿياسين ته بندوق جو ٺڪاء ٿيو.

 

”چور ٿئو وڏا…! هوشياري…هوشياري…“ سمن الرون ته ائين ڪيون ڄڻ ڀڄي وڃي چور کي ٻک وجھندو پر وڻ جو ٿڙ سمجھي جو لٺ هنئي مانس ته رڙ ڪري چيائين” ساهي ته پٽڻ ڏي پٽيا…!!“

 

”چور ڪونهن…آيا ٿئي ويري…“مون چيو”ڪالهه هنن جو ماڻهو مئو آ ايندا ته ضرور پلاند ڪرڻ…“

 

”اسان ٿورئي ماريو آ، جن ماريو هجي وڃي تن سان پلاند ڪن“ سمن چيو.

 

”جھيڙو ته سالن کان اسان جي قوم سان اٿن نه…“ مون وراڻيو.

 

”راڄ ۾ جھيڙا جاگيردارن جي شهه تي سندن پالتو ڪتا ڪن ۽ ڀوڳيون وري اسان غريب…“بچي جذباتي انداز ۾ چيو.

 

”پاڻهي قلندر قهر ڪندن…!“ سمن چيس ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي…تون ڪو الڪو نه ڪر ويهي رنگي جا رنگ ڏس….ها!!“

 

”اسان به ڪونه ڇٽاسين.!!“ بچي مايوسي مان ڪنڌ لوڏيندي چيو ”اسان هنن جي اوطاقن تي وڃون ته سندن جتين تي ويهون ۽ جي هو اسان جي تڏي تي ڪو ٽئين چوٿين سال ووٽن لاءِ به رڳو حڪم ڏيڻ اچن ته اسان کين پنهنجي ڪلهن تي کنيو مٿن گلن جي ورکا ڪيو، نچيو، واڇون ٽيڙيو پيا مٿن صدقي ٿيندا آهيون. اهي مڪار، چالاڪ، عربن جا دلال، ڌرتي دشمنن جا ايجنٽ ڪڏهن به اسان جا سڄڻ ڪونه ٿيندا..! ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ جھل پل بنا اهي پنهنجن ظلمن، زيادتين ۽ ڏاڍاين ۾ ويندا اڳي کان اڳڀرا ٿيندا… هاڻي گھڻو ٿي ويو هاڻي سوچڻو پوندو… ڳالهائڻو پوندو… ٻيو ڪو حل ناهي.!!گھڻو سٺو سي گھڻو رهايو سين، نڀايو سين هاڻي اصل هڪ هڪاڻي ڀيڻ کپي. تڪليفون اينديون، سور سهبا، ڪشالا ڪٽبا پر هار ڪانه مڃبي، ڪنڌ ڪٽائبو پر جھڪائبو ڪونه…“ هن ڳاٽ اوچو ڪندي چيو ۽ ڳالهائيندو رهيو ڳالهائڻ تي اچي ته ڪير پڄيس ”هي رڳو اسان جي ڌرتي ٽامون ڪونهن ڪيو ويٺا سڄي دنيا ۾ مسڪينن کي محڪوم بنائڻ ۽ هيڻن کي مظلوم بنائڻ جو رواج رهيو آهي. پر تاريخ ۾ اهي قومون به آهن جن اهڙين داداگيرين ۽ بدماشين خلاف ڪنڌ کڻڻ جي جراءت ڪئي، موت جي منهن ۾ منهن ڏنا اٿئون، ڪاتن اڳيان ڪنڌ ۽ سولين ۾ سر وڌا اٿئون، ظالمن جي اکين ۾ اکيون ملائي هنن پنهنجي قسمت بدلائي آهي پنهنجو نصيب پاڻ لکيو اٿئون.“

هن جي چپ تي ماحول ۾ اونداه کان به گھري خاموشي ڇائنجي ويئي. حقارت، نفرت ۽ اندر جي جيڪا به باهه بچو جي سيني ۾ هئي ساڄڻ هن ٻن منٽن ۾ ڪڍي وڌي.

 

”صبح ٿي ويو ڇا…!!“ سمن واري جي دڙي تي چڙهندي پڇيو.

 

”مٿو ڦريو ٿئي ڇا..!!؟؟ سج اڀرڻ ۾ اڃا پورو پهر هيو آهي “ مون وراڻيو.

 

”پوءِ هي يارو (سندس ڀاء) مينهن پڙي تي کپائڻ لاءِ رات جو ئي نڪري پيو آهي ڇا.؟“ هن دڙي جي پاسي کان مينهن ڪاهي لنگھندڙ همراه ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

مون آڱرين جي زور سان اکيون پٽيندي ڏٺو ۽ رڙ ڪري چيم ”هوشياري وٺ سمن !! چور ٿئي… تنهنجي مينهن وڃئي ٿي…“

 

”متان ويو ئين….!!!“ سمن چور کي للڪاري ڏانهس وڌندي چيو.

 بچي سمن کي ٻانهن کان جھلي ورتو ۽ چيائينس”پاڻهي قلندر قهر ڪندن.. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي…تون ڪو الڪو نه ڪر ويهي رنگي جا رنگ ڏس….ها!!“

 

”هئي ڙي هئي..!!!“ سمن ڪاوڙ مان ٻانهن ڇڏائيندي چيو ”واهه جو سڄڻ ٿيوئين …!“سمن نڪا ڪئي هم نه تم وڃي چور کي سوڙهو پيو. سمن جي هٿ ۾ ٺهوڪي لٺ هئي پر چور وٽ پستول هو، گولي هلي ته مان به گھٽ نه ڪئي سمن سان سر لڳي. واري جي دڙي تان جو چور مٿان ٽپ ڏيئي ڪريس ته وايون ئي بتال ٿي پيس سمجھيائين ڪا ڇپ ڪري پئي، جيئن ڪريو تيئن ئي ٺاپرجي ويو اصل چريو ئي ڪونه…

 

”چيلهه ڀڄي پئي اٿس…“ بچي کيس لت سان سڌو ڪندي چيو. مون پاسي ۾ سمن کي هٿ ڏيئي اٿاريو ٻانهن مان رت پئي وهيس گولي کيس ڇهندي نڪري وئي هئي. وڏي مڙسي ڪئي هئائين همٿ نه ڪري ها ته هٿ هڻي ها. 

اياز علي رند 

رڪارڊ

دروازو کوليندي ئي اسان جي نگاھ گيلري تي پئي ٻي ماڙ تي رهندڙ ڪراڙو پنهنجي نوجوان زال پويان ائين پئي لڳو جيئن ڪنهن خوبصورت ۽ من موهيندڙ سائن بورڊ پويان انگريزن جي دور ۾ ٺهيل ڪا قديم عمارت نظر ايندي آهي. روشنين جي شهر ڪراچي ۾ تن ڏينهن ۾ اونداهي جو راڄ هو، لوڊشيڊنگ گھڻن کي بي گھر ڪري وڌو هو تقريبن هر ماڻهو گھر جي دروازي يا روڊ تي نڪري آيو هو. ڌاريو ۽ مان صبح سوير تيار ٿي بيگ صاحب سان ملڻ وڃي رهيا هئاسين ڪراچي ۾ صبح سوير جو مقصد گھٽ ۾ گھٽ ڏھ وڳي هوندو آهي. هيٺ لهي پهريون ڪم جيڪو اسان کي ڪرڻو هو سو هو ڌاريي جي ملٽي ڪمپنيز واري موٽر سائيڪل جون زنجيرون ڇوڙڻ. ڪنهن فراڊي فقير جي اڱڻ تي ٻڌل ذهني مريض جيان ڌاريي جي موٽر سائيڪل به ساڻي ٿي پئي هئي.

”بيگ صاحب ٽائم جو وڏو پابند آهي، سندس لاءِ مشهور آهي ته هو فقط ان ڏينهن ليٽ ٿي سگھي ٿو جنهن ڏينهن سندس نالي سان ئي ليٽ لڳي وڃي.“ موٽرسائيڪل کي پيرن جي زورن تي اڳتي ڌڪيندي ڌاريي چيو. ڌاريي جي ڄاڻ سڃاڻ واري بيگ صاحب سان منهنجي نوڪري لاءِ ملڻو هو. گذريل رات کان ڌاريو شايد منهنجي رحم جوڳي بيروزگاري واري حالت ڏسي مون کي آٿت ڏيڻ جي يا بيگ صاحب جي اثررسوخ جو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مون کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پيارا هي تنهنجو ڳوٺ ناهي هتي ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو وارو رواج آهي پر ڌاريو چئي ته جي ماچيس جو سڄو گروس کڻي به شهر ۾ نڪرجي ته سمورين تيلين تان هٿ کڻڻو پوندو پر بيگ صاحب جهڙو بااثر ۽ ڪم وارو ماڻهو ملي نه سگھندو.

 ”بيگ صاحب جو پورو نالو لال خان آهي وڏا ماڻهو کيس لال بيگ ۽ اسان پارا بيگ صاحب چوندا آهن.“ ڌاريي موٽر سائيڪل مان زوزاٽ ڪڍندي چيو.

پلازه جي گيٽ وٽ ڪرسي تي ستل مارننگ شفٽ وارو چوڪيدار موٽرسائيڪل مان نڪرندڙ دونهين  جي لاٽن سان بيچين ٿيڻ لڳو. مان گيٽ کان ٻاهر سروس روڊ تي نڪري آيس گيٽ جي پاسي واري دڪان تان ڌاريي لاءِ بنا فلٽر ڪي ٽو سگريٽ ورتم. ڌاريي هوڙھ ڪري موٽر سائيڪل ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته ذري گھٽ سروس روڊ تان لنگھندڙ رڪشي ۾ موٽرسائيڪل سميت گھڙيو هو.

”او خوچه !! تم ڪو نظر نهين آتي…!“ هلندڙ رڪشي مان ٻوٿ ٻاهر ڪڍندي رڪشي جي پٺاڻ ڊرائيور ڪاوڙ مان چيو.

 ”نظر آتي هي خانصاحب !! “ ڌاريي وراڻيو ”ڊرائيونگ نهين آتي…!“

مان لانگ ورائي موٽرسائيڪل تي ويٺس ته ڌاريي دعاءِ سفر پڙهڻ جو به موقعو نه ڏنو جوهرچورنگي کان جوهر موڙ ۽ اتان کان پوءِ ڊگ روڊ تائين جنهن جنهن کي به ڌاريي ڊيھ ٿي هنئي تنهن تنهن کان هن فقط سوري چئي جان پئي ڇڏائي. سندس سوري چوڻ واري عادت ايتري ته پڪي ٿي چڪي آهي جو هو ”يا الله توبه“ جي جاءِ تي به ڪڏهن ڪڏهن ”يا الله سوري“ چئي ويندو آهي. پراڻن ڪتابن وارا گاڏا ڏسي ڌاريي جو وات گودو ٿيو پوي، منهنجي منع ڪرڻ باوجود به هو نه مڙيو ۽ پراڻن ڪتابن واري هڪ گاڏي وٽ موٽر سائيڪل بيهاري هن ٽي چار سال پراڻو ڪرنٽ افيئرس جو ڪتاب ورتو. اسان شاهراح فيصل وٺي ڪاوش ڪرائون اڳيان پهتاسين ته ڌاريي هڪ چمڪندڙ ڊگھي ڪار ڏانهن اشارو ڪندي رڙ ڪئي ،

 ”بيگ صاحب وڃي پيو!! “ هن تڪڙ ۾ موٽر سائيڪل بيهاري وڃي پارڪنگ ايريا مان نڪرندڙ گاڏي جو پاسو ورتو. ڌاريي ٻڌايو هو ته بيگ صاحب انجنيئر آهي مون کي هو انجنيئر گھٽ انجن ايئر وڌيڪ پئي لڳو. بيگ صاحب ڌاريي کي ڏسي شيشو لاٿو ڌاريي کيس هٿ ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش کان پوءِ ساڻس ڳالهائڻ شروع ڪيو ان دوران ڌاريي مون ڏانهن اشارو ڪيو ۽ بيگ صاحب مون ڏانهن گھوري ڏٺو، مون سندس نظرن جي بي يارومددگار چهري سان آجيان ڪئي جنهن بعد بيگ صاحب گاڏي جو شيشو بند ڪري ۽ ڌاريي هٿ ٻڌي هڪ ٻئي کان موڪلايو. مون ڌاريي کان ڪجھ به پڇڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ اسان وري پنهنجي شاهي سواري تي سوار ٿي پياسين.

ڪارساز واري چوراهي تي بيٺل ٽريفڪ پوليس جي هڪ سپاهي کي ڏسي ڌاريي بي خوف سگنل ٽوڙي وڃي سندس پاسي ۾ بريڪ هنئي.

 ”او سردار…!!! ڪهڙا حال آهن…!“ اڇي وردي پهريل سپاهي کي ڄڻ سالن کان پوءِ ڌاريو ٽڪريو هو، پهريان ٻنهي جهڪي هڪ ٻئي جي پيرن تي هٿ رکيا ۽ پوءِ ڀاڪر پائي مليا ڌاريي شايد اسان جو تعارف ڪرائڻ ضروري نه سمجھيو. هو ٻئي هڪ ٻئي کان پراڻن يارن دوستن جون خبرون چارون وٺڻ لڳا ته مون سپاهي جي هٿ مان سنڌي اخبار وٺي سرخين تي نظر ڊوڙائڻ شروع ڪري ڏني.عادت موجب مان پهرين شوبز جي خبرن وارو سيڪشن ڏٺو پوءِ پريمي جوڙن واروسيڪشن پڙهيو ۽ آخر ۾ مين پيج تي پهتس. سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ موجود سرڪاري اسپتالن بابت هڪ وڏي رپورٽ پڙهي دل سوڳوار بڻجي پيو. ڪراچي جي قبرستانن جي داخلي دروازن تي ”ڪل نفس ذائقت الموت“ ڏسي ڌاريو اڪثر چوندو آهي ته اها آيت اسان جي ڳوٺ واري سرڪاري اسپتال جي داخلي دروازي لاءِ وڌيڪ ٺهڪندڙ آهي.

 تر تڪڙ ۾ مان تقريبن سمورين سرخين تي نظر ڦيرائي چڪو هوس جوڌاريي رڙ ڪري چيو،

”بس ڪر ڀلا ! ڪهڙي خبر ۾ منڌو آهين !؟ شل نه ڪا فري جي اخبار هٿ اچئي…! چنبڙيو پئينس…“

”ڪا خاص خبر ڪانهي ،“ اخبار سپاهي جي هٿ ۾ ڏيندي چيم”لکيل آهي ته هيل گيمز ۾ انڊيا ايترا رڪارڊ قائم ڪري وڌا آهن جو اسان کي اهي ٽوڙڻ ۾ ڪئي سال لڳي ويندا“.

 ”هونھ….!!!“ ڌاريي ڪنڌ کي جھٽڪو ڏيندي چيو ”اسان آئين ٽوڙڻ ۾ جيڪي رڪارڊ قائم ڪيا آهن سي سندن ست پيڙهيون به ٽوڙي ڪونه سگھنديون.“

 

 

اياز علي رند