ڳولا جو سفر

ناانصافي، ظلم، بک، بدحالي ۽ جهالت واري معاشري ۾ معاشي ۽ سماجي محرومين جا شڪار ويچارا سادا، اٻوجھ ۽ مسڪين ماڻهو سدائين پنهنجن دردن جي درمان خاطر يا ته ڪنهن معجزي جا منتظر رهندا آهن يا وري ڪنهن الهامي مسيحا جا. اهڙا ماڻهو ڪنهن پير جا سڀ کان آسان شڪار هوندا آهن

انهن جي چڪر ۾ جو ڦاٿو تنهن جو سولائي سان جند ڇڏائڻ ممڪن ئي ڪونهي. هي مذهبن کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي آهي. مذهب جيڪڏهن نشو آهي ته هي نفسياتي مرض آهي. اهڙا پير فقير ڪچهرين جا وڏا ڪوڏيا هوندا آهن. حوالن ۾ خدو ڪليري کي به مات آهي

درويشي گفتگو سدائين سحر طاري ڪري ڇڏيندڙ هوندي آهي. صوفي حلقن جون ڪچهريون نقاب پهريل عرب ڊانسر جيان هميشه دلفريب، ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ پرتجسس هونديون آهن. انهن جون ڳالهيون، قصا، ڪهاڻيون ڀيدن جو مجسمو هونديون آهين جيڪي ماڻهن لاءِ پرڪشش بنجي وينديون آهن ۽ هو نه چاهيندي به انهن جي آسيب جو شڪار بنجي ويندا آهن. هي فن ڪن کي سندن عقيدتمند ته ڪن کي باقائده ڪنهن صوفي سلسلي جو پيروڪار بنائي ڇڏيندو آهي

ڳولا جو سفر ڪنهن جاسوسي ناول کان گھٽ پرتجسس ناهي هوندو

خانگاه ۾ بخمل جي بستري واري مسند تي نرم وهاڻن سان ٽيڪ ڏيئي ويٺل مرشد سائين جي ڳاله هميشه مبهم، الجھيل ۽ گھڻ رخي هوندي آهي . اهو ئي سندس سڀ کان وڏو گر آهي جنهن سبب هر مريد توڻي عقيدتمند سندس گفتگو منجهان خودساخته مطلب ٺاهي پيو سرور وٺندو آهي

ڇو جو کين اهو ئي ٻڌايو ويندو آهي ته مرشد دلين جا راز ڄاڻي ٿو ۽ وقتن فوقتن اڻ سڌي طرح ۽ اشارن ۾ مريدن تي پنهنجي فيض جا بي بها خزانا پيو لٽائيندو آهي هاڻي اهو مريد مٿان آهي ته هو ڪيترو ٿو پرائي

اهو ئي سبب آهي جو مريدن جو خيال ڪڏهن به ان طرف نه ويندو آهي ته جي مرشد ايترو ئي بااختيار ۽ مهربان آهي ته سندن مسئلن تي اشارن ۽ اڌ اکري ۾ ڇو ڳالهائيندو آهي ؟ ۽ کين فيض هميشه اڻ سڌي طرح ئي ڇو بخشيندو آهي؟ سڌو سئون ڇونه !؟

پير جي پيرن آڏو ادب سان جھڪيل ڪنڌ واري هر شخص کي لڳندو آهي ته مرشد اڻسڌي طرح ساڻس ئي مخاطب آهي ۽ هر ڀيري سندن عقيدت ۾ اڳ کان وڌيڪ اضافو ٿيندو ويندو آهي ۽ سندن عقل تي عقيدت جا تهن مٿان تهه چڙهندا رهن ٿا. عقيدن جي اهڙي ريت پيدا ٿيل پختگي مريدن جي ذهنن کي سن ڪري، عقل ۽ شعور جا سڀ تاڪ بند ڪري کين مرشد جو بيوس باندي ڇڏيندي آهي

۽ يقينن ذهني غلامي جسماني غلامي کان وڌيڪ خراب ۽ خطرناڪ هوندي آهي

جھيڙو

هي ٻار منهنجو آهي !

نه هي منهنجو ٻار آهي !

 

ماحول ۾ اچانڪ گوڙ ٿي پيو ته آس پاس جا ماڻهو متوجه ٿيا. ٻن ڄڻن جي هڪ ٻار جي مالڪي تان منهن ماري شروع ٿي، ماڻهن وچ ۾ پوڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ڳالهه نه وڌي پر ڳالهه هئي جا وڌندي وڌندي ڳالهڙو ٿي وئي. کين اهو احساس ئي نه رهيو ته ٻار جي پيار ۾ نڪرندڙ لڙڪ ۽ آهون ڪهڙي ويلي انا ۾ وهي ڪاوڙ ۽ ضد جي شڪل اختيار ڪري ويا. هڪ طرف هي ٻه ڄڻا هئا جن ڪنهنجي نه ٿي ٻڌي، ڳچي جون رڳون ڦوڪجنديون ٿي ويون، جسم پگھر ۾ ٻڏندو ٿي ويو، منهن ڳاڙها لال ٿيندا پئي ويا ۽ ڇڪ ڇڪان وڌي هٿين پوڻ تائين وڃي پهتي … ۽ ٻئي پاسي ويچارو ٻار هو جنهن جا هٿ، پير ۽ مٿو ڪڏهن هڪ جي هٿ ۾ ٿي آيا ته ڪڏهن ٻئي جي هٿ ۾ … هو پهرين بيحال ٿيو، پوءِ بيهوش ۽ پوءِ نه ڄاڻ ڪهڙي ساعت ويچاري جي جان نڪري وئي … مگر جھيڙو اڃا به جيئن جو تيئن جاري هو، جيڪڏهن ڪجھ بدليو هو ته اهي فقط لفظ هئا …

 

لاش مان دفنائيندس !

 

نه مان دفنائيندس !