اٽي دال جا اگھ

”يو لڪ گارجييس !“ مون چيو.

”هاهاهاها“ هن جي ٽهڪن جي آواز کان وڌيڪ مڌر ساز مون اڄ تائين نه ٻڌو آهي، جيڪو روح جي گھراين تائين سرائيت ڪري وڃي.

”واٽ ! آءِ ايم سيريس.“ مون چيو.

”هاهاها….ههممم ! مون لاءِ اهڙا جملا گھڙڻ جي ضرورت ڪونهي. مان تنهنجي ڪلاس جي ڪا ٽين ايج ڇوڪري ناهيان“ هن وراڻيو.

”نه واقعي… هن جوڙي ۾ تون وڌيڪ پرڪشش پئي لڳين. ۽ توتي نظر پوندي ئي منهنجي دل ۾ جيڪو آيو سو چئي ڏنم. جملو گھڙڻ لاءِ ته مون جهڙي ڪند ذهن کي وقت کپي.“ مون چيو.

”چگو هاڻي روڊ تي ڌيان ڏي ! تنهنجا باقي رهيل رومانوي ڊائلاگ ريسٽورنٽ تي ٻڌي وٺنديس“

”ڊائلاگ ! اف ! توسان پڄڻ منهنجي وس جي ڳالهه ڪونهي“

”ها ! ۽ ڪوشش به نه ڪندو ڪر. هرو ڀرو شرمنده ٿيڻو پوندو اٿئي“

”هاهاها“

”هڪ صلاح ڏيانءِ مفت ۾ !؟“ هن پڇيو.

”ها ها ڇو نه“ مون وراڻيو.

”اهي ڊائلاگ ڪنهن ڏينهن منيزه کي ٻڌائجان. وڏو ثواب ملندئي ! ويچاري کي ڏاڍو اذيت ۾ رکيو اٿئي“ سندس چهري تي شرارت اڀري آئي.

”مونکي ثواب جو اسٽاڪ جمع ڪرڻ جو ڪو شوق ڪونهي ! منيزه جو دماغ خراب ٿي ويو آهي. ۽ تنهجو ڀي ! هي به ڪو وقت آهي هن جو ذڪر ڪري چڱي ڀلي موڊ جو ستيا ناس ڪرڻ جو“

”اڙي ! سفا ڪو پٿر دل آهين يار! مري ويندي ويچاري ! توکي رحم به ڪونه ٿو اچي“

”هن سان همدردي لاءِ تون گھٽ آهين“

”سچ ٿي چوان . مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ڀئو ٿيندو آهي. هن جي آه لڳي ته توسان گڏ مان به هروڀرو مفت ۾ سڙي وينديس“

”سڙڻو ته هونئي آهي توکي… هتي نه ته دوزخ ۾“

”ها…ها..ها “ ڪوڙي کل کلندي هن چيو ” تون منهنجي ٻڌندو به ته ناهين! ڇا ڪجي !“

”ناممڪن ! خوبصورت ڇوڪرين جون ڳالهيون ته مان اکين سان ٻڌندو آهيان“ مون چيو.

”ڌوڙ سمجھندين پوءِ. ڪنن سان ٻڌين ته سمجھ ۾ به اچئي“

”ٻڌ ! تون مون سان محبت ته ڪندو آهين نه ؟“ هن پڇيو.

”آءِ ڊونٽ نو. “ مون وراڻيو.

”تون عشق کان ايترو لنوانئين ڇو ٿو ؟“

”مان هڪ انتهاپسند شخص آهيان.“ مون چيو ”ڀئو مون کي محبت کان نه پنهنجي شدتپسندي کان ٿيندو آهي“

”چوندا آهن، اکيون دل جون ترجمان هونديون آهن يا ته تنهنجون اکيون غلط آهن يا ته اکين جو دل سان تعلق هوندو ئي ڪونهي“

”اکين جو دل سان تعلق ته آهي“ مون چيو ”نه ته دل ڀرجي اچڻ سان اکيون اوور فلو نه ڪن ها“

گاڏي ريسٽورينٽ آڏو ٺهيل پارڪنگ ايريا ۾ پارڪ ڪري اسان ٻئي ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿي وياسين. هو هميشه جيان مون کان ڪئي وکون اڳتي نڪري هلندي رهي ۽ ريسٽورنٽ ۾ موجود تقريبن هر مرد جون نگاهون ڏانهس کڄنديون ٿي ويون. دراز قد ۽ ڊگھي ڳچي کان علاوه سندس وڏين، حسين ۽ پراسرا نگاهن ۾ جا ڪشش هئي تنهن گھڻن کي گھايو هوندو. هلندي هلندي جڏهن هو زلفن ۾ آڱر ڦيري لٽ کي ڪنن ڏي سيريندي ڪنڌ ورائي ڏسندي هئي ته سندس ڪرشماتي نظر جو جادو وڌيڪ سگھارو ٿي پوندو هو ۽ انسان کي بت ۽ بت کي جاندار بڻائي وجھندو هو.

اسان هميشه جيان اولهه اتر ڪنڊ واري وسيع شيشي سان لڳو لڳ ڪارنر ٽيبل تي ويٺاسين جتان شاپنگ مالز ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي پيهه جو منظر واضع ڏسي سگھبو هو.

هن جون نگاهون مينو ڪارڊ جي ڊگھي فهرست ۾ رلنديون رهيون ۽ منهنجون هن جي چهري تي.

”هڪ ڳاله ٻڌايان “ اچانڪ مون تي نظر پوندي ئي هن مينو ڪارڊ ٽيبل تي رکندي چيو ” توکي پيار ٿي ويو آهي مونسان!… بيليو مي.“

”آءِ ڪين ناٽ !“ مون چيو ”آءِ آلويز بيليو يو… پر ضروري ته ناهي جنهن تي ڀروسو هجي ان جي هر ڳاله تي انڌو اعتماد ڪري ڇڏجي. مان انڌي پن تي يقين نٿو رکان پوءِ ڀلي اهو پيار هجي يا عقيدو. ها ! جڏهن ائين هوندو ته تو سان اظهار ڪندس“

هن وري مينو ڪارڊ کڻي ان ۾ جهانڪڻ شروع ڪيو ۽ مان شيشي کان ٻاهر ماڻهن جي پيه ۾ گم ٿي ويس. ڪجھ گھڙيون ائين ئي گذري ويون پوءِ بيرو آيو ۽ هميشه جيان هن پنهنجي ۽ منهنجي لاءِ آرڊر ڪيو.

”پوءِ ! ڇا سوچيو اٿئي؟ اڳتي ڇا ڪندين“ هن ٽيبل تي پيل ٻنهي گلاسن ۾ پاڻي ڀريندي پڇيو.

”گھڻو سوچيندڙ فيصلو ڪري ڪونه سگھندا آهن“ مون وراڻيو ”آئون بس هلي پيو آهيان….

”گھاڻي جي ڏاند وانگر اکين تي پٽي ٻڌي گول گول گھمڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي.“ هن منهنجي ڳاله ڪٽيندي چيو ”انسان کي هلڻ تڏهن کپي جڏهن سندس نگاه ۾ ڪا منزل هجي ڪو مقصد هجي. جنهن هلڻ سان پنڌ ئي نه کٽي تنهن سفر جي اجائي ٿڪاوٽ کان واندو ويهڻ ئي ڀلو.

”مان توکان هونئن ئي متاثر آهيان انڪري منهنجي سامهون فلسفو جهاڙڻ بند ڪر“ مون گلاس کڻندي چيو.

”تو جهڙن سست ۽ ڪاهل ماڻهن کان ته واقعي اهڙيون ڳالهيون زور آهن جن لاءِ ڪلاڪن تائين مطالعو ڪرڻو پوي.“

”ڳاله منهنجي سستي جي آهي يا تنهنجي پيٽ ڀرائي جي !“

”ڇا مطلب !؟“

”هي فڪر، فلسفو، مذهبن جو تقابلي جائزو، انقلابن ۽ نظرين جو مطالعو وغيره سڀ پيٽ ڀريل ماڻهن جا ڪم آهن. هتي ماڻهو ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهن. جن جي دماغ ۾ سڄو ڏينهن اٽي دال جا اگھ گھمريون پائيندا هجن اهي ايترا عقل جا اقابر ٿي ڪونه سگھندا آهن. ڳڀي جي ڳولا ۾ حياتي ڪيئن هٿن مان نڪريو وڃي کڙڪ ئي ڪانه پوي“

Advertisements
By Ayaz Ali Rind Posted in Uncategorized

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s