جيئڻ جو ڏانءُ

پره ڦٽي جا پهريان ڪرڻا ٽينٽ اندر گھور ننڊ ۾ گش زخمين کي بي چين ڪرڻ لڳا. هيل تائين ٿيل کپت ۽ وڌيڪ ضرورت موجب دوائن جي انتظام لاءِ تمام ضروري ڪاغذي ڪاروائي ڪري چڪو هئس. ليپ ٽاپ بند ڪري عينڪ لاهي ٽيبل تي رکيم ۽ اکين جي ٿڪاوٽ ۽ بي آرامي تي مرهم رکڻ لاءِ کين آڱرين سان مهٽڻ لڳس جيئن پيٽ سان پٿر ٻڌي بک جي باه جو ڪجھ گھڙين لاءِ ڀڙڪڻ ماٺو ڪري سگھبو آهي تيئن ننڊ جي بکايل اکين کي آڱرين سان مهٽي ڪجھ وقت لاءِ آرام ڏيئي سگھبو آهي. ڪرسي ڇڏي مان ٽينٽ کان ٻاهر نڪري آيس. ڪيمپ کان ڪجھ فاصلي تي وڻن جي گھاٽي ڇانو هيٺان بيٺل پاڻي جي دٻي جي ڪناري سان ويٺل ڪجھ معصوم ٻار هڪ ٻئي جي پٽي ٻڌل ڦٽن کي آڱريون پوڙي هڪ ٻئي کي چيڙائي مزو وٺي رهيا هئا. ڪاش ! هر ماڻهو هنن ٻارن جيان ڪربناڪ سانحن کان پوءِ به ماضي جي سوڳ ۽ مستقبل جي غم کان لاتعلق رهي موجوده لمحي ۾ جيئڻ جو ڏانءُ سکي سگھي ها…