گواهي

رات جا ڏهه ٿي چڪا هئا ۽ بحث اڃا جاري هو.

هر شخص پنهنجي پنهنجي عقيدي جي حق ۾ زبردست دليل ڏيئي رهيو هو.

”تنهنجي چهري تي مسلسل مسڪراهٽ ڇو آهي“ عديل پڇيو ”خبردار ! متان ڪا شرارت ڪئي اٿئي. ياد رک ! مذهبي معاملي ۾ انسان آپي مان نڪري ويندو آهي ۽ هي سڀ ته يقينن پنهنجي پنهنجي عقيدي جا انتها پسند مشهور آهن.“

”اهڙي ڪائي ڳاله ناهي“ مون چيو ”مون کي پنهنجي حياتي پياري آهي. مون رڳو اهو پئي سوچيو ته هنن سڀني جو مذهب مختلف آهي پر هنن جي دليلن تي غور ڪبو ته هي سڀ پنهنجي پنهنجي مذهب کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ سائنسي تحقيق سان ثابت ڪيل نتيجن کي گواهي طور پيش ڪري رهيا آهن.“

هن ڦڙتي سان ڪنڌ مون ڏانهن ڦيريو ۽ ڪنهن گهري سوچ ۾ گم ٿي ويو.

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s