داغدار ماضي

 ڪاليج جي ڀتين مون کي وهشت ڀريل نظرن سان پئي گھوريو ۽ مان ماضي جي تلخ يادن جو پڙاڏو محسوس ڪرڻ لڳس. منهنجي وجود ۾ هڪ خوفناڪ لرزش جو احساس هو سوچن جو ذهن تي ڄڻ سمنڊ اٿلي پيو هو. بي انتها چاهت جي يادگيرين سان گڏ روح کي ايذائيندڙ خوفناڪ منظر پڻ هيا. هڪ طرف محبت جو بيپناه حسن هو ۽ ٻي طرف وهشتي حرڪتن جو هنياء ڏاري وجھندڙ احساس هو.

تن ڏينهن ۾ اهڙو نه هوس جهڙو اڄ آهيان منهنجي هاڻوڪي شخصيت جي پرورش جيل ۾ سماجي، سياسي ڪارڪنن ۽ اديبن سان گذاريل ڏينهن دوران ٿي آهي. مون کي ڪتاب پڙهڻ جي عادت پڻ اتان ئي پئي.سياست جنهن جو ڪاليج وارن ڏينهن ۾ مون ڌوڪيبازي، بدماشي ۽ مڪاري مطلب ٺاهي ورتو هو سا هڪ مقدس روپ ۾ منهنجي سامهون نروار ٿي آهي.

مان ڪامرس بلاڪ کان ٿيندو لائيبريري اڳيان لنگھيس ته قدم رڪجي ويا منهنجو رخ ڪنهن دلفريب ڇڪ سبب لائيبريري ڏانهن ٿي ويو. ڪاليج وارن ڏينهن ۾ مان هتي ڪڏهن به پڙهڻ جي نيت سان نه آيو هوس مون کي چڱي طرح ياد آهي ته لائيبريري جي خاموش ماحول کي خراب ڪندڙ شرارتي شاگردن جي ٽولي جو مان نمايان ڪردار هوس پر تنهن هوندي به فقط لائيبريري ئي پوري ڪاليج ۾ منهنجي لاءِ پنهنجائپ ۽ پناهگاه وارو درجو رکندڙ آهي.منهنجي خاموش محبت جي گواهن مان هاڻي مون وٽ فقط هي لائيبريري ئي آهي. هي اها جاءِ آهي جتي مون پهريون ڀيرو پره کي ڏٺو هو. نيري وڳي ۾ سندس حسن نکري پوندو هو. هو حورن ۽ پرين جي تصور کان به وڌيڪ سهڻي هئي. هن جي مسڪراهٽ ۾ معصوميت ۽ انداز ۾ سادگي هئي سندس سونهن کي ڪنهن سينگار جي ڪاڻ ڪانه هئي. سهيلين جي ٽولي ۾ هو ڪنهن راڻي جيان نمايان ٿي پوندي هئي. ڪاليج جي ٻن سالن دوران هو جڏهن به منهنجي سامهون آئي مان کانئس نظرون هٽائي نه سگھيس منهنجي مسلسل گھورڻ جو کيس اندازو به هيو.هو مونکي ڪنهن خوبصورت خواب جي حسين ساڀيان لڳندي هئي هن کي فقط ڏسڻ سان ئي جنهن سڪون جو احساس پيدا ٿي پوندو هوتنهن مونکي هميشه محبت جي اقرار کان غافل رکيو. هندي فلم جي ڪنهن هيروئن جيان ساڻس هميشه هڪ سائيڊ هيروئن گڏ هوندي هئي جيڪا مونکي سدائين طنزسان ڀريل نگاهن سان ڏسندي هئي شايد اندر ئي اندر ۾ منهنجي حال تي کلندي هوندي. تن ڏينهن ۾ مان اڪثر مڪيش جو ڳايل گيت ”مين جانتا هون ڪي تو غير هي مگر يون هي ڪبهي ڪبهي ميري دل مين خيال آتا هي…“ وڏي چاه سان گنگنائيندو هوس.

لائيبريري ۾ ڳچ وقت گذارڻ کان پوءِ مان ڪاليج جي بلڊنگ کان ٻاهر نڪري آيس محبت جي حسين يادن جي سلسلي کي ماضي ۾ ڪيل ڏوهن وڪوڙڻ شروع ڪري ڏنو. مون پنهنجي جذبن کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر حقيقت جو عڪس ذهن جي پردي تي نروار ٿيڻ بنا رهي نه سگھيو.مون کي سڌارڻ لاءِ تن ڏينهن ۾ مائٽن وڏا جتن ڪيا ها پر مون مان اهڙي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر هئي. مان بدماش شاگردن جي ٽولي جو بدمغز اڳواڻ هوس پڙهڻ تي ڌيان ڏيندڙشاگردن کي مان سياڻپ بجاءِ بزدلي سمجھندو هوس ۽ پنهنجي چريائپ کي بهادري. استادن کان وٺي ڪنٽين جي بيرن کي تنگ ڪرڻ ۽ بل نه ڏيڻ تائين ۽ امتحانن ۾ خلل وجھڻ کان وٺي مسڪين شاگردن سان وڙهڻ تائين هر جرم کي مان پنهنجي ڪاميابي ۽ سوڀ تصور ڪندو هوس. تڏهن مان زندگي جي تلخ حقيقتن کان اڃا اڻواقف هوس. مون پنهنجي مستقبل لاءِ ڪنهن يونيورسٽي بجاءِ جيل جو رستو چونڊيو هو ۽ پنهنجي جسم تي موجود لوهي راڊن، سنگھرن ۽ گولين جي جن نشانن کي اڄ مان بدنما داغ تصور ڪيان ٿو اهي نشان تن ڏينهن ۾ مان وڏي فخر سان دوستن کي ڏيکاريندو هوس ۽ پنهنجي سورهيائي جا قصا وڏي زير زبر سان پيش ڪندو هوس.مون کي ذرو به احساس نه هو ته پنهنجي قومي تشخص کي مون ائين بدنام ڪيوهو جيئن مڪانن ۽ اوتارن تي ڀنگ، چرس ۽ آفيم جو نشو ڪندڙ موالي حضرت علي جي نالي کي ڪندا آهن. مون کي اڄ پنهنجي غيرسنجيده گذاريل گھڙين ۽ جيء جھوري وجھندڙ بي ضمير حرڪتن تي پڇتاء آهي. مان نه رڳو پنهنجي ضمير ۽ مائٽن جو مجرم آهيان پر انهن سڀني خاندانن جو جن جا نوجوان منهنجي ڪري يا ته پڙهائي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا يا وري دنيا ڇڏڻ تي. مان هڪ نسل جو مجرم آهيان، هڪ قوم جو مجرم آهيان.

وقت جيڪڏهن ورڻ تي آماده ٿي پوي ته مان جيڪر پنهنجو هر جرم هر گناه پنهنجي رت سان به ڌوئڻ لاءِ راضي ٿي پوان پر هاڻي اهو ممڪن ناهي ويل وقت موٽڻو ناهي ۽ گھريل گھڙين جو ازالو ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. منهنجو وجود منهنجي لاءِ دوزخ جي باه کان گھٽ ڏنڀيندڙ ناهي ۽ منهنجو ضمير دوزخ جي داروغي کان گھٽ ايذائيندڙ ڪونهي. مون پنهنجي اندر جي اڻتڻ کي دٻائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام ٿي ورندي محسوس ڪيو آهي مان ٻوسٽ ۾ گھريل جاندار جيان جھنجھوڙي رهيو آهيان. تاريخ ۾ مان پنهنجي ڪردار کي بدلائي نه سگھندس، ماضي جي داغن کي مٽائڻ جي سگھ حاصل ڪري نه سگھندس. ڪڏهن به نه……شايد ڪڏهن به نه……………!!

 

اياز علي رند 

 

Advertisements