سائره

شام جو وقت هو، اسلام آباد ۾ اچانڪ ئي موسم جھڙالو ۽ دل لڀائيندڙ ٿي پيو هو. سائره شاپنگ ڪري مال مان ٻاهر نڪري آئي هٿن ۾ ڪجھ پلاسٽڪ ۽ ڪاغذ جا ٿيلها کڻي هو روڊ جي ڪناري تي اچي بيٺي. سندس نگاهون ٽيڪسي جو تعاقب ڪرڻ لڳيون. ايتري ۾ سندس سامهون هڪ گاڏي اچي بيٺي. ڊرائيونگ سيٽ تي سادات ويٺل هو جنهن کيس نهايت مهذب انداز ۾ لفٽ جي آفر ڪئي. سائره چاهيندي به نٽائي ڪانه سگھي ڇو جو سادات گفتار جي مهارت سان گڏ نصيبن جو پڻ ڌڻي رهيو آهي هو کيس قائل ڪرڻ جو گر ڄاڻي ٿو.

سادات؛ اچو ميڊم ! مان اوهان جي گھر واري پاسي ئي وڃي رهيو آهيان.

سائره؛ نو اٽز اوڪي ! ٿينڪس.

سادات؛ دل جاءِ رکو. مان ايترو برو به ناهيان (مسڪرائيندي)

سائره؛ نه واقعي اهڙي ڪائي ڳاله ناهي ! اوهان جي مهرباني. مان هلي وينديس (بار بار روڊ ڏانهن ڏسي ڪنهن ٽيڪسي کي ڳوليندي)

سادات؛ (ويٺي ويٺي ئي گاڏي جو دروازو کوليندي) اچو پليز ! نه ته مون کي هميشه شرمندگي رهندي ته اوهان مون کي بگڙيل ۽ بدماش سمجھو ٿيون.

سائره؛ (زبردستي جي مرڪ چپن تي آڻيندي ان ڪمفرٽيبل انداز ۾ ويهي رهي ٿي) ٿينڪس

سادات؛ ماءِ پليير !

ڪجھ دير گاڏي روڊ تي هلندي رهي ٿي. سادات جو روڊ ڏانهن مڪمل ڌيان سائره کي ريليڪس ڪرڻ لڳي ٿو ۽ هو گاڏي جو جائزو وٺڻ لڳي ٿي. ڪجھ سي ڊيز کان پوءِ پاسي ۾ پيل شاپر اندر ڪتابن کي ڏسڻ لڳي ٿي.

سادات؛ نام چومسڪي جو ڪتاب آهي (سادات کيس ڏسندي چوي ٿو.) اصل ۾ مان انجنيئرنگ ۾ گريجوئيٽ آهيان پر دلچسپي هميشه ادب، سياست يا تاريخ وغيره ۾ رهي آهي. ائين سمجھو ته اهي سبجيڪٽ منهجو عشق آهن پر حالتن  منهنجي انجنيئرنگ سائنس سان ارينج ميريج ڪرائي ڇڏي آهي… (سائره ڄڻ کلي ڪري کلي پئي ها پر هو پهرين مالاقات جو ڀرم رکندي ايترو ان فارمل هرگز نه پئي ٿي سگھي ان ڪري مسڪرائي ٿي) پر ائين ناهي ته مون ارينج ميريج کي مان نه ڏنو آهي. مان هڪ ڪامياب انجنيئر آهيان ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيز ۾ سٺين پوزيشنس تي ڪم ڪندو رهيو آهيان.

سائره؛ پوءِ هي يونيورسٽي ۾ اوهان ڇا پيا ڪيو؟

سادات؛ اسان جو پراجيڪٽ يونيورسٽي جي بلڪل ويجھو هلي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪجھ سالن تائين مون کي اتي ئي رهڻو آهي. ائين سمجھو ته وقت هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجي محبوب کي آڻي منهنجي سامهون بيهاري ڇڏيو آهي. ان ڪري مان ان موقعي جو فائدو پيو وٺان.

سائره؛ لڳي ٿو رومانوي ادب ڪجھ گھڻو اثر ڇڏيو آهي اوهان تي.

سادات؛ هاهاهاها

سائره؛ رڳو پڙهڻ جو شوق رکو ٿا يا لکندا به آهيو؟

سادات؛ ها ڪڏهن ڪڏهن.

سائره؛ ڪڏهن ڪڏهن ڇو !؟

سادات؛ ڇو جو هڪ مڊل ڪلاس ماڻهو کي هن ملڪ ۾ جيئرو رهڻ لاءِ مشين بڻجي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. مشين جيان بغير ڪنهن احساس ۽ جذبي جي، نه چاهيندي به مسلسل ۽ اڻٿڪ محنت ڪرڻي پوندي آهي. ٻي صورت ۾ سندس پرفارمنس ۽ افيشينسي تي منفي اثر پوندا آهن ۽ پوئر پرفارمنس ڊليور ڪندڙ مشينن کي اڄ جي هن تيز دئور ۾ ڪنهن ڪٻاڙخاني ۾ ڦٽو ڪري ڇڏبو آهي.

سائره؛ وائو !!  يو آر ويري گڊ وٿ ورڊس.. ڇا لکندا آهيو ؟

سادات؛ لکڻ ۾ آئون حدن جو قائل ناهيان.ڪو شاعر فقط شاعري لکڻ جو ئي پابند ڇو هجي. ڪو ڪهاڻيڪار سڄي عمر رڳو ڪهاڻيون ئي ڇو لکي. اهو ته خيال تي ڊپينڊ ڪري ٿو ته ان کي تخليق جي ڪهڙي رنگ ۾ وڌيڪ ڌيان ڇڪرائيندڙ ۽ اثرائتو بنائي سگھجي ٿو.

سائره؛ ها بلڪل صحيح چيو اوهان. ته پوءِ پنهنجي شاعري جون ئي ڪجھ سٽون ٻڌايو.

سادات؛ هن کي چئجو

مون سان نه ملي

مان رولاڪ سوچن جي

ڄارن ۾ اٽڪيل

مان اڻکٽ سوالن جي

جوابن ۾ ڀٽڪيل

هو مرڪي رهي ڀل

بخمل تي ٽيڪيل

هو سهڻي ۽ سادي

مان ارڏو ۽ باغي

مان صدائن جو وارث

سوالن ۾ گھريل

سوال جيڪي سوچڻ سزائون

جواب جن جا ٽياس ٽنگيل

سوال باغي جواب مجرم

آهن ازل کان

سولي تي لٽڪيل

سوال اهڙا

پڇڻ نه جهڙا

جواب جن جا

گھاڻن ۾ پيڙهيل

هن جون معصوم مرڪون

نازڪ نهارون

مان وه جو پيالو

نه درمل نه دارون

انجام منهنجو

بي گور چچريل

هو ڪلي شال

ويتر کلي ۽ کلي

هن کي چئجو

مون سان نه ملي

هو دل سان ٿي سوچي

مان منطق جو سائل

سوال جن جي

لهرن ۾ ڦاٿل

جواب ٻيڙا

سنڀرن نه ساحل

سائره؛ واه واه ! زبردست. اوهان ته تمام سٺو لکندا آهيو.

سادات؛ ٿينڪس.

ڪجھ دير تائين خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي ۽ گاڏي ساڳي رفتار سان روڊ تي ڊوڙندي رهي ٿي، روشنيون گاڏي جي اندروني نيم اونداهين حصي کي وقفي وقفي سان روشن ڪنديون رهن ٿيون. ۽ پوءِ نهايت ڌيمي انداز ۾ سائره ڳالهائي ٿي.

سائره؛ اوهان سان هڪ ڳاله ڪرڻي آهي؟

سادات؛ جي بلڪل

سائره؛ مان پهريون ۽ آخري ڀيرو اوهان سان هن ڳاڏي ۾ ويٺي آهيان ۽ اهو به انڪري جو مونکي اوهان سان ڪجھ ڳالهائڻو هو. ۽ شايد هي بهتر موقعو هو. مون کي خبر ناهي ته مون کي اهو سڀ ڪجھ چوڻ به گھرجي يا نه پر مان رک رکاء جي قائل ناهيان انڪري چوڻ چاهيان ٿي ته منهنجي ڪوليڪز جي خيال ۾ اوهان ڄاڻي ٻجھي بار بار منهنجي سامهون اچو ٿا ۽ منهنجي مدد به ڪريو ٿا. مان اوهان جي شڪرگذار اهيان ۽ مون کي ڀروسو آهي ته اوهان هڪ سٺا انسان آهيو. اوهان سان ملڻ کان اڳ به منهنجو اهو ئي اندازو هو ۽ اڄ اوهان سان ملي به ائين ئي لڳو اٿم پر يونيورسٽي ۾ اوهان جو هي رويو منهنجي لاءِ مشڪلاتون ۽ پريشانيون پيدا ڪري رهيو آهي. مان هڪ شادي شده عورت آهيان (هو پنهنجي آڱر ۾ پاتل منڊي کي ٻئي هٿ جي آڱرين سان ڦيرائيندي چوي ٿي) ۽ نٿي چاهيان ته اڻڄاڻائي ۾ اوهان منهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪري وجھو. اسان ماڻهو ڀلي ئي ڪيپيٽل ۾ رهي ماڊرن دنيا جي هر رسم کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪندا رهون پر اندر ۾ اڃا اسان اهي ئي پوئتي پيل جذباتي سوچن جا مالڪ آهيون جنهن ۾ ڪوڙي غيرت، عزت ۽ انا جون پاڙون اڃا به مضبوطي سان جڪڙيل آهن. اسان انهن جا لاه ڪڍي نه سگھيا آهيون.

سادات کيس حيرانگي ڀريل سان ڏسي ٿو ۽ روڊ ڏانهن متوجه ٿي وڃي ٿو. ڄڻ کيس اهڙي ڪابه توقع نه هئي. هو ٻئي خاموش رهن ٿا. باقي رهيل سفر دوران سائره دري کان ٻاهر ڏسندي رهي ٿي ۽ سادات سوچن ۾ گم رهي ٿو، هو سوچي ٿو ته ڇا واقعي هو سائره جو پيڇو ڪري ٿو؟ ڇا واقعي هو ضرورت کان وڌيڪ سندس مدد ڪري ٿو؟ نه نه ايئن ناهي ! هو سوچي ٿو ته سائره سندس فطرت کان اڻڄاڻائي سبب غلط نتيجو اخذ ڪري ويٺي آهي. حقيقت ۾ اهڙي ڪائي ڳاله ناهي. ها ! ايئن هر گز به ناهي.

گاڏي سائره جي گھر آڏو اچي بيهي ٿي بريڪ لڳڻ تي سائره گھر ڏي ڏسي ٿي ۽ لهڻ لاءِ دروازو کولي ٿي پر ان کان اڳ جو هو لهي هلي وڃي سادات ڳالهائي ٿو؛

سادات ؛ مان فقط اوهان جو احترام ڪندو آهيان. بلڪل ايئن جيئن ٻين استادن جو ڪندو آهيان. اوهان کي يا اوهان جي باقي ڪوليگز کي ايئن ڇو محسوس ٿيو، آئون نٿو ڄاڻان. ۽ جي ان ۾ ڪجھ سچائي آهي به ته ممڪن آهي لاشعوري طور تي اهو انڪري مون کان ٿيندو هجي جو مان اوهان جي سوچ ۽ اوهان جي خيالات جو پڻ مداح رهيو  آهيان ۽ اوهان جي اظهار جو انداز ان کان به وڌيڪ سگھارو ۽ اثرائتو آهي. اوهان تمام سٺو لکنديون آهيو (سائره کيس ڇرڪيل نظرن سان ڏسڻ لڳي ٿي ڄڻ کيس اندازو نه هو ته هو کيس ايترو ڄاڻي ٿو ). ڇا ته ڪمال لکيو آهي اوهان؛

تون ڀي شدت پسند آهين

۽ مان ڀي انتها پسند آهيان.

هڪ جنون تنهنجي اندر آهي

۽ ٻيو جنون منهنجي اندر.

پر ٻنهي ۾ فرق آهي.

تون پنهنجي جنت خاطر ٻين جي دنيا اجاڙي ڇڏين ٿو !

۽ مان ڪنهن ڏکويل ۽ مايوس چهري تي

هڪ مسڪراهٽ آڻڻ لاءِ

جهنم جي باه منجھان اگھاڙي پيرن گذري سگھان ٿو.

تنهنجي شدت نفرت ۽ وهشت ۾ آهي

۽ منهنجي انتها پيار ۽ انسانيت ۾ آهي.

سائره جو هڪ هٿ اڌ کليل در تي ۽ هڪ ٽنگ نيم لٽڪيل حالت ۾ ئي رهجي وڃي ٿي ۽ هو سادات کي ڏسندي رهي ٿي.

سادات؛ بحرالحال ! منهنجي ڪري اوهان کي ڪا پشيماني نه ٿيندي ۽ نه ئي هاڻي ڪنهن شڪايت جو موقعو ڏبو اوهان کي. اهو منهنجو واعدو آهي اوهان سان.

هو ڪنڍ جهڪائي گاڏي کي پهرين گيئر ۾ آڻي ٿو ۽ سائره لهي بيهي ٿي. گاڏي آهستي آهستي اڳتي نڪري وڃي ٿي ۽ سائره بت بڻجي ڪنهن گھري سو چ ۾ گم گاڏي کي ويندو ڏسندي رهي ٿي.

Advertisements
By Ayaz Ali Rind Posted in Uncategorized

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s