غلام

”اڄ مختصر جواب اماڻيان پئي. تنهنجو خط پڙهي ڀئو ٿي پيو اٿم ته ڪٿي منهنجو عشق تو کي آزادي جي هن جنگ کان غافل نه ڪري وجهي. جي ايئن ٿئي ته ٿورو سوچجان ! ته تاريخ ۾ تنهنجو ڪردار ڇا لکيو ويندو ۽ ايندڙ  نسلون توکي ڪهڙن لفظن سان ياد ڪنديون پر پوءِ به جي موٽڻ تي تنهجي دل ماندي ٿي پوي ته ياد رکجان ! مان سڄي حياتي هڪ غلام جي بغل ۾ سمهڻ کان موت جي آغوش ۾ پناه وٺڻ کي ترجيح ڏينديس.“

فقط تنهنجي

 رتنا

Advertisements
By Ayaz Ali Rind Posted in Uncategorized