جبار جلفريزي

“چڱو هاڻي اٿ !!” مون سندس ڪلهي کي لوڏيندي چيو “اٿ ته جبار جلفريزي ڏي هلون…”

جبار جو نالو ٻڌي ڌاريي جي چهري تي مرڪ تري آئي “ها يار… ڪٿي آهي بيوٽي پارلر جبار جلفريزي…؟”

ڌاريو چوندو آهي ته شاعر محبوبائن لاءِ بيوٽي پارلر جو درجو رکن ٿا ان ڪري هو اسان واري شاعر دوست جبار کي به محبوبه جو بيوٽي پارلر ڪوٺيندو آهي.

“جبار جن ٿي پيو آهي ” مون وراڻيو “اڄ ڪلهه هفتن جا هفتا غائب رهڻ لڳو آهي”

“نه جبار پاڪستاني آهي… پڪو ٺڪو پاڪستاني، سندس غائب ٿيڻ ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي. جنن ۾ ڳجھا ادارا ايترا منظم، متحرڪ ۽ بااختيار ناهن جيترا اسان جي ملڪ ۾ آهن. ان ڪري غائب ٿيڻ وارو جنن جو رڪارڊ اسان پاڪستانين ٽوڙي وڌو آهي… خير!! هلڻو ڪٿي آهي؟؟؟ ” هن پڇيو.

“جبار پڪاسو هال ۾ لڳل تصويرن جي نمائش جا ٻه پاس اماڻيا آهن” مون وراڻيو.

ڌاريي کي تيار ٿيڻ ۾ گھڻي دير نه لڳي تيسيتائين مان اسٽور روم جو ڏيک ڏيندڙ سندس بيڊروم جي هڪ ڪنڊ وٽ ڪارنر ٽيبل تي رکيل اوڻويهه سئو اونده جي ٽيپ رڪارڊر کي هلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهيس.

“اچ ڊيئر..!!” ڌاريي ڪمري جون دريون بند ڪندي چيو.

مان ٻاهر نڪري آيس. ڌاريي سرن جي ٽيڪ هٽائي دروازو بند ڪيو ۽ آثار قديمه مان چورايل تالو هڻي پنهنجي انمول پراپرٽي کي سيڪيوئر ڪري ڇڏيو.

اسان هڪ موٽر سائيڪل نما سواري تي چڙهي پڪاسو هال پهتاسين. ڌاريي جي ان موٽر سائيڪل کي مان سيڪنڊ هينڊ اينڊ ڊرٽي وهيڪل چوندو آهيان. ۽ وٽس هر ڀيري اهو ئي جواب هوندو آهي ته ايوري ٿنگ ان دس ڪنٽري از سيڪنڊ هينڊ اينڊ ڊرٽي..! اِيوِن پاليٽيشنس آر سيڪنڊ هينڊ اينڊ پاليٽڪس از ڊرٽي….”

موٽر سائيڪل جو ڌماڪيدار آواز ٻڌي جبار هال مان ٻاهر نڪري آيو. سندس ڳچي ۾ هيڊي رنگ جو ڪارڊ لٽڪيل هو جنهن تي انتظاميه لکيل هو. هن دروازي تي اسان جو پرشور استقبال ڪيو ۽ اسان ٽنهي گڏجي نمائش هال جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هر تصوير ۽ ڇوڪري کي گھوريندا اڳتي نڪرندا وياسين.

“ڪيئن هيون پينٽنگس…!!!” جبار پڇيو

“ڪجھ سمجھ ۾ اچي ويون ۽ باقي خوبصورت هيون…” ڌاريي وراڻيو.

“ڇا مطلب..!!!” مون ۽ جبار هڪ ئي آواز ۾ حيرانگي وچان پڇيو.

“پينٽنگ به عورت جيان هوندي آهي” ڌاريي چيو “جيسيتائين سمجھ ۾ نه اچي خوبصورت لڳندي آهي.”

“تون ٻڌاءِ.؟” جبار مون ڏانهن ڏسندي پڇيو.

“مون کي ته سڀئي خوبصورت لڳيون…” منهنجي جواب تي هو ٻئي کلڻ لڳا.

“هو خاموشي جي علامت واري پينٽنگ…” ڌاريي هڪ پينٽنگ ڏانهن اشارو ڪندي چيو “منهنجي خيال ۾ بهترين آهي.”

“تو پنهنجي طبيعت جي بلڪل برخلاف پينٽنگ کي پسند ڪيو آهي” مون چيو.

“خاموشي جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کان بچيو وڃي.” ڌاريي ڪافي دير خاموش رهڻ کان پوءِ مفڪرانه انداز ۾ چيو.

“پر خاموشي مسئلن جو حل به ته ناهي..” جبار چيو.

“ته پوءِ مسئلن جو حل ڇا آهي؟” هن پڇيو.

“جدوجهد… ” مون چيو “مسلسل جدوجهد، اڻ ٿڪ محنت…”

“ڪنهن چيو ته محنت اڻٿڪ ٿيندي آهي” هن وڏي آواز ۾ چيو “محنت ٿڪائيندڙ ٿيندي آهي، محنت ماڻهو کي ٿڪائي ساڻو ڪري وجھندي آهي، مسلسل محنت ماڻهو کي وقت کان اڳ ماري وجھندي آهي…”

“موت منزل جي چوکٽ آهي… مسلسل محنت جو نتيجو منزل آهي… ” جبار وراڻيو

“موت ئي ته جنت جا دروازا کوليندي آهي” مون چيو “زندگي جي اڻانگن ۽ اذيتناڪ رستن کان ٿيندو موت جي گھاٽي مان گذري انسان جڏهن پلسراط پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ته جنت سندس مقدر بڻجي ويندي آهي.”

“پر اڄ ڪلهه ماڻهو جنت لاءِ نه مرندا آهن. اڄ ڪلهه ماڻهو قرضائين کان بچڻ لاءِ مرندا آهن، لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي جي آزار کان بچڻ لاءِ مرندا آهن…” هن جي لهجي ۾ جوش ۽ ڪاوڙ سان گڏ حقارت جو ڏنڀيندڙ احساس هو “منهنجو پاڙيسري هر روز پنهنجي بکايل ٻارن جي اٽي لاءِ منتظر نگاهن کان بچڻ لاءِ مرڻ چاهي ٿو.”

 

 

 

Advertisements