ٽي نومبر

رات جو پهريون پهر هو عارب جون اکيون آسمان ۾ اٽڪيل هيون. گگھ اونده ۾ چٽا ٿي بيٺل تارا به کيس دنڌلاهٽ ۾ منجهيل پئي نظر آيا. جنهن جو سبب فقط سندس وڏي عمر ۾ گھٽ ٿيل نظر نه هو. هن جي اکين ۾ تري آيل لڙڪ بارش کان پوءِ کڏن کٻن ۾ بيهي رهيل پاڻي جيان سانت اختيار ڪري چڪا هئا. اکين جي ڇيڙي کان وهي نڪتل لڙڪن جا خشڪ ٿيل پيرا آهستي آهستي گم ٿيندا پئي ويا. هو سوچن ۾ گم هو ۽ سندس جسم سن ڪيل مريض جيان کٽ تي بي حرڪت بت لڳو پيو هو.

ان کان اڳ عارب پاڻ کي ڪڏهن به ايترو بيوس ۽ ڪمزور محسوس نه ڪيو هو. هو ڪنهن جي به پرواه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي سوچ سمجھ موجب فيصلا ڪرڻ جي حوالي سان سڄي تر ۾ مشهور آهي اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ماڻهو کيس حسد جي نگاه سان ڏسندا آهن. سندس ارڏائي جي ڪري مٽن مائٽن به کانئس لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي، هن جي باغي خيالن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ ڪوبه عزيز، رشتيدار يا دوست تيار نه هو. پر هو اڪيلو هوندي به اڪيلو نه هو. هن جو ضمير، هن جو نظريو، بي باڪي ۽ سليم فطرت سندس يار به هئا ته هٿيار به. جن کيس ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو. هو هميشه بي ڌڙڪ سچ جي پرچار ڪندو رهيو. غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوندو رهيو. ڪو به ڏاڍو ڪو به ظالم کيس جھڪائي نه سگھيو. پر ڪيسيتائين …..!!!؟؟؟؟؟

اخر ڪيسيتائين هڪ اڪيلو شخص حق ۽ سچ جو علم کڻي هزارين مخالفن سان مسلسل وڙهي ٿي سگھيو. آخر ڪيسيتائين ڪو شخص بنا سهاري جي بنا همٿائڻ جي پنهنجي بي باڪي ۽ جرت کي مقدم رکي ٿي سگھيو. پٿر تي ڪرندڙ مسلسل پاڻي جي ڦڙن جيان، ڏاڍ ۽ ڏمر، ڪوڙ ۽ ڪروڌ جي ڪروڙين ڀالن سندس همٿ ۽ سگھ کي سوراخ ڪري وڌا هئا. هو ڪمزور ٿي چڪو هو ۽ هن جي اهڙي ڪيفيت جو اندازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن هن ڪجھ ڏينهن اڳ مون کي فون ڪري ڳوٺ گھرايو هو. مون پنهنجي زندگي ۾ ايتري بيوسي سان ڀريل آواز ۾ ڳالهائيندي عارب کي ڪڏهن به نه ٻڌو هو. مان ڏڪي ويو هوس، منهنجو خيال فورن سسئي ڏانهن ڇڪجي ويو هو جيڪا عارب جي شايد واحد ڪمزوري آهي. هن ستين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پنهنجي ڌيءُ سسئي کي ڊاڪٽرياڻي بنائڻ جو خواب ڏٺو هو ۽ اهو به ان علائقي ۾ جتي اڃا ڇوڪرن کي پڙهائڻ جو رواج به عام نه ٿيو هو. جتي عورتون فقط زمينن تي ڪم ڪري مردن کي ڏينهن جو هوٽلن ۽ رات جو ديسي ٺري لاءِ پئسه ڪمائي ڏيڻ جو ذريعو هيون. جتي غلامن جيان آقا جو هر حڪم مڃڻ کي پنهنجو فرض يا نصيب سمجھندڙ عورتون ڏيڍ لک عيوض ڪاري جي ڪوڙي الزام ۾ جان وڃائي ويهنديون هيون. اتي عارب جو سسئي کي ڊاڪٽرياڻي بنائڻ جو سوچڻ به بغاوت کان گھٽ ڏوه نه هو. پر سسئي کي ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ کان وڌيڪ ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق هو، هن به عارب جيان خواب ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا هيا. هو ڳوٺ جي هر ڇوڪري کي پڙهڻ لکڻ سيکارڻ جي خواهشمند هئي.

مان بنادير ڳوٺ پهتس ۽ عارب مون کي ڏسندي ئي لڙڪن کي اکين جي اوٽ ۾ رکي ڪونه سگھيو ۽ ڀيانڪ خواب مان جاڳي پيل ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان مون کي چنبڙي پيو هو. سندس جسم جي ڪنبڻي کي مون پنهنجي جسم ۾ لهندو محسوس ڪيو ۽ پوءِ اسان پهرن تائين سندس زمين جي ٽڪري ۾ ڪچي واٽر جي ڪپ تي لڳل سرينهن جي وڻن هيٺان ويٺا رهياسين جتي هن پنهنجي درد جي سڄي ڪٿا مون کي ٻڌائي. عارب جي ڀائٽيي جانو کي ڳوٺ جي ڪنهن عورت سان ڪارو قرار ڏنو ويو هو، عورت کي ته بنا دير ئي مائٽن ماري وڌو هو پر جانو کي پئسن جي لالچ ۾ ڀڄڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو هيائون. فيصلي ۾ آس پاس جي چڱن مڙسن ان موقعي کي غنيمت ڀائيندي سسئي جو سڱ چاليهه سالن جي مارجي ويل عورت عيوض سندس اٺيتاليهن سالن جي مڙس کي ڏيڻ جو حڪم سادر ڪري ڇڏيو.

جيتوڻيڪ عارب حال سارو وڏي ڪوشش ڪئي هئي پر جاگيردارن جي جاگير بڻيل سرڪاري ادارن تائين عارب جي فرياد جو رسڻ ممڪن نه هو. هو منجهي پيو هو. جڏهن کيس ڪو دڳ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ته مشوري لاءِ هن مون کي فون ڪئي، مون ٻئي ڏينهن ئي شهر ۾ موجود پنهنجن يارن دوستن جي مدد سان ان معاملي کي ميڊيا تي آندو ۽ لاڳاپيل سمورن سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن کي درخواستون پڻ موڪليون پر عارب سميت اسان سڀني کي ڪا خاص اميد نه هئي مان کيس آٿت ڏيڻ کانسواءِ ڪجھ به نه ٿي ڪري سگھيس. اميدون ٽٽڻ تي هيون ۽ حوصلا پست ٿيڻ تي هئا جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سوموٽو ايڪشن جي صورت ۾ اميد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنئي. فيصلي ۾ شامل سڀ چڱا مڙس لڪڻ ۾ پورا هئا ۽ عارب جي اکين ۾ سرهائي ۽ سوڀ جا عڪس اڀرڻ لڳا. هو ڏاڍو خوش هو. سندس خوابن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ساڀيان ٿيڻ جو موقعو ملڻ وارو هو. مان شهر موٽڻ جي تيارين ۾ هئس مگر طوفان شايد مڪمل ماٺ اختيار نه ڪئي هئي، وساميل باه جي دونهين ۾ لڪل ڪي شعلا اڃا اٿڻا هئا ۽ امتحان جون بي رحم گھڙيون اڃا اچڻيون هيون. ڪجهه ڏينهن ئي گذريا هوندا جو اها بي رحم گھڙي به اچي ڪڙڪي جڏهن ملڪ تي قابض ڊڪٽيٽر چيف جسٽس سميت اعلى عدالتن جي ڪيترن ئي ججن کي پي سي او تحت حلف نه کڻڻ جي جرت ڪرڻ جي الزام ۾ گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو.

جنهن مهل کان اها خبر عارب تائين پهتي آهي تنهن گھڙي کان وٺي هن ڪجھ به نه کاڌو آهي، ڪجھ به نه ڳالهايو آهي. گھر جي اڱڻ تي پيل کٽ تي بي جان بت بڻجي ليٽي پيو آهي. تنهن مهل کان سندس اکيون آسمان ۾ کتل آهن.

 

Advertisements