ڪوذي ۾ درياء

هن دنيا ۾ کوڙ شيون اهڙيون هونديون آهن جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت جي ضرورت پوندي آهي. جيڪڏهن اوهان جي ذهن ۾ فورن اٽي جو نالو گردش ۾ اچي ويو آهي ته اهڙي ڪائي به ڳالهه ڪانهي مون مائڪرو نه پر ميڪرو صطح جي ڳالهه ڪئي آهي. هاڻي شايد اوهان مون کي حڪومت جو ڪو ڪارندو سمجھڻ لڳو يا وري سمجھو ته مان ڪو معيشت تي ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهيان پر اهڙي به ڪائي ڳالهه ڪانهي. دراصل منهنجو اشارو علم، شهرت يا جائيداد وغيره جهڙين شين ڏانهن آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪجھ ماڻهن کي اهڙيون ڪجھ شيون بغير محنت جي وراثت ۾ پڻ ملي وينديون آهن پر هتي منهنجو اصل مقصد انهن شين جي ان خاصيت جو ذڪر ڪرڻ آهي جنهن موجب اهي شيون اوهان کي وراثت ۾ نه به ملن ته به انهن کي محنت يا منافقت ذريعي دير يا سوير حاصل ڪرڻ ممڪن هجي.

ان جي بلڪل برعڪس ڪجھ اهڙيون شيون پڻ ٿينديون آهن جيڪي فقط قدرت جي ڏات هونديون آهن جيئن حسن يا مغز وغيره. اوهان شايد حسن کي به ڏات جي ڪيٽيگري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو ته اوهان جي ذهن جي پردي تي بيوٽي پارلرن جي طويل لسٽ حرڪت ۾ اچي چڪي آهي مگر جنهن حسن جو مون هتي ذڪر ڪيو آهي اهو وقتي نه پر مستقل آهي ۽ جنهن حسن جي باري ۾ اوهان سوچي رهيا آهيو ان کي پاڻي جو فقط هڪ وٽو به تهس نهس ڪري سگھي ٿو. رهي ڳالهه مغز جي ته مغز مان منهنجي مراد ٻڪر جو مغز هرگز نه آهي ڇو ته ٻڪر جو مغز ڪلو ڪاسائي کان وڏي سولائي سان هڪ رات اڳ ايڊوانس بڪنگ ڪرائي حاصل ڪري سگھجي ٿو. منهنجو اشارو هتي انساني کوپڙي ۾ فٽ ٿيل مغز ڏانهن آهي جيڪو فقط مکڻ جهڙن جينيس ماڻهن وٽ هوندو آهي. مکڻ هونئن ته اٺ درجا پڙهيل هجڻ جي باوجود به شڪل مان خانداني اڻ پڙهيل لڳندو آهي پر ڏسڻ جو ڪهڙو به هجي بلڪه ڏسڻ جهڙو نه به هجي تڏهن به کيس مغز جي معاملي ۾ سڄو تر سلام ڪندو آهي.

مون جهڙن موڳن کي ته هونئن به گاهه ڪونه وجھي پر چڱن ڀلن جي مت منجھائي وجھندو آهي. هڪ ڏينهن کانئس پڇيم،

”يار مکڻ !! تو جهڙي دانگي مهانڊي وٽ اهڙو مغز ڪٿان آيو ؟“

ته چيائين ”ذات تي ڏات ناهي“

مکڻ جو جواب منهنجي مغز جي اصل چائنٺ تي ئي اوڪڙو ويهي رهيو ڳالهه سمجھ ۾ ڪانه آئي ته جي ذات تي ڏات ناهي ته مکڻ به ته ذات جو ”بخيلاڻي“ آهي بي ذات ته هو به ڪونهي پوءِ هن وٽ ڏات ڇو آهي. دراصل مکڻ جي تقريبن پوڻا سورهن آنا ڳالهين جي مون کي اصل ڌپ ئي نه پوي.

اڄ ڪلهه اليڪشن جا ڏينهن آهن مکڻ سڄو ڏينهن پني پنجابي جي هوٽل تي ويهي ٽي.وي تي هلندڙ خبرن تي تبصرا ڪندو آهي ۽ ماڻهو مکڻ جي چوڌاري مکين جيان مڙيا پيا هوندا آهن. اڄ صبح هوٽل تي ٽي.وي ڏسندي مکڻ پير ٽيبل تي رکندي چيو هو ته،

”هڪ جملي ۾ ايتري ڊگھي ڳالهه به ڪري سگھبي آهي جو دنيا جا سڀ ڪاغذ ڪارا ڪرڻ جي باوجود به ان جملي جو مڪمل مقصد بيان ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو.“ مثال ۾ هن شاهه سائين جي هڪ سٽ پڙهي،

”جيڏو تنهنجو نان، ٻاجھ به اوڏيائي مگان“

  خانڻ، خدو، سارو ۽ سوڍي سميت اسان سڀ وائڙن جيان هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳاسين.

”نه سمڌو !! “ هن فخريه ۽ طنزيه مسڪراهٽ چپن تي آڻيندي پڇيو ۽ اسان سڀني مڃيو ته ڳالهه واقعي اسان جي سمجھڻ کان ڳري هئي.

”صفا ڪي ڪند ذهن آهيو … ڏسو الله سائين جو نالو ڪيڏو وڏو آهي ڪائنات جي ڪنارن کان اڳتي لا محدود ۽ لامڪان تي به هن جو اختيار ڪامل آهي هو اهو ڪجھ ڏيئي سگھي ٿو جيڪو اسان جي شعور ۾ به نه هجي. هاڻي انهن شين کي ڪيئن قلم بند ڪري ٿو سگھجي جيڪي اسان جي شعوري حدن کان به ٻاهر ۽ لامحدود ۽ لامڪان هجن. لحاظه شاهه صاحب سياڻپ جو مظاهرو ڪندي درياء کي ڪوذي ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.“

مکڻ مون ڏانهن ڏٺو ۽ مون پنهنجو ڀرم قائم رکڻ لاءِ هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو حالانڪه سمجھ ۾ ٽڪو به ڪونه آيو. پوءِ هن ٽي.وي تي هلندڙ خبر جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ٻڌايو پئي ويو ته ميڊيا تي ڌانڌلين جي الزامن تي ٻڌل ڪا به خبر يا انٽرويو وغيره نشر ڪرڻ تي پابندي هوندي. ۽ چيائين ته سرڪار به شاهه صاحب وانگر سياڻپ جو مظاهرو ڪندي درياء کي ڪوذي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي.

سڄي هوٽل ۾ واه واه ٿي وئي سڀني مکڻ کي مکڻ هڻڻ لاءِ تعريفن جا بند ٻڌڻ شروع ڪري ڏنا ۽ مون ڏانهس مسڪين ۽ عاجز نگاهن سان ڏسي کيس مطلع ڪيو ته مون ڪجھ به ڪونه سمجھيو پر هن حقارت منجھان ڪنڌ لوڏيندي منهن ڦيرائي ڇڏيو.

آخر ان خبر ۾ ڪهڙا دفتر سمايل هئا جيڪي مون نه سمجھيا. هڪ عام خبر ئي ته هئي !!؟ پوءِ ڇو سڄو ڏينهن مٿو هڻڻ کان پوءِ به مون کي سمجھ ۾ نه پئي آئي مون صدمي ۾ اکيون ٻوٽي ڇڏيون آسمان مان تارا گم ٿي ويا ۽ اکين ۾ نمي جي گرمائش مون کي پنهنجي بيوسي ۽ ڪند ذهنيت جي ڏکوئيندڙ احساس طور محسوس ٿي ۽ مان پاسو ورائي اجرڪ اوڍي ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويس.

ايازعلي رند

 

Advertisements