جائز يا ناجائز


آچر جو ڏينهن هو ۽ هاسٽل جي ڪمري ۾ مان گهري ننڊ ۾ ستل هوس جو ونگ مان گذرندي ڪنهن روم جي دروازي کي زوردار لت هڻي ڪڍي ۽ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيس. اکيون مهٽي ڏٺم ڪمري جي دري جي سيرن مان سج جا ڪرڻا زبردستي ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا هئا ۽ پاسي واري کٽ تي ستل الطاف ننڊ ۾ مسڪرائي رهيو هو شايد کيس خواب ۾ اسڪالرشپ ملي وئي هوندي ڇوجوجاڳندي ته هو هميشه اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن جيترا پنا اسڪالرشپ لاءِ درخواستون لکي لکي ضايع ڪيا آهن ايترا هن يونيورسٽي جي چئن سالن دوران نوٽس ٺاهڻ ۾ به استعمال نه ڪيا هوندا. الطاف جي چهري تان مسڪراهٽ اچانڪ غائب ٿي وئي ۽ هو ننڊ ۾ ڳالهائڻ لڳو کيس نه رڳو ننڊ ۾ ڳالهائڻ جي پر هلڻ ۽ وڙهڻ جي به عادت آهي. هو خواب ڏسندي ڏسندي اٿي پوندو آهي ۽ هاسٽل جي ونگن، پارڪ ۽ ڇت وغيره جا چڪر هڻندو آهي ۽ صبح جو کيس ڪجھ به ياد ناهي هوندو. جيڪڏهن هو خواب ۾ ڪنهن سان جھيڙو ڪندي ڪندي اٿي پوي ته جيڪو به هٿ اچيس تنهن کي ڏاڍو بڇڙو ڪري وجھندو آهي، ان کان اڳ جو هو اٿي پوي مان ٽپ ڏيئي کٽ تان لهي پيس ۽ دروازو کولي ٻاهر نڪري آيس. کاٻي پاسي چند وکن تي ڪنٽين هئي مان بنا بريڪ ڏانهس هلڻ لڳس. ڪنٽين جون بئنچون تقريبن خالي ۽ ڊگھيون ٽيبلون ڇوڪرن سان ڀريون پيون هيون. محبت (چانهه وارو) هنڍو چلهي تي چاڙهيو بيٺو هو ۽ چلهي سان لڳو لڳ ماربل سان ڍڪيل دڪي تي سرور اخبار جي صفحن ۾ گم هو. ڪنٽين ۾ داخل ٿيندي شاهد جي ٽهڪن جي آواز تي ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺم جيڪو قادر جي وارن تي هٿ ڦيري کيس تنگ ڪري رهيو هو ۽ قادر کيس چيلهه ۾ آڱر هڻندو ڊڪائيندو پئي آيو. مان ترين جي زور تي ماربل سان ڍڪيل دڪي تي چڙهي سرور جي سامهون ويهي رهيس هن مون ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ پنهنجي مسڪراهٽ سان منهنجو استقبال ڪيو ۽ وري اخبار ۾ گم ٿي ويو. محبت عادت موجب پاڻي جو دٻو ۽ ساسر تي ٻه ڪيڪ رکي منهنجي آڏو رکيا.


”حد ٿي وئي يار !! تجربو 15 سال سوبه منيمم..!!“ سرور اخبار جو پنو اٿلائيندي چيو.


آچر ڏينهن هاسٽل جي ڪنٽين ۾ ڊان اخبار تي سڀ ائين ٽٽي پوندا آهن جيئن رمضان ۾ ماڻهو افطاري ويل کاڌي تي ٽٽيو پون. هفتي جا باقي ڏينهن ڪنهن کي به اخبار ياد ناهي هوندي تنهن ڪري ڪنٽين ۾ اچڻ بدران اخبار سڌو وارڊن جي ڪمري جي نظر ٿي ويندي آهي پر آچر ڏينهن سڀني کي مستقبل قريب ۾ ايندڙ بيروزگاري جو خوف ورائي ويندو آهي ۽ نوڪرين جي اشتهارن وارو هڪ هڪ صفحو هڪ ئي وقت چئن پنجن ڄڻن جي گھيري ۾ اچي ويندو آهي.


”اڃا ڪٿي جاني ! هاڻي ضرورت رشته وارن اشتهارن ۾ به تجربي جي گھر ڪندا !!“ مون پاڻي جو دٻو کڻي گرڙي ڪئي ۽ اکين کي ڇنڊا هڻندي چيو”نوڪري ته نوڪري پاڻ ته ڇوڪري کان به وينداسين.““


”ڇڏ اشتهارن جي پچر هوڏانهن هو چانهه وٺ ! “ مون چيو.


”لڳي ٿو نوڪري حاصل ڪرڻ پاڻ کان زور آ “ سرور چيو ”مهل سان وڃي ڪو ڌنڌو ڪجي.“


”پاڻ وٽ نوڪري ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن ڪونهي.“ مون وراڻيو.


”پاڻ سياست ڪنداسين…وڏو پئسو اٿئي سياست ۾.!“ سرور ڪنڌ کي ٿنڀ جي ٽيڪ ڏيندي چيو.


”اسان وٽ سياست سردارن، خانن، چوڌرين ۽ پيرن جي پاليل اها لونڊي آهي جنهن کي استعمال ڪري اقتدار ۾ حصو حاصل ڪري سگھجي“ مون چيو ”۽ اسيمبلين جون سيٽون ۽ وزارتون کين ائين ورثي ۾ ملنديون آهن جيئن کين زمينون، هاري ۽ ٻانهيون ملنديون آهن.“


سرور چانهه جا باآواز بلند ڍڪ ڀريندو رهيو، چانهه ۽ سرور جو تعلق ايترو گھرو آهي جو چانهه جو ٻڌي سرور جڳ جيتري مگ سميت ائين ذهن تي اڀري ايندو آهي جيئن جمهوريت جي ذڪر تي نوابزاده نصرالله هڪي سميت ذهن تي ڇائنجي ويندو آهي. چانهه سندس ڪمزوري آهي، هو چانهه لاءِ سڄو ڏينهن ائين واجھائيندو آهي جيئن اسان جي ملڪ ۾ سياسي پارٽيون ڪنهن ڊڪٽيٽر سان ڊيل لاءِ واجھائينديون آهن.


”ڀلا تو واري ليڊر يار جي ته خبر ڏي ؟ ٻڌو آ ته سندس پيء وري ٿو پارٽي مٽائي !؟ سرور پڇيو”تو سان ڪو حال احوال ڪيائين يا نه ؟“


”پاڻ واري ليڊر جي پيء کي ايندڙ حڪمران پارٽي جي ائين ڌپ پئجيو وڃي جيئن ٻلي کي کير جي…“ مون وراڻيو.


ٻاهر نڪتاسين ته ڪنٽين مان ايندڙ مختلف آواز اڌ ونگ تائين اسان جو پيڇو ڪندا رهيا.


يار هن شعبي ۾ داخلا وٺي وڏي غلطي ڪئي سين…


وڏا ! تون ته ٽيڪجي وئين هر پيج تي رڳو تو واري شعبي ۾ نوڪرين جا انبار لڳا پيا آهن…


ڪٿي ڊيئر تجربو به ته بلا ٿا گھرن پيا…


صاحب مري وياسين اصل پڙهي غلطي ڪئي سين، ڪم کان به وياسين…


ها وڏا ! چانهه جو بل ته ڏي اڃا مني آرڊر ڪونه آيو آ…


کاٻي پاسي واري ونگ مان هڪ ناڪام عاشق غمگين غزلن جا ٽوٽا ڳنڍي وات ڦاڙي ڳائيندو پئي آيو.


”اٿي پئو جاني !! شام ٿي وئي ٿئي…!!!!“ مون امداد جي ڪمري اڳيان لنگهندي دروازي کي زور سان لت هڻي چيو. هو ڇرڪ ڀري کٽ تي ويهي رهيو ۽ اسان کلندا کلندا ٽي وي هال ۾ گھڙي وياسين.


ٽي وي تي ملڪ جي ڪنهن شهر جي رش واري علائقي ۾ ٿيل خودڪش حملي جي تازه ترين خبر پئي هلي.


”پاڻ سان ٿيل ظلم، زيادتي يا ناحق جي بدلي ۾ مسڪين مزدورن ۽ دڪاندارن جي وچ ۾ خودڪش حملو ڪرڻ جا ئز آهي.!؟ سرور پڇيو.


”ها … بلڪل ائين جيئن نظريئه ضرورت تحت آمريت ۽ جمهوريت جي بحالي جي بهاني ڊڪٽيٽر سان ڊيل…“ مون چئنل مٽائيندي چيو.

Advertisements