بچوانقلابي

 سمن جا سريلا ڪلام، حڪيم جون هوڪارون ۽ مون سميت چوڏهن پندرهن پيالي ڀائي ڪچهري جا گلاسن مٿان گلاس، مڪان ۾ اصل ميلو متل هو. اونداهي رات ۾ گم ٿي ويل پورو ڳوٺ ماٺ جي سڪرات ۾ اچي چڪو هو پر مڪان ۾ ڄڻ ڏينهن جا اڃا ڏهه ٿيا هئا. سمن پنهنجن واڇن کي ساهي ڏيڻ لاءِ ڪلام روڪي شهپرن تي هٿ ڦيريا پاسي ۾ پيل ڀنگ جو تار ٿيل گلاس کڻي ڏڪندڙ هٿن سان اڃا وات تائين مس پهچايو هوندائين جو حڪيم کي حرڪت سجھي رڙ ڪري چيائين ”حق !! حق !! “ سمن جي هٿن مان گلاس ڇڏائجي ويو ڀنگ سان پٽ پارڪ ۾ تبديل ٿي پيو مڪان ۾ ٽهڪ گونجي اٿيا ۽ دير تائين موالي لڏو کلي کلي کيرو ٿي پيو. چاچي قادن هٿن کي هوا ۾ لوڏي کل کي ائين بريڪ هڻائي جيئن ٽريفڪ سپاهي سگنل تي گاڏين کي بريڪ هڻائيندو آهي. چيائين جي مون وارو ڀائيٽيو بچو هجي ها ته خبر اٿئو ڇا چوي ها !؟

 

ڪنهن ڪنڊ ۾ ستل لاهوتي هٿ ٻڌي چيو ”ڀوتار ! پاڻ کي خبر نه ٿئي !! پاڻ ٻئي جهان ۾ لٿل هون…“

 

چوي ها ته ان ۾ سرمائيدار سامراج جو هٿ آ….. چاچو قادن پنهنجي سوال جو پاڻ ئي جواب ڏيندي کل ۾ انڌو ٿي پيو مڪان وري ٽهڪن سان گونجڻ لڳو.(بچو کي ليڊر ٿيڻ جو شوق جاڳيو آهي ٻه ٽي ڀيرا ٿاڻي وارن به مهمانوازي ڪئي اٿس پر سڌرڻ جو نالو ئي ڪونه ٿو وٺي. منهنجو ننڍي هوندي جو يار آهي مون به گھڻو ئي سمجھايو مانس پر ڪو مڙي ٿو ڇا ! چئي ” سياست کي يرغمال بڻائيندڙ ٽولي خلاف هاڻي جدوجهد جي ضرورت آهي جي هاڻي به هٿ تي هٿ رکي ويٺا رهياسين ته اسان کي تباهي کان ڪير به بچائي نه سگھندو.

 

”سنڌ ولين جي ڌرتي آ…وڏا !!“ سمن هڪ ڀيري چيس”لڏندي پر ٻڏندي ڪانه!!“

 

”ولي به ڪيسين ڪلهو ڏيندا پنهنجا اعمال به ته سڌارڻا پوندا !!“ بچي سان ڳالهين ۾ ڪير پڄي”اقتداري سياست جا پڄاري اهي ضمير فروش ڪڏهن انگريزن جي وفادار ساٿين جي روپ ۾، ڪڏهن آمريت جي معاون ۽ مددگار جي روپ ۾ ته ڪڏهن جمهوريت جي کل ۾، هميشه پنهنجن جي مخبري ڪري، دغا ڪري ۽ پنهنجن جي پٺي تي وار ڪري جاگيرون ۽ جائيدادون گڏ ڪندا رهيا آهن انعام و اڪرام ۽ خطابن سان نوازيا ويا آهن.“)

 

ڪا گھڙي گذري جو بچو به اچي ڪڙڪيو.”ابا اجھو !“ چاچي قادن چيو”وڏي عمر ٿئي بچا اصل هاڻي تنهنجي ڳالهه ڪئي سين… ابا سمن!! هيڏي هن انقلابي کي به ڪو چڪو پيار ته مغز جاءِ تي اچيس…!“

( چاچو قادن ۽ بچو اصل نه ٺهن بچي جون وڏيرن، سردارن ۽ پيرن خلاف ڳالهيون چاچي قادن کي زهر لڳنديون آهن. ڪالهه شام بسن جي اڏي وٽ ٿيل جلسي کان پوءِ چاچي قادن مون کي چيو

” ابا توهان ڪجھ سمجھايوس ڪونه ٿا وتي مالڪن ۽ مرشدن خلاف بڪواس ڪندو ! پنهنجي ته قيامت ڪاري ڪئي ٿئين پر ادي کي به اچي راڄ ۾ لڄايو اٿئين. بابا سردار وڏا آهن، ابا آهن. پوئين ڀيري به پوليس بچي کي اصل ڪونه ڇڏي ها ! صوبيدار وڏو چئي ته اصل نه ڇڏيانس ڪالهوڪو وات ڳاڙهو ڇورو وتي معزز ۽ معتبر ماڻهن لاءِ گھٽ وڌ ڳالهائيندو…پوءِ به ڀلو ٿئي مالڪن جو، وري به انهن ڇڏايس. ادي جي ۽ منهنجي ڏاڙهين جي لڄ رکيائون ادي جو پٽڪو ته اصل سردار پيرن تائين پهچڻ ئي نه ڏنو هڪل ڪري ڪمدار کي چيائين ته صوبيدار سان گھٽ نه ٿيندي !! پڇڻ کانسواءِ منهنجي ماڻهن ۾ هٿ ڪيئن وڌائين !!. شابس هجيس بابا. وڏي نظر وارا آهن. اوکي ويل اکيون بند ڪرڻ وارن مان ناهن.“

 

پوئين پڙي تي ته چاچو ۽ بچو اصل هٿين پئجي ويا…

”چپ ڪر ڇورا !! “ چاچي قادن وڃي جتي ۾ هٿ وڌا ” نه ڪو حيا ٿئي نه شرم !! مالڪن جا سڀ ٿورا لاهي ڇڏيئي… اڙي جي پڻهين ڀيرين مالڪي نه ڪن ها ته جيڪر ٻن اٺاسن جي بدلي پڻهين صحيح سلامت موٽي ها ڇا !؟؟ ڌاڙيل قهري هڻي ڳڀا ڪري وجھنس ها….“) 

 

”هي ڪٿي ٿو چڪي چکي چاچا !! “سمن دانهن ڪئي ”هن کي انقلاب جو نشو ٿئي !! هن کي ڪنهن چيني موئي ٽنگ (مائوزي تنگ) چين جي چڪي پياري آ، هي جڳ جهان مان سڀ ”س“ ختم ڪندو.“ بچو پنهنجي ڳالهين ۽ تقريرن ۾ سامراج، سردار، سرمائيدار وغيره جا لفظ بار بار استعمال ڪندو آهي تنهن ڪري سمن سندس ڪم دنيا مان ”س“ ختم ڪرڻ پڪو ڪيو ٿس.

 

”بابلا ! هن سين سمن جي پارت اٿئي !!“ سمن هٿ ٻڌندي بچي کي چيو.

 

”چڱو هاڻي اٿ ! س سمن نه ته ڪيان نه توکي به لسٽ ۾ شامل …“ بچي ساڻس ڀوڳ ڪرائيندي چيس.

 

”ها يار ميلو متل ڇڏجي…اٿي پئو جمعا !! چيلهه ڀڳل ٿئي ڇا ؟ جتي ڏس ڍير لڳو پيو آ…اٿ هاڻي ڌرتي جا بوجھ…! زمين ئي ويهاري ڇڏي ٿئي…“

 

مان زمين تي تريون کوڙي اٿي کڙو ٿيس ۽ مڪان جي در مان جيئن تيئن ڪري لنگھي ويس.ٻاهر گگھ اونداهه هئي اک نه ڏسي گوڏو…مڪان کان ٿورو اڳ ڀرا ٿياسين ته بندوق جو ٺڪاء ٿيو.

 

”چور ٿئو وڏا…! هوشياري…هوشياري…“ سمن الرون ته ائين ڪيون ڄڻ ڀڄي وڃي چور کي ٻک وجھندو پر وڻ جو ٿڙ سمجھي جو لٺ هنئي مانس ته رڙ ڪري چيائين” ساهي ته پٽڻ ڏي پٽيا…!!“

 

”چور ڪونهن…آيا ٿئي ويري…“مون چيو”ڪالهه هنن جو ماڻهو مئو آ ايندا ته ضرور پلاند ڪرڻ…“

 

”اسان ٿورئي ماريو آ، جن ماريو هجي وڃي تن سان پلاند ڪن“ سمن چيو.

 

”جھيڙو ته سالن کان اسان جي قوم سان اٿن نه…“ مون وراڻيو.

 

”راڄ ۾ جھيڙا جاگيردارن جي شهه تي سندن پالتو ڪتا ڪن ۽ ڀوڳيون وري اسان غريب…“بچي جذباتي انداز ۾ چيو.

 

”پاڻهي قلندر قهر ڪندن…!“ سمن چيس ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي…تون ڪو الڪو نه ڪر ويهي رنگي جا رنگ ڏس….ها!!“

 

”اسان به ڪونه ڇٽاسين.!!“ بچي مايوسي مان ڪنڌ لوڏيندي چيو ”اسان هنن جي اوطاقن تي وڃون ته سندن جتين تي ويهون ۽ جي هو اسان جي تڏي تي ڪو ٽئين چوٿين سال ووٽن لاءِ به رڳو حڪم ڏيڻ اچن ته اسان کين پنهنجي ڪلهن تي کنيو مٿن گلن جي ورکا ڪيو، نچيو، واڇون ٽيڙيو پيا مٿن صدقي ٿيندا آهيون. اهي مڪار، چالاڪ، عربن جا دلال، ڌرتي دشمنن جا ايجنٽ ڪڏهن به اسان جا سڄڻ ڪونه ٿيندا..! ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ جھل پل بنا اهي پنهنجن ظلمن، زيادتين ۽ ڏاڍاين ۾ ويندا اڳي کان اڳڀرا ٿيندا… هاڻي گھڻو ٿي ويو هاڻي سوچڻو پوندو… ڳالهائڻو پوندو… ٻيو ڪو حل ناهي.!!گھڻو سٺو سي گھڻو رهايو سين، نڀايو سين هاڻي اصل هڪ هڪاڻي ڀيڻ کپي. تڪليفون اينديون، سور سهبا، ڪشالا ڪٽبا پر هار ڪانه مڃبي، ڪنڌ ڪٽائبو پر جھڪائبو ڪونه…“ هن ڳاٽ اوچو ڪندي چيو ۽ ڳالهائيندو رهيو ڳالهائڻ تي اچي ته ڪير پڄيس ”هي رڳو اسان جي ڌرتي ٽامون ڪونهن ڪيو ويٺا سڄي دنيا ۾ مسڪينن کي محڪوم بنائڻ ۽ هيڻن کي مظلوم بنائڻ جو رواج رهيو آهي. پر تاريخ ۾ اهي قومون به آهن جن اهڙين داداگيرين ۽ بدماشين خلاف ڪنڌ کڻڻ جي جراءت ڪئي، موت جي منهن ۾ منهن ڏنا اٿئون، ڪاتن اڳيان ڪنڌ ۽ سولين ۾ سر وڌا اٿئون، ظالمن جي اکين ۾ اکيون ملائي هنن پنهنجي قسمت بدلائي آهي پنهنجو نصيب پاڻ لکيو اٿئون.“

هن جي چپ تي ماحول ۾ اونداه کان به گھري خاموشي ڇائنجي ويئي. حقارت، نفرت ۽ اندر جي جيڪا به باهه بچو جي سيني ۾ هئي ساڄڻ هن ٻن منٽن ۾ ڪڍي وڌي.

 

”صبح ٿي ويو ڇا…!!“ سمن واري جي دڙي تي چڙهندي پڇيو.

 

”مٿو ڦريو ٿئي ڇا..!!؟؟ سج اڀرڻ ۾ اڃا پورو پهر هيو آهي “ مون وراڻيو.

 

”پوءِ هي يارو (سندس ڀاء) مينهن پڙي تي کپائڻ لاءِ رات جو ئي نڪري پيو آهي ڇا.؟“ هن دڙي جي پاسي کان مينهن ڪاهي لنگھندڙ همراه ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

مون آڱرين جي زور سان اکيون پٽيندي ڏٺو ۽ رڙ ڪري چيم ”هوشياري وٺ سمن !! چور ٿئي… تنهنجي مينهن وڃئي ٿي…“

 

”متان ويو ئين….!!!“ سمن چور کي للڪاري ڏانهس وڌندي چيو.

 بچي سمن کي ٻانهن کان جھلي ورتو ۽ چيائينس”پاڻهي قلندر قهر ڪندن.. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي…تون ڪو الڪو نه ڪر ويهي رنگي جا رنگ ڏس….ها!!“

 

”هئي ڙي هئي..!!!“ سمن ڪاوڙ مان ٻانهن ڇڏائيندي چيو ”واهه جو سڄڻ ٿيوئين …!“سمن نڪا ڪئي هم نه تم وڃي چور کي سوڙهو پيو. سمن جي هٿ ۾ ٺهوڪي لٺ هئي پر چور وٽ پستول هو، گولي هلي ته مان به گھٽ نه ڪئي سمن سان سر لڳي. واري جي دڙي تان جو چور مٿان ٽپ ڏيئي ڪريس ته وايون ئي بتال ٿي پيس سمجھيائين ڪا ڇپ ڪري پئي، جيئن ڪريو تيئن ئي ٺاپرجي ويو اصل چريو ئي ڪونه…

 

”چيلهه ڀڄي پئي اٿس…“ بچي کيس لت سان سڌو ڪندي چيو. مون پاسي ۾ سمن کي هٿ ڏيئي اٿاريو ٻانهن مان رت پئي وهيس گولي کيس ڇهندي نڪري وئي هئي. وڏي مڙسي ڪئي هئائين همٿ نه ڪري ها ته هٿ هڻي ها. 

اياز علي رند 

Advertisements