مجروح خيال


سمنڊ ڪناري تي واري جي تھ مٿان اسان ٻئي پنهنجي قدمن جا نشان ڇڏيندا وليج هوٽل کي گھڻو پوئتي ڇڏي آياسين.

”لڳي ٿو تنهنجي قسمت خراب آهي “ ڌاريي چيو ”سيڪريٽريٽ جي جنهن سيڪشن آفيسر کي سردار صاحب کان تنهنجي پارت ڪرائي سين تنهن به ڪالھ سيڪريٽريٽ جي چاڙهين تان بلاٽيون کائي اچي ڌرتي تي سجدو ڪيو لوندڙي مان ڀڳل پراڻين ڪرسين جي ڪنهن ڪنڊپاسي ميڄالو ڪڍي وڌس.“

”منهنجي قسمت ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خراب هوندي جو سانوڻ جي پهرين ڪڻ ڦڻ ۾ سمنڊ ڪناري تي توسان گڏ پيو ڦران“ مون ڪاوڙ ۾ چيو.

 

ماستر سوجھري جي مدد سان ڪاپي ڌاپي ڪري ۽ ڌڪي سڪي جڏهن مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته ڪمدار دودي کي منٿ سنٿ ڪئي سين جنهن سردار صاحب کان چئوچوان ڪرائي سنڌسيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ ڪلارڪي جي نوڪري وٺرائي ڏيڻ جو آسرو ڏنو هو پر بدقسمتي سان جنهن سيڪشن آفيسر هٿان منهنجو ڪم ٿيڻو هو تنهنجو پنهنجو ئي ڪم پورو ٿي ويو.

ڪراچي ۾ مان گلستان جوهر جي اقراء ڪامپليڪس ۽ ڌاريو رابعه سٽي ۾ رهندو آهي، رابعه سٽي هونئن ته چڱو چوکو پراجيڪٽ آهي بس پاڻي جو ٿورو مسئلو اٿس، فليٽن جون ٽينڪيون خالي باقي گھٽيون توڙي چاڙهيون وغيره پاڻي پاڻي لڳيون پيون هونديون اٿس. سج لهندي ئي چمڙن جو حملو شروع ٿي ويندو آهي منهنجي دلي خواهش آهي ته ڪنهن ڏينهن ڪو چمڙو ڌاريي جي ڪن کي چنبڙي پوي.

 

اسان ٻئي اڪثر شام جو جوهر چورنگي ويجھو جوهراسڪوائر جي بگل واري پٺاڻ جي هوٽل تي هڪ سادي چينڪ گھرائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڄمائيندا آهيون. ڌاريو ڪاروباري ماڻهو آهي سالن کان ڪراچي ۾ آهي ۽ سال ۾ تقريبن ٻه ٽي ڪاروبار مٽائيندو آهي. عامر خان جي من فلم ڏسڻ کان پوءِ اڪثر چوندو آهي ته منهنجو من چنچل آهي ڪنهن هڪ شيءَ تي ٽڪي ئي ڪونٿو جي مون کي ڪا سچو پيار ڪرڻ واري ڇوڪري ملي پوي ته عامر خان وانگر مان به سڌري سگھان ٿو.

 ڪراچي ۾ ماڻهو وڌيڪ آهن يا گاڏيون ان جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي پر ڌاريو چوندو آهي ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد عورتن جو آهي. عورتون هميشه ڌاريي جي نشاني تي هونديون آهن. ڪراچي ۾ شادين جي ناپائيداري بابت ڌاريي جو چوڻ آهي ته هتي ڪجھ شاديون هڪ ٻئي کي سمجھي نه سگھڻ ۽ اڪثر شاديون هڪ ٻئي کي سمجھي وڃڻ ڪري ٽٽنديون آهن.

 

”ماڻهو پنهنجين زالن سان گڏ هوندا آهن ته خوش نظر ايندا آهن ۽ زالن کانسواءِ واقعي خوش هوندا آهن“  سمنڊ ڪناري تي خوش نظر ايندڙ جوڙن جي خوشي ڌاريي کان برداشت نه ٿي سگھي.

”تون تنقيد کان سواءِ به ڪجھ ڪري سگھين ٿو؟“ مون پڇيو.

”ها !! مان تعريف به ڪري سگھندو آهيان“ هن ڪاوڙ مان وراڻيو”هو ڏس هو عورت ڪيڏي نه شريف آهي پنهنجي مڙس سان به ڪيتري عزت سان پئي ڳالهائي، ۽ هو ڏس هن همراه کي به پنهنجي زال سان ڪيڏي محبت آهي جو هر ايندڙ ويندڙ مائي کي گھوري پيو ڏسي شايد کيس هر عورت ۾ سندس زال جو چهرو ٿو نظر اچيس.“

”چڱو ڀلا مون کي ٻڌاءِ ته حسن تنهنجي نظر ۾ ڇاهي؟“ مون پڇيو،

”هر اهو شخص منهنجي نظر ۾ حسين آهي جيڪو بدشڪل ناهي“ سمنڊ ڪناري تي پٿر جي ٺهيل ڀت تي ويهندي هن چيو. مان سندس سامهون بيهي رهيس.

”۽ بدشڪل جي تو وٽ ڪهڙي ڊيفينيشن آهي؟“

”جنهن کي ڏسي کل اچي!“

اهو ٻڌي مون کان کل نڪري وئي ۽ ڌاريو شڪي ٿيڻ لڳو.

 

ڪي پهرسمنڊ جي واري لتاڙڻ کان پوءِ اسان مختلف ڪمپنين جي ڪٻاڙي پرزن سان مستري ملوڪ شريف جي هٿان ٺهي جڙيل موٽرسائيڪل تي چڙهي جوهر پهتاسين. موٽرسائيڪل کي سنگھرن سان سوگھو ڪيوسين ۽ چار ماڙ چڙهڻ جو سوچي هڪ ٻئي ڏانهن ساڳي ئي سائت بيزاري ۽ همدردي سان ڏسڻ لڳاسين.

ٻي ماڙ تي هڪ ڪراڙي کي پنهنجي ئي گھر ۾ جهانڪيندو ڏسي ڌاريي چيو”مهل تي شادي نه ڪجي ته مڙس گھٽ محافظ وڌيڪ رهڻو پوندو آهي“

”ڪراڙو نڪو ٿو مري نڪو ٿو منجي ڇڏي!“ مون چيو

”سولي ڳالھ آ !! “هن وراڻيو”ماڪا کان انٽرويو ڪرائينس.“

پورو پلازه اسان جي ٽهڪن سان گونجڻ لڳو.

”پنهنجن ڪنوارن هٿن سان جي چانهن پياريو،

ته اوهانجي ان نوازش تي قربان ٿئي ڌاريو.

نه رڳو ڌاريو پاڻ پر سندس شاعري به اڻ گھڙيل ئي هوندي آهي.

”ڇو ٿو شاعرن جون پٽون کڻين“ مون کيس ٽوڪيندي چيو ”رديف مليس نه وزن ٺهيس هليو مڙس شاعري ڪرڻ…“

”توکي ڪهڙي خبر بي ذوق انسان ! چوندا آهن جي خيال ڪوئي مجروح ٿئي ته رديف ته ڇا ڪافيا به ٽوڙي سگھجن ٿا.“ ڌاريي شاعرانه انداز ۾ چيو.

”۽ جي شاعر جي جاءِ تي ڪنهن جنرل جو خيال مجروح ٿي پوي ته رديف وارو حشر آئين سان ۽ ڪافيي وارو حشر ملڪ سان ٿي سگھي ٿو. 

اياز علي رند 

   

 

 

Advertisements