سوڳوار ماحول


”بس ! هي حڪومت جا آخري ڏينهن اٿئو !! حڪومت هاڻي ڏينهن ٻن جي مهمان آهي!!!“


ٻارهن مئي تي ٿيندڙ ڪراچي وارن وڳوڙن واري خبر تي تبصرو ڪندي ماستر ڌڻي پرتو بنا ڪنهن فل اسٽاپ يا ڪاما جي هڪ ئي ساهي ۾ هميشه جيان جبار جانو جي هوٽل تي تجزيو ڪري رهيو هو. کيس روز شام جو آس پاس جي ڳوٺن جا اٻوجھ ۽ سادا ماڻھو چودگي اسٽاپ واري جبار جانو جي هن هوٽل ۾ گھيرو ڪري ويهي رهندا آهن ۽ پيا سندس ابتا سبتا تبصرا ٻڌندا آهن. مونکي ماستر جي تبصري کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جي چهرن جا تاثر ڏسڻ ۾ مزو ايندو آهي. چاچو ڪريم بنا اک ڇنڀڻ جي ماستر کي ائين پيو گھوريندو آهي ڄڻ ماستر ڪو دنيا جو اٺون عجوبو هجي، خانڻ جو ته وات ئي پٽيل رهجيو وڃي ۽ مکيون ان موقعي جو ڀرپور فاعدو وٺندي پيون سندس چپن تي بلاٽيون پائينديون آهن ۽ سندس واٽ مٿان لٽڪندڙ وڏن شهپرن تي انڌيون لٽڪيو پيون جھولا جھولينديون آهن.


”صوبيدار وڏا ڪهڙا حال آهن !!؟؟ هوٽل جي مالڪ جبار جانو رڙ ڪندي چيو


”اي ! هي ته آهن ڄٽ ڄٽ جا پٽ !! پيا سڄو ڏينهن مٿو هڻن ، تون ڪهڙا ٿو ماستر جا ٺڪا ٻڌين..!“ سامهون واري ڪرسي تي ويهندي جانو مونکي مسڪو هڻندي چيو.


”مونکي ڇڏ جانو تون پهنجي ٻڌاءِ، يا ڪا دوسو جي خبر چار ڏي…!“ مون ڳالھ مٽائيندي چيو ”ڪالھ کان ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيو آهي.!“


”تو کي خبر ناهي ڇا !!؟“ جانو حيرت مان پڇيو،


”نه ! ڇو ڇا ٿيو !!! خير ته آهي نه ؟؟؟“ جانو جي سوال کن پل لاءِ ته ڄڻ منهنجي حرڪت ئي بند ڪري وڌي.


”وري دورو پيو اٿس …وتي ڀتين کي ڀتر هڻندو !“ هن چيو.


دوست محمد عرف دوسو آس پاس جي ڳوٺن ۾ رهندڙ اٽڪل هزار ڏيڍ جي آبادي ۾ منهنجو اڪيلو يار آهي.


ٻه سال اڳ هڪ با اثر وڏيري جي چوڻ تي ببلو بدماش کي ڇڏڻ کان انڪار ڪرڻ جي سزا ۾ سرڪار مون کي شهر جي ٿاڻي مان بدلي ڪري هن جھنگ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. هونءَ ته هتان جا سڀ ماڻھو ئي اسان پوليس وارن جي وڏي عزت ڪندا آهن سپاهي کان ويندي صوبيدار تائين سڀن کي صاحب وڏا ڪري سڏيندا آهن ۽ علائقي جي هوٽلن وارا احترام طور چانھ چڪي جا پئسا به ڪونه وٺن پر دوسو جي ڳالھ ئي ٻي آهي، دوسو يارن جو يار آهي، منهن تي بي ڌڙڪ سچ چئي ڏيندو آهي اصل کرو ماڻھو آهي. اڻ پڙهيل هجڻ جي باوجود به کيس شاھ ۽ سچل کان علاوه اقبال ۽ فيض احمد فيض جي شاعري تي به وڏو عبور حاصل آهي،


علامه اقبال جو،


الفاظ و معاني ۾ تفاوت نهين ليڪن، ملا ڪي اذان اور هي مجاهد ڪي اذان اور.


يا فيض جو،


مر جائين گي ظالم ڪي حمايت نه ڪرين گي،

۽


واعظ سي ره و رسم رهي رند سي صحبت، فرق ان ۾ ڪوئي اتنا زياده تو نهين ٿا.


وغيره جھڙي شاعري هر وقت سندس زبان تي رهندي آهي، هتان جا ماڻهو ٻڌائيندا آهن ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ دوسو جڏهن هوٽلن جي دڪين ۽ رستن جي مورين تي بيهي جوشيليون تقريرون ڪندو هو ته اتان لنگھندڙ ماڻهن جا پير ازخود سندس آڏو رڪجي ويندا هئا. ماڻھو سندس جملن جي جادوگيري جا ديوانا هئا. ان تحريڪ ۾ ئي جڏهن هن اکين اڳيان پنهنجي جوان پٽن سميت سمورن گھر ڀاتين کي گولين جو ڪاڄ ٿي پنهنجي ئي گھر ۾ سڙندو ڏٺو تڏهن کان دوسو کي اڪثر دورا پوندا آهن، دورو پوڻ تي دوسو آپي مان نڪريو وڃي،سندس وايون بتال ٿيو پون ۽ بدمغزي ۾ گھڻن جا مٿا ڪچا ڪيو وجھي.


جانو جي ٻڌائڻ تي مان ٽپ ڏئي اٿي پيس سرڪاري موٽر سائيڪل تي چڙهي ماستر واري کٽ اڳيان موٽر سائيڪل کي پيرن جي زور تي اڳتي ڌڪيندي ڪڪ هنيم ته موٽر سائيڪل جي زوزاٽ تي ماستر جي هٿ مان زري گھٽ ڪوپ ڪريو هو،


”اي ساھ ڪڍيو هئي صاحب وڏا !“ ماستر ڪوپ پاسي ۾ رکي هٿ ٻڌندي چيو


ساڄي پاسي کان ريزڪي دڪانن واري قطار اڳيان ٿيندو باگڙين جي گھرن وچان ٺهيل ننڍڙو ڪچو رستو وٺي سڌو دوسو جي ڳوٺ اڳيان روڊ تي ٺھيل بلڪه ڊهيل۽ ڦٽل مسافر خاني وٽ پهتس. دوسو دورو پوڻ کان پوءِ اڪثر گھر گھاٽ ڇڏي اچي هن مسافرخاني ۾ ويهي رهندو آهي. مون جيئن ئي موٽر سائيڪل مسافر خاني اڳيان آندو ته اوچتو دوسو سر کڻي مون تي وريو، ذري گھٽ وهائي ڪڍي هيائين پر پوءِ مون کي ڏسي رڪجي ويو هيڪر ته پاڻ کي چيم صوبيدار سونا اڄ ته وئين !!!ساھ اصل نڙي ۾ ئي اٽڪجي پيو، ڳچ دير کانپوءِ وڃي ساھ وريو، نڙي سڪي ماڳهن ٺوٺ ٿي پئي. مون موٽر سائيڪل بند ڪري پاسي تي بيهاري ڇڏيو. دوسو سر جھولي ۾ رکي ويهي رهيو جسم پگھر مان پئي ٽميس ۽ اکيون ڳاڙها مرچ ٿي پيون هيس.


”خير ته آهي دلبر !“ مون کيس پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ لاءِ چيو ” ڪالھ کان وٺي لفٽ ئي ڪانهي…“ دوسو جي واتان ٻڙڪ به ٻاهر نه نڪتي هو لاڳيتو مونکي تڪيندو رهيو.


”طبيت ته ٺيڪ آهي نه !! دشمنن جي ؟؟“ مون کيس ٻانهن کان جھليندي چيو


”هيڏي آ… اچ ته هيڏي ڇانو ۾ ٿا ويهون.“ مون کيس ٻانهن کان جھلي مسافر خاني کان ٻاهر ڪڍيو ۽ پاسي ۾ نم جي ٻن پراڻن ۽ وڏن وڻن جي گھري ڇانو ۾ وڃي ويهاريو. اتي ئي پيل مٽ جي مٿان پيالي نما ۽ ڪنارن کان ٿورو ڀڳل ڍڪ ۾ ٻڪ کن پاڻي وجھي ڌوئڻ کانپوءِ پاڻي سان ڀري دوسو کي پيئڻ لاءِ آڻي ڏنم. دوسو جو پگھر ڪجھ سڪيو هو ۽ هو اکيون نمائي ڪنڌ جھڪائي خاموشي سان ويٺو هو پاڻي جو پيالو وٺي هو هڪ ساهي ۾ پي ويو.


مان سندس پاسي ۾ ويهي رهيس ۽ کيس کولڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. مون کي پڪ هئي دوسو ڪو جھيڙو وغيره ڏٺو هوندو، رت يا باھ ڏسندي ئي کيس پنهنجو سڙندڙ گھر ۽ ڦتڪندڙ جوان پٽ نظر اچڻ لڳندا آهن ۽ دورو پئجي ويندو اٿس.


”مون کي ماري وڌائون سونا……………مونکي ماري وڌائون..!!!!“ دوسو اڀ ڏاريندڙ رڙ ڪئي


” هر طرف بندوقون هيون…. پستول هيا….. ڪلاشنقوف هيون…“ دوسو کي ڪنبڻي وٺي وئي.


”توکي ڪجھ ناهي ٿيو دوسو!“ مون کيس آٿت ڏيندي چيو ”تون بلڪل ٺيڪ آهين، مون ڏي ڏس مان سونو آهيان … تنهنجو يار سونو صوبيدار…!! ۽ صوبيدار سوني جي هوندي ڪنهنجي مجال آ جو تو ڏي اک کڻي ڏسڻ جي به جرءات ڪري سگھي…“ مون مڇن کي تاءُ ڏيندي چيو.


”مان گاڏين هيٺيان لڪندو رهيس…. مون کين هٿ ٻڌا..!“ دوسو جي پيشاني تي هڪ دفعو ٻيهر پگھر اڀرڻ لڳو ” هنن منهنجي هڪ نه ٻڌي … هو لاش ڪرائيندا ويا ۽ رت جو درياءَ وهائيندا ويا… هنن مون کي به ماري وڌو سونا!!!…. مان مري ويو آهيان سونا…. مان مري ويو آهيان…“


”توکي ڪجھ ناهي ٿيو دوسو.. هي ڏس تنهنجي دل زورن سان پئي ڌڙڪي“ مون سندس هٿ سندس دل تي رکي کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”تنهنجي دل جي ڌڙڪن گواھ آهي دوسو… مان گواھ آهيان… توکي ڪجھ به ناهي ٿيو، تون فٽ فاٽ لڳو پيو آهين. ڪو ڀنوائتو خواب ڏٺو هوندئي ..!“


”خواب نه هو سونا….خواب نه هو…“ هن منهنجي ڳالھ ڪٽيندي چيو ”مان سچ ٿو چوان ريلي ۾ مان پنهنجن ساٿين سان نعرا هڻندو بلوچ پل هيٺان پئي گذريس ته اوچتو هٿيار بند دهشتگردن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا سوين ماڻھو جان بچائڻ لاءِٽڙي پکڙي ويا… ڪو هيڏي ويو …ڪو هوڏي ويو… ساھ سڀن کي پيارو آهي سونا ڀاءُ ڀاءُ کي لتاڙيندو اڳتي وڌندو پئي ويو…مان به ڀڳس… ۽ وڃي بس هيٺان لڪي پيس، منهنجي سامهون لاش ڪرندا رهيا… گولين جو بک بڻجندا رهيا ۽ مان ڪجھ ڪري نه سگھيس… خواب نه هو سونا… خواب نه هو…“


دوسو تي عجيب ڪيفيت تاري ٿي پئي هئي سندس چهري تي خوف هو يا حقارت، درد هو يا ڪاوڙ ڪجھ به چئي نه پيو سگھجي، مان ڪڇي نه سگھيس ۽ هو مسلسل ڳالهائيندو رهيو.


”دهشت گرد مسلسل ماڻھو ماريندا پئي ويا… شاهراح فيصل تي ڄڻ راڪاس گھمي ويو هو … بس هيٺان ستي آس پاس ۾ بيٺل سوزوڪين، ڊاٽسنن ۽ ڪارن هيٺان رڳو کليل اکيون پئي نظر آيون، رستي تي رت جو دريا هو ۽ گولين سان پروڻ ٿيل نوجوانن جا لاش هيا… منهنجو پٽ به هيو سونا…هو منهنجي پٽ جي لاش کي ڪلاڪن تائين لتاڙيندا رهيا … ۽ … مان ڪجھ ڪري نه سگھيس…“


مونکي پڪ ٿي وئي ته ڪراچي ۾ ٿيل ڪالهوڪي رتوڇاڻ ڪنهن ٽي وي چينل تي ڏسڻ ڪري دوسو جي ڪل ٿڙي پئي آهي.


” مان سندس لاش کڻڻ لاءِ نڪتس ته تاڙ ۾ بيٺل ڪجھ دهشتگردن مون تي ڪلاشنڪوف جا برسٽ کولي ڇڏيا… مان ڪري پيس سونا… مان هن جو لاش کڻي نه سگھيس… مان ڪجھ به ڪري نه سگھيس…..“


فضا ۾ دوسو جون آهون ۽ سڏڪا گونجڻ لڳا، هو دانهون ڪندو روڊ تي ڀڄڻ لڳو مون کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن هڪ ئي جھٽڪي سان منهنجي هٿن مان پنهنجي ٻانهن ڇڏائي ورتي ۽ روڊ تي ڊوڙندو رهيو.


ڪجھ لمحه اڳ خوبصورت ۽ دلفريب نظر ايندڙ شام اوچتو ئي اوچتو ڪنهن ڀيانڪ اونداهي رات جو روپ ڌاري وڌو هو، هوائن ۾ اذيتن سان ڀريل مرثيا گونجڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄو ماحول سوڳوار بڻجي پيو هو.

Advertisements