سنڌوءَ

ڪوٽڙي بئراج واري پل تان گذرندي نگاهون المنظر هوٽل جي ڇت تي ئي ٽڪيل رهيون.

 سوچون ذهن تي گھر ڪرڻ لڳيون ۽ چهري تي ماضي جي يادن اداسي جا تھ چاڙهڻ شروع ڪري ڏنا. المنظر هوٽل جي ڇت تي هو مون سان آخري ڀيرو ملڻ آ ئي هئي. اسان ٻئي ڇت جي ڇيڙي تي لڳل لوهي گرل وٽ ڪافي دير تا ئين خاموش بيٺا رهياسين،

”سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ! تون ڪو ئي الڪو نه ڪر!!“ مون ڄڻ صدين جي خاموشي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ”جلد ئي مونکي ڪا سٺي نوڪري ملي ويندي ! ۽ پوءِ تنهنجي پئ کي ڪو به اعتراض نه هوندو…“ مون چيو.

سنڌو جو پئ اسان جي شادي لاءِ راضي نه هو، هو ڪنهن وڏي سرڪاري آفيسر کي سنڌو جي رشتي لاءِ زبان ڏ ئي چڪو هو ۽ ايڏي ڀلي رشتي کي مون جهڙي بيروزگار لاءِ ڇڏڻ کان اصل پڙ ڪڍي بيٺو هو. مون کي ڪڏهن ڪڏهن هو صحيح به لڳندو هيو مان سنڌو کي ڏيئي به ڇا ٿي سگھيس سواءِ وفا نه ٿي سگھندڙ چند واعدن ۽ ڪڏهن به پورا نه ٿي سگھندڙ خوابن جي.

”هاڻي ڪجھ به ٿي نه سگھندو…“ هن ڄڻ سموري طاقت کي سميٽي اهي لفظ چيا ها…

”تو کي خبر آهي سنڌو ! ته گذريل ڪجھ سالن ۾ جٿي جٿي به ڊگرين جي اتوار بازار لڳي آهي اتي اتي مان قطار ۾ سڀني کان اڳيان پهچندو رهيو آهيان ۽ ا ئين مون پڙهي پڙهي هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي، تون ڏسجان هاڻي اهو ڏينهن ڏور ناهي جڏهن مان ڪو وڏو ڪامورو ٿي پوندس، ننڍپڻ کان ئي ڪامورن جي رعبدار ۽ ڀنوا ئتي شخصيت کان مان ڏاڍو متاثر رهيو آهيان مان سندن تمام وڏو فين آهيان ۽ تون ڏسجان سنڌو ! تمام جلد منهنجا به ڪيئي فين پيدا ٿيڻ وارا آهن.!“ مان سندس موڊ تبديل ڪرڻ لاءِ چيو…

پل جي به شايد ڪجھ حصي لاءِ مسڪراهٽ هن جي چهري کي ڄڻ فقط ڇهڻ لاءِ آ ئي هئي ۽ پوءِ هڪ ٿڌو ساھ ڀري نه چاهيندي به هو خيالن ۾ گم ٿي وئي.ڪنهن ننڍڙي مذاق تي دير تا ئين کلڻ واري سنڌو اڄ خاموش بت بڻي بيٺي هئي، خوشي  سندس چهري کان ڄڻ صدين جي فاصلي تي هئي.

”غربت وڏي لعنت آهي فراز!!!“ هن نفرت ڀريل لهجي ۾ چيو،”دنيا جيتري سا ئنس ۾ ترقي ڪئي آهي ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هن غربت جي شرح ۾ ترقي ڪئي آهي، اسان کي پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جو حق شايد ڪڏهن به ملي نه سگھندو.! اسان جي ملڪ جو ئي مثال وٺ ! “

”اسان جي ملڪ جا ڏينهن هاڻي ڦرڻ وارا آهن سنڌو! “ مون سندس ڳالھ کي ڪٽيندي چيو. ”اسان هاڻي معيشت ۾ رڪارڊ ترقي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهيون“

”خاڪ ترقي ڪئي آهي!!“ هن چيو ” تازو ڪالھ ئي ته رپورٽ ڇپي آهي…“

”اها ڏھ سال اڳ اختيار ڪيل پاليسين جو نتيجو آهي“ مون وري سندس ڳالھ ڪٽيندي چيو ”هاڻي حالتون ساڳيون ناهن رهيون اسان واري هاڻوڪي سرڪارجو سڄو ڌيان ئي اصل معاشي ترقي تي آهي، توکي اندازو ئي ناهي سنڌو! مون کان پڇ مون اڪانامڪس ۾ ايم.اي ڪئي آهي“ مان پنهنجي موقف ۾ وزن پيدا ڪرڻ لاءِ ڊگري جو ذڪر ڪندي چيو.

”تو اڪانامڪس ۾ ايم.اي پرا ئيويٽ ڪئي آهي ! مون کي خبر آهي توکي اڪانامڪس جي ڪيتري ڄاڻ هوندي.!!“ هن طنزيه انداز ۾ چيو،”جيڪڏهن هي ڏھ سال اڳ اختيار ڪيل پاليسين جو نتيجو آهي ته پوءِ هاڻوڪين پاليسين جا نتيجا نڪرڻ تا ئين اسان جيئرا به هونداسين الا ئجي نه.!!!“

اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪافي دير تا ئين خاموش رهياسين. مون ڪنڌ ورا ئي بئراج ڏانهن ڏٺو، سنڌودرياءَ به سانت اختيار ڪري چڪو هو پاڻي جي ڇڙواڳ لهرن جي بجاءِ واري پئي اڏاڻي.

”هي اسان جي آخري ملاقات آهي….“ هن چيو.لفظ ايترا ڀيانڪ به ٿي سگھن ٿا مون اڳ ڪڏهن سوچيو به نه هيو.”اسان سڀاڻي ڪراچي هليا وينداسين،شادي ٿي وڃڻ تا ئين اتي ئي رهنداسين………………تون……..“ مون لفظن کي سندس نڙي ۾ اٽڪندو محسوس ڪيو، هو جملو پورو ڪري نه سگھي ۽ پاسي واري ٽيبل تي رکيل سندس پرس کڻي هميشه لاءِ منهنجي نظرن کان اوجھل ٿي وئي.

تڪليف ان ڏينهن ڄڻ پنهنجن حدن کي اورانگھي وڌو هو، مان اڳ ڪڏهن به اهڙي اذيت مان نه گذريو هوس، عجيب ڪيفيت تاري ٿي پئي هئي. هڪ پل لاءِ ته سوچيم ته سنڌودرياءَ کي پاڻ ارپي هميشه لاءِ آجو ٿي پوان پر ترت ئي ياد آيوته سنڌوءَ ۾ پاڻي جي لپ به ڪانهي مرڻ بجاءِ جيڪڏهن ڪرنگھي جي هڏي ڀڄي پئي ته رهيو نور به چٽ !!!

ان ڪري خودڪشي سنڌوءِ ۾ پاڻي اچڻ تا ئين ملتوي ڪري ڇڏيم.

 

اياز علي رند 

 

Advertisements