ڌاريو

“”غلطين مان سبق سکڻ تہ ڄڻ اسان جي ستي ۾ ئي ناھي !!

 حقارت وچان اخبار کي اڇلائيندي سومار ڌاريي ڪاوڙ ۽ ڪراھت سان ڀريل لھجي ۾ چيو

بنگال واري لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي کان پؤ دنيا وارن سوچيو به نه ھوندو ته ڪو اسان وري اھڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي جرئت به ڪري سگھون ٿا!

۽ اسان جا باوردي ملڪ ڌڻي, ان داتا, ماء باپ ۽ عقل جا اقابر پنھنجون ڏاھپ ڀريل ۽ دورانديش پاليسيون بغل ۾ وجھي ملڪ ۽  قوم جي وسيع تر مفاد  ۾ نظرياء ضرورت تحت ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاء گگون ڳاڙيندا ايندا.!!~~~ “”

ھن جي اھڙي ڪيفيت ڏسي منھنجي جسم مان گھڙي کن لاء ڄڻ ساھ ئي نڪري ويو.فوجي حڪومت ۾ پيدا ٿيل بلوچستان واري صورتحال کانپوءِ سومار جي طبيت ۾چڙپيدا ٿي پئي آهي.

سومارڌاريوسان منهنجي پهرين ملاقات اڄ کان لڳ ڀڳ پندرهن سورهن سال اڳ ڪراچي ۾ پراڻن ڪتابن واري هڪ ريڙهي تان مدي خارج ڪتاب وٺڻ دوران ٿي. پهرين ملاقات ۾ ئي مان کانئس ڏاڍو متاثر ٿيس. هو هڪ مشڪوڪ شخصيت جو مالڪ آهي سورهن سال اڳ جڏهن منهنجي هن سان پهرين ملاقات ٿي تڏهن کان ويندي اڄ ڏينهن تا ئين هو مونکي پندرهن سورهن سالن جو ئي لڳندو آهي سندس عمر جو اندازو لڳا ئڻ مشڪل ئي نه بلڪه نا ممڪن پڻ آهي. سندس سانڀر ۾نه رڳو آزادي کان اڳ وارو زمانو بلڪه مهاڀاري لڙاين، سنڌ تي ڌارين جي ڪاهن، اڳراين، زوراورين ۽ ظلمن کان وٺي واڻين جي سنڌ ڇڏڻ تا ئين ٿيندِڙ جاگرافيا ئي توڙي سياسي تبديلين جا سمورا واقعا چٽا پٽا نقش ٿيل آهن. حياتي ۾ مڪارن، چالاڪن، هوشيارن، مخلصن هر قسم جي ماڻهن سان گذاريل سندس ڏينهن جا قصا ملڪان ملڪ مشهورآهن. هو شايد دنيا جي تاريخ جو نويڪلوشاهد آهي جيڪو اڃا تا ئين جيئروآهي تڏهن ئي ته پري پري کان ماڻهو سندس يادگيرين جا قصا ٻڌڻ لاءِ ايندا آهن. ڪجھ ڏينهن اڳ ئي سومار مونکي ڪن ۾سرڀاٽ ڪري ٻڌايوهو ته جلد ئي سندس يادگيرين تي مشتمل هڪ ڪتاب مارڪيٽ۾ اچڻ وارو آهي.

سومار اصل نوابشاه ِضلعي جو رهاڪو آهي سندس اصل نالو سومارخان ۽ڌاريو سندس تخلِص آهي جيڪو هن پنهنجي جواني واري دور ۾ ڪيل عشق جي ناڪامي کان پوءِ  پنھنجي ئي محبوب جي نظرن ۾ ھميشہ ھميشہ لاء ڌاريو ٿي وڃڻ کانپؤ رکيوهو. هونئن ته سومار فقط ٻه درجا ئي پڙهيل آهي پر سندس لکڻي اڄ ڪلھ جي چڱن ڀلن پڙهيلن کان ٺاهوڪي آهي هو سنڌي ۽اردو رواني سان پڙهڻ کان علاوه انگريزي ۾لکيل بورڊ پڻ پڙهي ويندو آهي. جيتوڻيڪ سومارڏسڻ جو ڪوجھو آهي سندس قد ننڍو، نڪ وڏو، ڪن ڪيٽا ۽ ڪياڙي ڪنڊا ئتي اٿس پر تنهن هوندي به وٽس پهرين ملاقات ۾ ئي ماڻھو کي متاثر ڪرڻ جا سڀئي انگ اکر ۽ ڏانءَ موجود آهن.

وٽس تاريخي واقعا بيان ڪرڻ جي به بلا اٽڪل موجود آهي،هو غدارن، منافقن۽ خوشامدين جي چالاڪين۽ دغاباّزين کي حقارت سان ڀريل طنزيه جملن ۽ سورمن، سچن ۽ دليرن جي قّصن کي سورهيا ئي ۽ سرفروشي سان ٽمٽار قصيدن ذريعي بيان ڪرڻ جو وڏو ماهر رهيو آهي، هن وٽ ماضي جي واقعن ۽ حالتن کي تاريخي حوالن ۽ پختن پار پتن سان افسانوي انداز ۾ بنا ڪنهن هٻڪ جي رواني سان بيان ڪري منجھن هڪ عجيب ڪشش ۽ دلچسپي پيدا ڪرڻ جو پڻ غضب فن آهي..

”ڇڏ اخبار جي پچر!!! “ مون چيو

هيڏي ڏس هي نئون ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو اٿئي دعا ڪر پگھار جلدي ملي ته هڪڙي ڪاپي توکي به وٺي ڏيندس.“ مون ڪتابن واري دڪان ٻاهران رکيل شوڪيز ۾ پيل امرجليل جي نئين آيل هڪ ڪتاب ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

 

”وري ڪتاب!!………. پڙهڻ کان ٻرو..!!! باقي وٺڻ تي زور…“ سومار کي منهنجو ڪتاب وٺڻ زهر لڳندو آهي،اصل ۾ مان ڪتاب وٺڻ کان پوءِ ان کي پڙهڻ شروع به ڪندو آهيان پر مجال آهي جو اڃ تائين ڪو ڪتاب مڪمل پڙهي سگھيو هجان ڪڏهن ڪڏهن اڌ کان ٿورو گھٽ نت اڪثر ٽيون حصو پڙهي ويس ته به وڏي ڳالھ چئبي!! سومار مون کي ڪتابن جو قبرستان چوندو آهي، سندس چوڻ آهي ته جيئن اسان جي ملڪ ۾ شروع ٿيل پروجيڪٽس مڪمل ٿي نه سگھنداا آهن ۽ِ دنيا وارا اسان جي ملڪ کي پروجيڪٽس جو قبرستان ڪوٺيندا آهن ٺيڪ ائين ئي تو ڪتابن جو قبرستان آهين.

سومار پرکڻ ۽ پروڙڻ جوبه وڏو آڙيڪاپ آهي.

 

اياز علي رند 

 

Advertisements