Posted by: Ayaz Ali Rind | September 30, 2007

بچوانقلابي

 سمن جا سريلا ڪلام، حڪيم جون هوڪارون ۽ مون سميت چوڏهن پندرهن پيالي ڀائي ڪچهري جا گلاسن مٿان گلاس، مڪان ۾ اصل ميلو متل هو. اونداهي رات ۾ گم ٿي ويل پورو ڳوٺ ماٺ جي سڪرات ۾ اچي چڪو هو پر مڪان ۾ ڄڻ ڏينهن جا اڃا ڏهه ٿيا هئا. سمن پنهنجن واڇن کي ساهي ڏيڻ لاءِ ڪلام روڪي شهپرن تي هٿ ڦيريا پاسي ۾ پيل ڀنگ جو تار ٿيل گلاس کڻي ڏڪندڙ هٿن سان اڃا وات تائين مس پهچايو هوندائين جو حڪيم کي حرڪت سجھي رڙ ڪري چيائين ”حق !! حق !! “ سمن جي هٿن مان گلاس ڇڏائجي ويو ڀنگ سان پٽ پارڪ ۾ تبديل ٿي پيو مڪان ۾ ٽهڪ گونجي اٿيا ۽ دير تائين موالي لڏو کلي کلي کيرو ٿي پيو. چاچي قادن هٿن کي هوا ۾ لوڏي کل کي ائين بريڪ هڻائي جيئن ٽريفڪ سپاهي سگنل تي گاڏين کي بريڪ هڻائيندو آهي. چيائين جي مون وارو ڀائيٽيو بچو هجي ها ته خبر اٿئو ڇا چوي ها !؟

 

ڪنهن ڪنڊ ۾ ستل لاهوتي هٿ ٻڌي چيو ”ڀوتار ! پاڻ کي خبر نه ٿئي !! پاڻ ٻئي جهان ۾ لٿل هون…“

 

چوي ها ته ان ۾ سرمائيدار سامراج جو هٿ آ….. چاچو قادن پنهنجي سوال جو پاڻ ئي جواب ڏيندي کل ۾ انڌو ٿي پيو مڪان وري ٽهڪن سان گونجڻ لڳو.(بچو کي ليڊر ٿيڻ جو شوق جاڳيو آهي ٻه ٽي ڀيرا ٿاڻي وارن به مهمانوازي ڪئي اٿس پر سڌرڻ جو نالو ئي ڪونه ٿو وٺي. منهنجو ننڍي هوندي جو يار آهي مون به گھڻو ئي سمجھايو مانس پر ڪو مڙي ٿو ڇا ! چئي ” سياست کي يرغمال بڻائيندڙ ٽولي خلاف هاڻي جدوجهد جي ضرورت آهي جي هاڻي به هٿ تي هٿ رکي ويٺا رهياسين ته اسان کي تباهي کان ڪير به بچائي نه سگھندو.

 

”سنڌ ولين جي ڌرتي آ…وڏا !!“ سمن هڪ ڀيري چيس”لڏندي پر ٻڏندي ڪانه!!“

 

”ولي به ڪيسين ڪلهو ڏيندا پنهنجا اعمال به ته سڌارڻا پوندا !!“ بچي سان ڳالهين ۾ ڪير پڄي”اقتداري سياست جا پڄاري اهي ضمير فروش ڪڏهن انگريزن جي وفادار ساٿين جي روپ ۾، ڪڏهن آمريت جي معاون ۽ مددگار جي روپ ۾ ته ڪڏهن جمهوريت جي کل ۾، هميشه پنهنجن جي مخبري ڪري، دغا ڪري ۽ پنهنجن جي پٺي تي وار ڪري جاگيرون ۽ جائيدادون گڏ ڪندا رهيا آهن انعام و اڪرام ۽ خطابن سان نوازيا ويا آهن.“)

 

ڪا گھڙي گذري جو بچو به اچي ڪڙڪيو.”ابا اجھو !“ چاچي قادن چيو”وڏي عمر ٿئي بچا اصل هاڻي تنهنجي ڳالهه ڪئي سين… ابا سمن!! هيڏي هن انقلابي کي به ڪو چڪو پيار ته مغز جاءِ تي اچيس…!“

( چاچو قادن ۽ بچو اصل نه ٺهن بچي جون وڏيرن، سردارن ۽ پيرن خلاف ڳالهيون چاچي قادن کي زهر لڳنديون آهن. ڪالهه شام بسن جي اڏي وٽ ٿيل جلسي کان پوءِ چاچي قادن مون کي چيو

” ابا توهان ڪجھ سمجھايوس ڪونه ٿا وتي مالڪن ۽ مرشدن خلاف بڪواس ڪندو ! پنهنجي ته قيامت ڪاري ڪئي ٿئين پر ادي کي به اچي راڄ ۾ لڄايو اٿئين. بابا سردار وڏا آهن، ابا آهن. پوئين ڀيري به پوليس بچي کي اصل ڪونه ڇڏي ها ! صوبيدار وڏو چئي ته اصل نه ڇڏيانس ڪالهوڪو وات ڳاڙهو ڇورو وتي معزز ۽ معتبر ماڻهن لاءِ گھٽ وڌ ڳالهائيندو…پوءِ به ڀلو ٿئي مالڪن جو، وري به انهن ڇڏايس. ادي جي ۽ منهنجي ڏاڙهين جي لڄ رکيائون ادي جو پٽڪو ته اصل سردار پيرن تائين پهچڻ ئي نه ڏنو هڪل ڪري ڪمدار کي چيائين ته صوبيدار سان گھٽ نه ٿيندي !! پڇڻ کانسواءِ منهنجي ماڻهن ۾ هٿ ڪيئن وڌائين !!. شابس هجيس بابا. وڏي نظر وارا آهن. اوکي ويل اکيون بند ڪرڻ وارن مان ناهن.“

 

پوئين پڙي تي ته چاچو ۽ بچو اصل هٿين پئجي ويا…

”چپ ڪر ڇورا !! “ چاچي قادن وڃي جتي ۾ هٿ وڌا ” نه ڪو حيا ٿئي نه شرم !! مالڪن جا سڀ ٿورا لاهي ڇڏيئي… اڙي جي پڻهين ڀيرين مالڪي نه ڪن ها ته جيڪر ٻن اٺاسن جي بدلي پڻهين صحيح سلامت موٽي ها ڇا !؟؟ ڌاڙيل قهري هڻي ڳڀا ڪري وجھنس ها….“) 

 

”هي ڪٿي ٿو چڪي چکي چاچا !! “سمن دانهن ڪئي ”هن کي انقلاب جو نشو ٿئي !! هن کي ڪنهن چيني موئي ٽنگ (مائوزي تنگ) چين جي چڪي پياري آ، هي جڳ جهان مان سڀ ”س“ ختم ڪندو.“ بچو پنهنجي ڳالهين ۽ تقريرن ۾ سامراج، سردار، سرمائيدار وغيره جا لفظ بار بار استعمال ڪندو آهي تنهن ڪري سمن سندس ڪم دنيا مان ”س“ ختم ڪرڻ پڪو ڪيو ٿس.

 

”بابلا ! هن سين سمن جي پارت اٿئي !!“ سمن هٿ ٻڌندي بچي کي چيو.

 

”چڱو هاڻي اٿ ! س سمن نه ته ڪيان نه توکي به لسٽ ۾ شامل …“ بچي ساڻس ڀوڳ ڪرائيندي چيس.

 

”ها يار ميلو متل ڇڏجي…اٿي پئو جمعا !! چيلهه ڀڳل ٿئي ڇا ؟ جتي ڏس ڍير لڳو پيو آ…اٿ هاڻي ڌرتي جا بوجھ…! زمين ئي ويهاري ڇڏي ٿئي…“

 

مان زمين تي تريون کوڙي اٿي کڙو ٿيس ۽ مڪان جي در مان جيئن تيئن ڪري لنگھي ويس.ٻاهر گگھ اونداهه هئي اک نه ڏسي گوڏو…مڪان کان ٿورو اڳ ڀرا ٿياسين ته بندوق جو ٺڪاء ٿيو.

 

”چور ٿئو وڏا…! هوشياري…هوشياري…“ سمن الرون ته ائين ڪيون ڄڻ ڀڄي وڃي چور کي ٻک وجھندو پر وڻ جو ٿڙ سمجھي جو لٺ هنئي مانس ته رڙ ڪري چيائين” ساهي ته پٽڻ ڏي پٽيا…!!“

 

”چور ڪونهن…آيا ٿئي ويري…“مون چيو”ڪالهه هنن جو ماڻهو مئو آ ايندا ته ضرور پلاند ڪرڻ…“

 

”اسان ٿورئي ماريو آ، جن ماريو هجي وڃي تن سان پلاند ڪن“ سمن چيو.

 

”جھيڙو ته سالن کان اسان جي قوم سان اٿن نه…“ مون وراڻيو.

 

”راڄ ۾ جھيڙا جاگيردارن جي شهه تي سندن پالتو ڪتا ڪن ۽ ڀوڳيون وري اسان غريب…“بچي جذباتي انداز ۾ چيو.

 

”پاڻهي قلندر قهر ڪندن…!“ سمن چيس ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي…تون ڪو الڪو نه ڪر ويهي رنگي جا رنگ ڏس….ها!!“

 

”اسان به ڪونه ڇٽاسين.!!“ بچي مايوسي مان ڪنڌ لوڏيندي چيو ”اسان هنن جي اوطاقن تي وڃون ته سندن جتين تي ويهون ۽ جي هو اسان جي تڏي تي ڪو ٽئين چوٿين سال ووٽن لاءِ به رڳو حڪم ڏيڻ اچن ته اسان کين پنهنجي ڪلهن تي کنيو مٿن گلن جي ورکا ڪيو، نچيو، واڇون ٽيڙيو پيا مٿن صدقي ٿيندا آهيون. اهي مڪار، چالاڪ، عربن جا دلال، ڌرتي دشمنن جا ايجنٽ ڪڏهن به اسان جا سڄڻ ڪونه ٿيندا..! ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ جھل پل بنا اهي پنهنجن ظلمن، زيادتين ۽ ڏاڍاين ۾ ويندا اڳي کان اڳڀرا ٿيندا… هاڻي گھڻو ٿي ويو هاڻي سوچڻو پوندو… ڳالهائڻو پوندو… ٻيو ڪو حل ناهي.!!گھڻو سٺو سي گھڻو رهايو سين، نڀايو سين هاڻي اصل هڪ هڪاڻي ڀيڻ کپي. تڪليفون اينديون، سور سهبا، ڪشالا ڪٽبا پر هار ڪانه مڃبي، ڪنڌ ڪٽائبو پر جھڪائبو ڪونه…“ هن ڳاٽ اوچو ڪندي چيو ۽ ڳالهائيندو رهيو ڳالهائڻ تي اچي ته ڪير پڄيس ”هي رڳو اسان جي ڌرتي ٽامون ڪونهن ڪيو ويٺا سڄي دنيا ۾ مسڪينن کي محڪوم بنائڻ ۽ هيڻن کي مظلوم بنائڻ جو رواج رهيو آهي. پر تاريخ ۾ اهي قومون به آهن جن اهڙين داداگيرين ۽ بدماشين خلاف ڪنڌ کڻڻ جي جراءت ڪئي، موت جي منهن ۾ منهن ڏنا اٿئون، ڪاتن اڳيان ڪنڌ ۽ سولين ۾ سر وڌا اٿئون، ظالمن جي اکين ۾ اکيون ملائي هنن پنهنجي قسمت بدلائي آهي پنهنجو نصيب پاڻ لکيو اٿئون.“

هن جي چپ تي ماحول ۾ اونداه کان به گھري خاموشي ڇائنجي ويئي. حقارت، نفرت ۽ اندر جي جيڪا به باهه بچو جي سيني ۾ هئي ساڄڻ هن ٻن منٽن ۾ ڪڍي وڌي.

 

”صبح ٿي ويو ڇا…!!“ سمن واري جي دڙي تي چڙهندي پڇيو.

 

”مٿو ڦريو ٿئي ڇا..!!؟؟ سج اڀرڻ ۾ اڃا پورو پهر هيو آهي “ مون وراڻيو.

 

”پوءِ هي يارو (سندس ڀاء) مينهن پڙي تي کپائڻ لاءِ رات جو ئي نڪري پيو آهي ڇا.؟“ هن دڙي جي پاسي کان مينهن ڪاهي لنگھندڙ همراه ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

مون آڱرين جي زور سان اکيون پٽيندي ڏٺو ۽ رڙ ڪري چيم ”هوشياري وٺ سمن !! چور ٿئي… تنهنجي مينهن وڃئي ٿي…“

 

”متان ويو ئين….!!!“ سمن چور کي للڪاري ڏانهس وڌندي چيو.

 بچي سمن کي ٻانهن کان جھلي ورتو ۽ چيائينس”پاڻهي قلندر قهر ڪندن.. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي…تون ڪو الڪو نه ڪر ويهي رنگي جا رنگ ڏس….ها!!“

 

”هئي ڙي هئي..!!!“ سمن ڪاوڙ مان ٻانهن ڇڏائيندي چيو ”واهه جو سڄڻ ٿيوئين …!“سمن نڪا ڪئي هم نه تم وڃي چور کي سوڙهو پيو. سمن جي هٿ ۾ ٺهوڪي لٺ هئي پر چور وٽ پستول هو، گولي هلي ته مان به گھٽ نه ڪئي سمن سان سر لڳي. واري جي دڙي تان جو چور مٿان ٽپ ڏيئي ڪريس ته وايون ئي بتال ٿي پيس سمجھيائين ڪا ڇپ ڪري پئي، جيئن ڪريو تيئن ئي ٺاپرجي ويو اصل چريو ئي ڪونه…

 

”چيلهه ڀڄي پئي اٿس…“ بچي کيس لت سان سڌو ڪندي چيو. مون پاسي ۾ سمن کي هٿ ڏيئي اٿاريو ٻانهن مان رت پئي وهيس گولي کيس ڇهندي نڪري وئي هئي. وڏي مڙسي ڪئي هئائين همٿ نه ڪري ها ته هٿ هڻي ها. 

اياز علي رند 

Posted by: Ayaz Ali Rind | September 30, 2007

داغدار ماضي

 ڪاليج جي ڀتين مون کي وهشت ڀريل نظرن سان پئي گھوريو ۽ مان ماضي جي تلخ يادن جو پڙاڏو محسوس ڪرڻ لڳس. منهنجي وجود ۾ هڪ خوفناڪ لرزش جو احساس هو سوچن جو ذهن تي ڄڻ سمنڊ اٿلي پيو هو. بي انتها چاهت جي يادگيرين سان گڏ روح کي ايذائيندڙ خوفناڪ منظر پڻ هيا. هڪ طرف محبت جو بيپناه حسن هو ۽ ٻي طرف وهشتي حرڪتن جو هنياء ڏاري وجھندڙ احساس هو.

تن ڏينهن ۾ اهڙو نه هوس جهڙو اڄ آهيان منهنجي هاڻوڪي شخصيت جي پرورش جيل ۾ سماجي، سياسي ڪارڪنن ۽ اديبن سان گذاريل ڏينهن دوران ٿي آهي. مون کي ڪتاب پڙهڻ جي عادت پڻ اتان ئي پئي.سياست جنهن جو ڪاليج وارن ڏينهن ۾ مون ڌوڪيبازي، بدماشي ۽ مڪاري مطلب ٺاهي ورتو هو سا هڪ مقدس روپ ۾ منهنجي سامهون نروار ٿي آهي.

مان ڪامرس بلاڪ کان ٿيندو لائيبريري اڳيان لنگھيس ته قدم رڪجي ويا منهنجو رخ ڪنهن دلفريب ڇڪ سبب لائيبريري ڏانهن ٿي ويو. ڪاليج وارن ڏينهن ۾ مان هتي ڪڏهن به پڙهڻ جي نيت سان نه آيو هوس مون کي چڱي طرح ياد آهي ته لائيبريري جي خاموش ماحول کي خراب ڪندڙ شرارتي شاگردن جي ٽولي جو مان نمايان ڪردار هوس پر تنهن هوندي به فقط لائيبريري ئي پوري ڪاليج ۾ منهنجي لاءِ پنهنجائپ ۽ پناهگاه وارو درجو رکندڙ آهي.منهنجي خاموش محبت جي گواهن مان هاڻي مون وٽ فقط هي لائيبريري ئي آهي. هي اها جاءِ آهي جتي مون پهريون ڀيرو پره کي ڏٺو هو. نيري وڳي ۾ سندس حسن نکري پوندو هو. هو حورن ۽ پرين جي تصور کان به وڌيڪ سهڻي هئي. هن جي مسڪراهٽ ۾ معصوميت ۽ انداز ۾ سادگي هئي سندس سونهن کي ڪنهن سينگار جي ڪاڻ ڪانه هئي. سهيلين جي ٽولي ۾ هو ڪنهن راڻي جيان نمايان ٿي پوندي هئي. ڪاليج جي ٻن سالن دوران هو جڏهن به منهنجي سامهون آئي مان کانئس نظرون هٽائي نه سگھيس منهنجي مسلسل گھورڻ جو کيس اندازو به هيو.هو مونکي ڪنهن خوبصورت خواب جي حسين ساڀيان لڳندي هئي هن کي فقط ڏسڻ سان ئي جنهن سڪون جو احساس پيدا ٿي پوندو هوتنهن مونکي هميشه محبت جي اقرار کان غافل رکيو. هندي فلم جي ڪنهن هيروئن جيان ساڻس هميشه هڪ سائيڊ هيروئن گڏ هوندي هئي جيڪا مونکي سدائين طنزسان ڀريل نگاهن سان ڏسندي هئي شايد اندر ئي اندر ۾ منهنجي حال تي کلندي هوندي. تن ڏينهن ۾ مان اڪثر مڪيش جو ڳايل گيت ”مين جانتا هون ڪي تو غير هي مگر يون هي ڪبهي ڪبهي ميري دل مين خيال آتا هي…“ وڏي چاه سان گنگنائيندو هوس.

لائيبريري ۾ ڳچ وقت گذارڻ کان پوءِ مان ڪاليج جي بلڊنگ کان ٻاهر نڪري آيس محبت جي حسين يادن جي سلسلي کي ماضي ۾ ڪيل ڏوهن وڪوڙڻ شروع ڪري ڏنو. مون پنهنجي جذبن کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر حقيقت جو عڪس ذهن جي پردي تي نروار ٿيڻ بنا رهي نه سگھيو.مون کي سڌارڻ لاءِ تن ڏينهن ۾ مائٽن وڏا جتن ڪيا ها پر مون مان اهڙي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر هئي. مان بدماش شاگردن جي ٽولي جو بدمغز اڳواڻ هوس پڙهڻ تي ڌيان ڏيندڙشاگردن کي مان سياڻپ بجاءِ بزدلي سمجھندو هوس ۽ پنهنجي چريائپ کي بهادري. استادن کان وٺي ڪنٽين جي بيرن کي تنگ ڪرڻ ۽ بل نه ڏيڻ تائين ۽ امتحانن ۾ خلل وجھڻ کان وٺي مسڪين شاگردن سان وڙهڻ تائين هر جرم کي مان پنهنجي ڪاميابي ۽ سوڀ تصور ڪندو هوس. تڏهن مان زندگي جي تلخ حقيقتن کان اڃا اڻواقف هوس. مون پنهنجي مستقبل لاءِ ڪنهن يونيورسٽي بجاءِ جيل جو رستو چونڊيو هو ۽ پنهنجي جسم تي موجود لوهي راڊن، سنگھرن ۽ گولين جي جن نشانن کي اڄ مان بدنما داغ تصور ڪيان ٿو اهي نشان تن ڏينهن ۾ مان وڏي فخر سان دوستن کي ڏيکاريندو هوس ۽ پنهنجي سورهيائي جا قصا وڏي زير زبر سان پيش ڪندو هوس.مون کي ذرو به احساس نه هو ته پنهنجي قومي تشخص کي مون ائين بدنام ڪيوهو جيئن مڪانن ۽ اوتارن تي ڀنگ، چرس ۽ آفيم جو نشو ڪندڙ موالي حضرت علي جي نالي کي ڪندا آهن. مون کي اڄ پنهنجي غيرسنجيده گذاريل گھڙين ۽ جيء جھوري وجھندڙ بي ضمير حرڪتن تي پڇتاء آهي. مان نه رڳو پنهنجي ضمير ۽ مائٽن جو مجرم آهيان پر انهن سڀني خاندانن جو جن جا نوجوان منهنجي ڪري يا ته پڙهائي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا يا وري دنيا ڇڏڻ تي. مان هڪ نسل جو مجرم آهيان، هڪ قوم جو مجرم آهيان.

وقت جيڪڏهن ورڻ تي آماده ٿي پوي ته مان جيڪر پنهنجو هر جرم هر گناه پنهنجي رت سان به ڌوئڻ لاءِ راضي ٿي پوان پر هاڻي اهو ممڪن ناهي ويل وقت موٽڻو ناهي ۽ گھريل گھڙين جو ازالو ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. منهنجو وجود منهنجي لاءِ دوزخ جي باه کان گھٽ ڏنڀيندڙ ناهي ۽ منهنجو ضمير دوزخ جي داروغي کان گھٽ ايذائيندڙ ڪونهي. مون پنهنجي اندر جي اڻتڻ کي دٻائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام ٿي ورندي محسوس ڪيو آهي مان ٻوسٽ ۾ گھريل جاندار جيان جھنجھوڙي رهيو آهيان. تاريخ ۾ مان پنهنجي ڪردار کي بدلائي نه سگھندس، ماضي جي داغن کي مٽائڻ جي سگھ حاصل ڪري نه سگھندس. ڪڏهن به نه……شايد ڪڏهن به نه……………!!

اياز علي رند 

 

Posted by: Ayaz Ali Rind | September 27, 2007

اڃا

 

دل تنهنجي حسن جي آ قائل اڃا، تنهنجي چاهت جي آهي سائل اڃا

تنهنجي ستمن سان سينو آ گھايل مگر، من توڏي ئي منهنجو آ مائل آڃا

 

ڄامشوري جي ڇڙواڳ هوائن ۾ تون، ۽ هوائن جي خوشبوءَ هڳائن ۾ تون

فڪر ۽ فهم جي فضائن ۾ تون، ۽ اسان جي نگاهن تي ڇانيل اڃا

 

منهنجي نيڻن ۾ تنهنجا ئي سپنا سجيل، منهنجي ڌڙڪن مٿان تنهنجا پهرا پيل

منهنجي سوچن ۾ تنهنجي ئي خوشبوءَ رچيل، منهنجي هر ساه ۾ تون سمايل اڃا

 

بهارن ۾ جھۡري دل سرءُ ۾ سڙي، پر نه سمجھي ڪڏهن پئي سدائين اڙِي

ملڻ جي ڪا شايد ايندي گھڙي، جوت آسن جي دل ۾ جلايل اڃا

Posted by: Ayaz Ali Rind | June 30, 2007

رڪارڊ

دروازو کوليندي ئي اسان جي نگاھ گيلري تي پئي ٻي ماڙ تي رهندڙ ڪراڙو پنهنجي نوجوان زال پويان ائين پئي لڳو جيئن ڪنهن خوبصورت ۽ من موهيندڙ سائن بورڊ پويان انگريزن جي دور ۾ ٺهيل ڪا قديم عمارت نظر ايندي آهي. روشنين جي شهر ڪراچي ۾ تن ڏينهن ۾ اونداهي جو راڄ هو، لوڊشيڊنگ گھڻن کي بي گھر ڪري وڌو هو تقريبن هر ماڻهو گھر جي دروازي يا روڊ تي نڪري آيو هو. ڌاريو ۽ مان صبح سوير تيار ٿي بيگ صاحب سان ملڻ وڃي رهيا هئاسين ڪراچي ۾ صبح سوير جو مقصد گھٽ ۾ گھٽ ڏھ وڳي هوندو آهي. هيٺ لهي پهريون ڪم جيڪو اسان کي ڪرڻو هو سو هو ڌاريي جي ملٽي ڪمپنيز واري موٽر سائيڪل جون زنجيرون ڇوڙڻ. ڪنهن فراڊي فقير جي اڱڻ تي ٻڌل ذهني مريض جيان ڌاريي جي موٽر سائيڪل به ساڻي ٿي پئي هئي.

”بيگ صاحب ٽائم جو وڏو پابند آهي، سندس لاءِ مشهور آهي ته هو فقط ان ڏينهن ليٽ ٿي سگھي ٿو جنهن ڏينهن سندس نالي سان ئي ليٽ لڳي وڃي.“ موٽرسائيڪل کي پيرن جي زورن تي اڳتي ڌڪيندي ڌاريي چيو. ڌاريي جي ڄاڻ سڃاڻ واري بيگ صاحب سان منهنجي نوڪري لاءِ ملڻو هو. گذريل رات کان ڌاريو شايد منهنجي رحم جوڳي بيروزگاري واري حالت ڏسي مون کي آٿت ڏيڻ جي يا بيگ صاحب جي اثررسوخ جو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مون کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پيارا هي تنهنجو ڳوٺ ناهي هتي ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو وارو رواج آهي پر ڌاريو چئي ته جي ماچيس جو سڄو گروس کڻي به شهر ۾ نڪرجي ته سمورين تيلين تان هٿ کڻڻو پوندو پر بيگ صاحب جهڙو بااثر ۽ ڪم وارو ماڻهو ملي نه سگھندو.

 ”بيگ صاحب جو پورو نالو لال خان آهي وڏا ماڻهو کيس لال بيگ ۽ اسان پارا بيگ صاحب چوندا آهن.“ ڌاريي موٽر سائيڪل مان زوزاٽ ڪڍندي چيو.

پلازه جي گيٽ وٽ ڪرسي تي ستل مارننگ شفٽ وارو چوڪيدار موٽرسائيڪل مان نڪرندڙ دونهين  جي لاٽن سان بيچين ٿيڻ لڳو. مان گيٽ کان ٻاهر سروس روڊ تي نڪري آيس گيٽ جي پاسي واري دڪان تان ڌاريي لاءِ بنا فلٽر ڪي ٽو سگريٽ ورتم. ڌاريي هوڙھ ڪري موٽر سائيڪل ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته ذري گھٽ سروس روڊ تان لنگھندڙ رڪشي ۾ موٽرسائيڪل سميت گھڙيو هو.

”او خوچه !! تم ڪو نظر نهين آتي…!“ هلندڙ رڪشي مان ٻوٿ ٻاهر ڪڍندي رڪشي جي پٺاڻ ڊرائيور ڪاوڙ مان چيو.

 ”نظر آتي هي خانصاحب !! “ ڌاريي وراڻيو ”ڊرائيونگ نهين آتي…!“

مان لانگ ورائي موٽرسائيڪل تي ويٺس ته ڌاريي دعاءِ سفر پڙهڻ جو به موقعو نه ڏنو جوهرچورنگي کان جوهر موڙ ۽ اتان کان پوءِ ڊگ روڊ تائين جنهن جنهن کي به ڌاريي ڊيھ ٿي هنئي تنهن تنهن کان هن فقط سوري چئي جان پئي ڇڏائي. سندس سوري چوڻ واري عادت ايتري ته پڪي ٿي چڪي آهي جو هو ”يا الله توبه“ جي جاءِ تي به ڪڏهن ڪڏهن ”يا الله سوري“ چئي ويندو آهي. پراڻن ڪتابن وارا گاڏا ڏسي ڌاريي جو وات گودو ٿيو پوي، منهنجي منع ڪرڻ باوجود به هو نه مڙيو ۽ پراڻن ڪتابن واري هڪ گاڏي وٽ موٽر سائيڪل بيهاري هن ٽي چار سال پراڻو ڪرنٽ افيئرس جو ڪتاب ورتو. اسان شاهراح فيصل وٺي ڪاوش ڪرائون اڳيان پهتاسين ته ڌاريي هڪ چمڪندڙ ڊگھي ڪار ڏانهن اشارو ڪندي رڙ ڪئي ،

 ”بيگ صاحب وڃي پيو!! “ هن تڪڙ ۾ موٽر سائيڪل بيهاري وڃي پارڪنگ ايريا مان نڪرندڙ گاڏي جو پاسو ورتو. ڌاريي ٻڌايو هو ته بيگ صاحب انجنيئر آهي مون کي هو انجنيئر گھٽ انجن ايئر وڌيڪ پئي لڳو. بيگ صاحب ڌاريي کي ڏسي شيشو لاٿو ڌاريي کيس هٿ ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش کان پوءِ ساڻس ڳالهائڻ شروع ڪيو ان دوران ڌاريي مون ڏانهن اشارو ڪيو ۽ بيگ صاحب مون ڏانهن گھوري ڏٺو، مون سندس نظرن جي بي يارومددگار چهري سان آجيان ڪئي جنهن بعد بيگ صاحب گاڏي جو شيشو بند ڪري ۽ ڌاريي هٿ ٻڌي هڪ ٻئي کان موڪلايو. مون ڌاريي کان ڪجھ به پڇڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ اسان وري پنهنجي شاهي سواري تي سوار ٿي پياسين.

ڪارساز واري چوراهي تي بيٺل ٽريفڪ پوليس جي هڪ سپاهي کي ڏسي ڌاريي بي خوف سگنل ٽوڙي وڃي سندس پاسي ۾ بريڪ هنئي.

 ”او سردار…!!! ڪهڙا حال آهن…!“ اڇي وردي پهريل سپاهي کي ڄڻ سالن کان پوءِ ڌاريو ٽڪريو هو، پهريان ٻنهي جهڪي هڪ ٻئي جي پيرن تي هٿ رکيا ۽ پوءِ ڀاڪر پائي مليا ڌاريي شايد اسان جو تعارف ڪرائڻ ضروري نه سمجھيو. هو ٻئي هڪ ٻئي کان پراڻن يارن دوستن جون خبرون چارون وٺڻ لڳا ته مون سپاهي جي هٿ مان سنڌي اخبار وٺي سرخين تي نظر ڊوڙائڻ شروع ڪري ڏني.عادت موجب مان پهرين شوبز جي خبرن وارو سيڪشن ڏٺو پوءِ پريمي جوڙن واروسيڪشن پڙهيو ۽ آخر ۾ مين پيج تي پهتس. سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ موجود سرڪاري اسپتالن بابت هڪ وڏي رپورٽ پڙهي دل سوڳوار بڻجي پيو. ڪراچي جي قبرستانن جي داخلي دروازن تي ”ڪل نفس ذائقت الموت“ ڏسي ڌاريو اڪثر چوندو آهي ته اها آيت اسان جي ڳوٺ واري سرڪاري اسپتال جي داخلي دروازي لاءِ وڌيڪ ٺهڪندڙ آهي.

 تر تڪڙ ۾ مان تقريبن سمورين سرخين تي نظر ڦيرائي چڪو هوس جوڌاريي رڙ ڪري چيو،

”بس ڪر ڀلا ! ڪهڙي خبر ۾ منڌو آهين !؟ شل نه ڪا فري جي اخبار هٿ اچئي…! چنبڙيو پئينس…“

”ڪا خاص خبر ڪانهي ،“ اخبار سپاهي جي هٿ ۾ ڏيندي چيم”لکيل آهي ته هيل گيمز ۾ انڊيا ايترا رڪارڊ قائم ڪري وڌا آهن جو اسان کي اهي ٽوڙڻ ۾ ڪئي سال لڳي ويندا“.

 ”هونھ….!!!“ ڌاريي ڪنڌ کي جھٽڪو ڏيندي چيو ”اسان آئين ٽوڙڻ ۾ جيڪي رڪارڊ قائم ڪيا آهن سي سندن ست پيڙهيون به ٽوڙي ڪونه سگھنديون.“

 

 

اياز علي رند 

Posted by: Ayaz Ali Rind | June 10, 2007

مجروح خيال


سمنڊ ڪناري تي واري جي تھ مٿان اسان ٻئي پنهنجي قدمن جا نشان ڇڏيندا وليج هوٽل کي گھڻو پوئتي ڇڏي آياسين.

”لڳي ٿو تنهنجي قسمت خراب آهي “ ڌاريي چيو ”سيڪريٽريٽ جي جنهن سيڪشن آفيسر کي سردار صاحب کان تنهنجي پارت ڪرائي سين تنهن به ڪالھ سيڪريٽريٽ جي چاڙهين تان بلاٽيون کائي اچي ڌرتي تي سجدو ڪيو لوندڙي مان ڀڳل پراڻين ڪرسين جي ڪنهن ڪنڊپاسي ميڄالو ڪڍي وڌس.“

”منهنجي قسمت ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خراب هوندي جو سانوڻ جي پهرين ڪڻ ڦڻ ۾ سمنڊ ڪناري تي توسان گڏ پيو ڦران“ مون ڪاوڙ ۾ چيو.

 

ماستر سوجھري جي مدد سان ڪاپي ڌاپي ڪري ۽ ڌڪي سڪي جڏهن مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته ڪمدار دودي کي منٿ سنٿ ڪئي سين جنهن سردار صاحب کان چئوچوان ڪرائي سنڌسيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ ڪلارڪي جي نوڪري وٺرائي ڏيڻ جو آسرو ڏنو هو پر بدقسمتي سان جنهن سيڪشن آفيسر هٿان منهنجو ڪم ٿيڻو هو تنهنجو پنهنجو ئي ڪم پورو ٿي ويو.

ڪراچي ۾ مان گلستان جوهر جي اقراء ڪامپليڪس ۽ ڌاريو رابعه سٽي ۾ رهندو آهي، رابعه سٽي هونئن ته چڱو چوکو پراجيڪٽ آهي بس پاڻي جو ٿورو مسئلو اٿس، فليٽن جون ٽينڪيون خالي باقي گھٽيون توڙي چاڙهيون وغيره پاڻي پاڻي لڳيون پيون هونديون اٿس. سج لهندي ئي چمڙن جو حملو شروع ٿي ويندو آهي منهنجي دلي خواهش آهي ته ڪنهن ڏينهن ڪو چمڙو ڌاريي جي ڪن کي چنبڙي پوي.

 

اسان ٻئي اڪثر شام جو جوهر چورنگي ويجھو جوهراسڪوائر جي بگل واري پٺاڻ جي هوٽل تي هڪ سادي چينڪ گھرائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڄمائيندا آهيون. ڌاريو ڪاروباري ماڻهو آهي سالن کان ڪراچي ۾ آهي ۽ سال ۾ تقريبن ٻه ٽي ڪاروبار مٽائيندو آهي. عامر خان جي من فلم ڏسڻ کان پوءِ اڪثر چوندو آهي ته منهنجو من چنچل آهي ڪنهن هڪ شيءَ تي ٽڪي ئي ڪونٿو جي مون کي ڪا سچو پيار ڪرڻ واري ڇوڪري ملي پوي ته عامر خان وانگر مان به سڌري سگھان ٿو.

 ڪراچي ۾ ماڻهو وڌيڪ آهن يا گاڏيون ان جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي پر ڌاريو چوندو آهي ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد عورتن جو آهي. عورتون هميشه ڌاريي جي نشاني تي هونديون آهن. ڪراچي ۾ شادين جي ناپائيداري بابت ڌاريي جو چوڻ آهي ته هتي ڪجھ شاديون هڪ ٻئي کي سمجھي نه سگھڻ ۽ اڪثر شاديون هڪ ٻئي کي سمجھي وڃڻ ڪري ٽٽنديون آهن.

 

”ماڻهو پنهنجين زالن سان گڏ هوندا آهن ته خوش نظر ايندا آهن ۽ زالن کانسواءِ واقعي خوش هوندا آهن“  سمنڊ ڪناري تي خوش نظر ايندڙ جوڙن جي خوشي ڌاريي کان برداشت نه ٿي سگھي.

”تون تنقيد کان سواءِ به ڪجھ ڪري سگھين ٿو؟“ مون پڇيو.

”ها !! مان تعريف به ڪري سگھندو آهيان“ هن ڪاوڙ مان وراڻيو”هو ڏس هو عورت ڪيڏي نه شريف آهي پنهنجي مڙس سان به ڪيتري عزت سان پئي ڳالهائي، ۽ هو ڏس هن همراه کي به پنهنجي زال سان ڪيڏي محبت آهي جو هر ايندڙ ويندڙ مائي کي گھوري پيو ڏسي شايد کيس هر عورت ۾ سندس زال جو چهرو ٿو نظر اچيس.“

”چڱو ڀلا مون کي ٻڌاءِ ته حسن تنهنجي نظر ۾ ڇاهي؟“ مون پڇيو،

”هر اهو شخص منهنجي نظر ۾ حسين آهي جيڪو بدشڪل ناهي“ سمنڊ ڪناري تي پٿر جي ٺهيل ڀت تي ويهندي هن چيو. مان سندس سامهون بيهي رهيس.

”۽ بدشڪل جي تو وٽ ڪهڙي ڊيفينيشن آهي؟“

”جنهن کي ڏسي کل اچي!“

اهو ٻڌي مون کان کل نڪري وئي ۽ ڌاريو شڪي ٿيڻ لڳو.

 

ڪي پهرسمنڊ جي واري لتاڙڻ کان پوءِ اسان مختلف ڪمپنين جي ڪٻاڙي پرزن سان مستري ملوڪ شريف جي هٿان ٺهي جڙيل موٽرسائيڪل تي چڙهي جوهر پهتاسين. موٽرسائيڪل کي سنگھرن سان سوگھو ڪيوسين ۽ چار ماڙ چڙهڻ جو سوچي هڪ ٻئي ڏانهن ساڳي ئي سائت بيزاري ۽ همدردي سان ڏسڻ لڳاسين.

ٻي ماڙ تي هڪ ڪراڙي کي پنهنجي ئي گھر ۾ جهانڪيندو ڏسي ڌاريي چيو”مهل تي شادي نه ڪجي ته مڙس گھٽ محافظ وڌيڪ رهڻو پوندو آهي“

”ڪراڙو نڪو ٿو مري نڪو ٿو منجي ڇڏي!“ مون چيو

”سولي ڳالھ آ !! “هن وراڻيو”ماڪا کان انٽرويو ڪرائينس.“

پورو پلازه اسان جي ٽهڪن سان گونجڻ لڳو.

”پنهنجن ڪنوارن هٿن سان جي چانهن پياريو،

ته اوهانجي ان نوازش تي قربان ٿئي ڌاريو.

نه رڳو ڌاريو پاڻ پر سندس شاعري به اڻ گھڙيل ئي هوندي آهي.

”ڇو ٿو شاعرن جون پٽون کڻين“ مون کيس ٽوڪيندي چيو ”رديف مليس نه وزن ٺهيس هليو مڙس شاعري ڪرڻ…“

”توکي ڪهڙي خبر بي ذوق انسان ! چوندا آهن جي خيال ڪوئي مجروح ٿئي ته رديف ته ڇا ڪافيا به ٽوڙي سگھجن ٿا.“ ڌاريي شاعرانه انداز ۾ چيو.

”۽ جي شاعر جي جاءِ تي ڪنهن جنرل جو خيال مجروح ٿي پوي ته رديف وارو حشر آئين سان ۽ ڪافيي وارو حشر ملڪ سان ٿي سگھي ٿو. 

اياز علي رند 

   

 

 

Posted by: Ayaz Ali Rind | June 5, 2007

دل جو نگر

وري   عڪس   اڀريو   دل   جي   نگر   جو

ڄامشوري  منجھان  جو  منھنجو  گذر  ٿيو

وري   ياد    آيون    ھاسٽل   جون   راتيون

طنز   و   مزاح       ء    سنجيدہ      باتيون

ھاسٽل   جي   ونگ   ۾   غزلن   جو  ڳائڻ

ٽوڪون  ڪري     ٽھڪ  ڏيڻ     مسڪرائڻ

ھڪڙي      سبزي       مٿان        ٽي    ڄڻا

ء   گريبي    جي    بس     ھئي     ھڻ   ھڻا

مگر   پو ء   ڀي ڪاٽن   ڪلف   ساڻ   پائي

سمجھن    پيا       پاڻ    کي      ڇا    الائي

روم  پارٽنر  جي  شرٽن  سان  فيشن  جتائڻ

ء   ڇوڪرين     مٿان      امپريشن     ڄمائڻ

ڪيمپس    جون  سڀئي  ڪھاڻيون   ڀي  آھن

ڄڻ  سڀ    نيون  ھن        پراڻيون   نہ  آھن

ويلنٽائنز  ڊي     تي     جھٽڪا      لڳا    جي

گلابن    جي     بدلي    ۾     پٽڪا   لٿا  جي

ء  ٽي    سال     جنھن   تي    دل   ھئي   فدا

چوٿين   سال     ۾   سا   چئي     و ئي    ادا

 

Posted by: Ayaz Ali Rind | June 5, 2007

سک جي وستي

چئن   بھارن   جو    جنھن  ۾    سفر دوستو

سک   جي  وستي  ھيو     سو  شھر دوستو

جنھن جي ماحول ۾ ھئي  پرين جي نزاڪت

فضائن    ۾     پکڙيل      وفا    ء   صداقت

ھر    قدم   تي    ھو  سھڻو      قھر  دوستو

ھتان   جي      ھوائن   جي      خوشبو  ڀنل

نہ   ڪو ئي   برابر      نہ  مٽ       نہ  مثل

اتان    جو     گذاريل      ھر     پھر  دوستو

ڄامشوري   جي   شامن   ۾   سنڌو ڪناري

چنڊ  چوڏھين جو   ڀي  حسرتن  سان اچاري

ھئي!     ھجان  ھا     ھتان جو    پٿر دوستو

اتان جون   ڪي يادون  نہ سگھبيون وساري

ء   لنگھبو     جڏھن  ڀي    شھر  ڏي  نھاري

ھٽائي       نہ     سگھبي         نظر    وستو

حسن   ھن جي  مٿان   جي مان   شاعر ھجان

نہ  رڪجي     قلم     ء   مان   لکندو  رھان

گيت       وايون       غزل    ء    نثر  دوستو

 

Posted by: Ayaz Ali Rind | May 28, 2007

سياسي ساک

ڪراچي جو ٽن ڏينهن وارو دورو پورو ڪري مان اسلام آباد هيڊآفيس وڃڻ لاءِ ايئر پورٽ پهتس. ٽيڪسي کي هتي بيهڻ جي اجازت نه هجڻ ڪري هلندڙ ٽيڪسي مان سامان سميت لهڻو پوندو آهي. مان هلندڙ ٽيڪسي مان سامان سميت لهڻ ۾ بنا ڪنهن نقصان جي ڪامياب ٿي ويس ۽ اندرون ملڪ اڏامندڙ جهازن واري دروازي وٽان داخل ٿيندي، حفاظتي چڪاس کان پوءِ بورڊنگ ڪارڊ ٺهرايم. اهي سڀ فارمل مرحلا مان تڪڙ۾ طع ڪرڻ جو عادي آهيان ڇو ته اندرون ملڪ اڏامندڙ پروازن جو عملوفقط سفرنامن ۾ ئي موهيندڙ هوندو آهي باقي حقيقت ان کان ڀيانڪ حد تائين مختلف آهي. گذريل ڀيري جڏهن مان جمن جھانگي کي سکر لاءِ ڇڏڻ آيس ته هو هتان جوعملو ڏسي ڇرڪي پيو، چيائين،

”نڀاڳا ! ڪٿي تون مون کي ايڌي سينٽر جي لاوارث پوڙهين واري وارڊ ۾ ته نه وٺي آيو آهين !؟“

جمن جھانگي ڪتابن جو ڪيڙو آهي سياست ۽ سفرناما پڙهي پڙهي انڌو ٿي پيو آهي هڪ ڀيري هن هڪ سياستدان کي چرچو هڻندي چيو هو

”اسان جي معاشري ۾ زال جي نظر ۾ مڙس ۽ عوام جي نظر ۾ سياستدانن جي ساک مڙيئي ساڳي آهي ۽ ان ڳالھ ۾ ڏوھ نه زالن جو آهي نه عوام جو…“

جمن جھانگي سفرنامن ۾ ايئرپورٽ جا من موهيندڙ ۽ دل باغ بهار ڪندڙ واقعا پڙهڻ کان پوءِ زندگي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو جهاز تي سفر ڪرڻ جو پڪو پھ ڪيو هو پر حقيقت ڏسي هو توائي ٿي پيو بحرالحال جڏهن مان کيس اهو يقين ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته هي ايڌي سينٽر جي لاوارث پوڙهين وارو وارڊ نه ايئرپورٽ آهي ته هو سفرنامي جي ليکڪ کي سکر تائين گاريون ڏيندو ويو.

ڪراچي ايئرپورٽ جون ٻه خوبيون لاجواب آهن هڪ هتان جا بڪ اسٽال ٻيو مسافرن جي رش.

ٻي خوبي ۾ عملي جي اوڻاين جو ڪنهن حد تائين ازالو ٿي ويندو آهي. هي پاڪستان جو واحد ايئرپورٽ آهي جتي فلائيٽ ليٽ ٿيڻ تي مسافر رنج ٿيڻ بدران خوش ٿي پوندا آهن.

مان عادت موجب سڌو بڪ اسٽال تي ڪتاب ڏسڻ لاءِ پهچي ويس جتي هڪ سياسي ليڊر ڪتابن واري سان اٽڪي پئي هئي

 ”ڪيون نهين هي..!“

ڪتابن واري جواب ڏنس ” ميڊم مارڪيٽ ۾ اويئل ايبل نهين تو هم ڪيا ڪرين!!!“ تنهن تي ميڊم صاحبه ذري گھٽ منهن پٽيندي چيس

”ڪيون نهين اويئل ايبل !! مجھي بتائو ڪتني ڪاپيان چاهيين…“

مون کي لڳو ته سياست شايد سندس سائيڊ بزنس آهي.

هن ايئر پورٽ تي اڪثر اهڙن وڏن ليڊرن، فنڪارن ۽ اداڪارن کي ڏسڻ جو موقعو ملندو آهي جن کي پهريون ڀيرو ڏسڻ سان يقين ئي نه ايندو آهي ته هي به اسان وانگر انسان ئي آهن.

خير! مان هميشه جيان انگريزي ڪتابن کي گھوريندو پهرين اردو ۽ پوءِ سنڌي ڪتابن تائين پهتس ۽ ڪا سستي ڪتابڙي وٺي اچي لائونچ ۾ ويهي رهيس.انسان جڏهن سفر ۾ نڪرندو آهي ته دعا ڪندو آهي ته ساڻس ڪو انيويوئل واقعو نه پيش اچي خوشقسمتي سان هن ڀيري به مونسان ڪو انيويوئل واقعو پيش نه آيو ۽ ايزيويوئل مان بڪ اسٽال تان ٿي لائونچ ۾ ويٺو ئي هئس ته فلائيٽ جي ليٽ هجڻ جو اعلان ڪيو ويو. اعلان کان پوءِ سڀ رليڪس ٿي پيا ۽ پنهنجي ڌن مان نڪري ٻين ڏانهن متوجه ٿيڻ لڳا ڪجھ ماڻهو اٿي وڃي چانھ ٺاهڻ جو سامان يعني سيپريٽ ٽي وٺي آيا، ڪن سرڪار تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏني ته ڪي وري موبائيل سان کيڏڻ ۾ لڳي ويا. منهنجي سامهون ڪراچي جي ڊفينس يا ڪلفٽن جي هڪ فيملي ويٺي هئي مان وقت گذارڻ لاءِ ان فيملي ۾ مردن ۽ عورتن جي سڃاڻپ ڪرڻ شروع ڪري ڏني.

ايتري ۾ ڪنهن ڄاتل سڃاتل آواز منهنجو ڌيان هٽائي وڌو ڪنڌ ورائي رن وي واري پاسي شيشي جي ديوار وٽ ڏٺم جتي هڪ همراھ موبائيل تي پئي ڳالهايو قداور جوان هو هيئراسٽائيل ۽ سوبر انداز مان ڪو پڙهيل لکيل ۽ وڏي ۽ گول مٽول پيٽ ۽ ڪاٽن جي وڳي مان ڪو وڏيرو پئي لڳو، سوچيم ويجهو وڃي آواز سان گڏ سندس شڪل شبيھ تي به غور ڪجي ته من مونجهارو لهي پوي.

”مڙس ته ڦڏو نه ته جڏي جو جڏو..!“ هن موبائيل تي ڳالهائيندي چيو ”گھٽ معنه بيعزتي..! اوهان به متان مڙيا آهيو، هي عزت ۽ غيرت جو مسئلو آهي اسان کي هر حال ۾ هي سيٽ کٽڻي آهي ڀل سيد سڳوري کي به خبر پوي ته ٻروچ به سيدن جا سوٽ لڳن..!“

مون کي لڳو منهنجو اندازو ذري گھٽ صحيح ثابت ٿيو هو،جو هي سياسي وڏيرو نڪتو. اڄ اليڪشن جو ڏينهن هو ۽ سڄي ملڪ جا مسڪين ماڻهو پنهنجو ووٽ وجھڻ لاءِ سج جي ڏنڀيندڙ ڪرڻن هيٺان قطار ٺاهيو بيٺا هوندا.

”توهان هتي ٻه ٽي ماڻهو ڇڏي ٻين کي ڪهاڙين ۽ بندوقن سميت سانگي سيد جي ڳوٺ واري پولنگ تي موڪليو دشمن سان دنگل ڪبو، پوئين اليڪشن جا پلءُ به اڃا تائين پراڻا ناهن ٿيا هيل سڀ ڪثرون ڪڍڻيون اٿئو…“ هو شايد پنهنجي ڪنهن حمايتي کي هدايتون ڏيئي رهيو هو

”چڱو هاڻي مان رکان ٿو…خبر چار ڏيندو رهجان..!“ هو موبائيل بند ڪري هيڏانهن هوڏانهن ٽهلندو رهيو.

مان کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهيس هاڻي ته سندس هلڻي ۽ شڪل شبيھ به ڏٺل وائٺل پئي لڳي. هيڏانهن هوڏانهن ٽهلندي جڏهن سندس نظر مون تي پئي ته هن کلي ڏنو منهنجي لاءِ اها ڪا نئين ڳالھ نه هئي مون کي جنهن به پهريون دفعو ڏٺو اهو ضرور کليو آهي. شادي جي تاريخ ٻڌڻ لاءِ جڏهن اسان پپو جي ماءُ جي گھر وياهئا سين ته هن کان به ٽهڪ نڪري ويو هو ۽ پوءِ جڏهن پپو کي پهريون دفعو مون پنهنجي هنج ۾ کنيو هو ته پپو به مون کي ڏسي مسڪرائڻ بنا رهي نه سگھيو هو. پر هي همراھ کلڻ سان گڏ مون ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ ويجهو پهچي ٽهڪ ڏيندي چيائين،

”جگر جمي! ڪهڙا حال آهن..!!“

مار ! هي ته شريف بلوچ آهي جيڪو يونيورسٽي ۾ مونسان گڏ پڙهيو ۽ جمال خان بدران مون کي جگر جمي ڪري سڏيندو هو. مون هڪ دم اٿي کيس ڀاڪر پائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا سندس وڏي ۽ گول مٽول پيٽ ناڪام بڻائي ڇڏي. شريف جي رڳو شڪل گھڻي بدلجي وئي هئي باقي لڇڻ ساڳيا هيس هن هميشه جيان منهنجي وارن ۾ آ ڱريون وجھي پهرين منهنجي سيند خراب ڪئي ۽ پوءِ پاسي ۾ ويهندي پٺن تي ڌڪ وهائي ڪڍيائين،

”ڏي حال احوال ! سهڻا ڪٿي آهين اڄ ڪلھ …ڇا پيو ڪرين…ڪٿي پيو رهين..!؟“

”پاڻ پيا پرائيويٽ ادارن ۾ ڌڪا کائون ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن ڪوئيٽه، نه نوڪري پڪي… نه ٺڪاڻو..! “ مون چيو ”تون ٻڌاءِ تون ڇا پيو ڪرين ؟“

”توکي ته خبر آ وڏن ملڪيتن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن سو ڪم ڪار ڪرڻ جي پاڻ کي ڪا ضرورت ڪانهي…“ هن فخريه انداز ۾ چيو”هيسيتائين پئي دنيا گھميا سين ڪڏهن سنگاپور ته ڪڏهن سوئزرلينڊ، ڪڏهن انگلينڊ ته ڪڏهن آسٽريليا… اڄ ڪلھ وري سياست ۾ ڪاهي پيا هون. ٻيو مڙيئي خير!“

”ها  تنهنجي موبائيل واري ڳالھ ٻولھ مان ڪجھ اندازو مونکي به ٿي ويو هو…“مون چيو.

”ها يار ! اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ گريجوئيشن واري شرط کان پوءِ بابا ته ويهي رهيو ان ڪري مون کي بيهڻو پئجي ويو“ هن پاسي کان لنگھندڙ هڪ انلائٽنڊ ماڊريٽ مائي کي گھوريندي چيو.

”پر اڄ ته اليڪشن آهي !! تون پنهنجو علائقو ڇڏي اسلام آباد ڇو پيو وڃين !؟“  مون پڇيو.

”پويان ڪنڌار ويٺا آهن ! جي سانگي سيد جي ماڻھن ڏڦيڙ وجھڻ جو سوچيو به ته…. اهڙي جٺ ٿيندن جو تر ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙا نه رهندا..!“ هن ڏند ٽيڙيندي چيو.

”ها  پر پوءِ به تو کي نٿو لڳي ته توکي پنهنجي حمايتين کي ائين ننڌڻڪوڇڏي اسلام آباد نه وڃڻ گھرجي…“ مون چيو.

”تون ڪٿي صحافي ته نه ٿي ويو آهين !؟ “ هن مون تي طنز ڪندي چيو، ”اها اسان جي خانداني سيٽ آ…اليڪشن کٽيل سمجھ…!! مون کي اصل ۾ اسلام آباد هڪ خاص ميٽنگ ۾ پهچڻو آهي، ايندڙ حڪومت جي حوالي سان سانگي سيد وارن سان ڪجھ ڏئي وٺي اتحاد قائم ڪبو، جگر جمي! سياست وڏي اڻانگي راھ جو نالو اٿئي وڏا وروڪڙ ۽ لاها چاڙها اٿس هتي رخ ۽ لاڙن جو خيال رکندي ڏسي وائسي قدم کڻڻو پوندو آهي.“

مان کيس وائڙن وانگر ڏسندو رهيس ۽ هو ڳالهائيندو رهيو

”ڇائي پائين حمايتي… ٻه ٽي مرندا ته ڏھ ٻيا پيدا ٿي پوندا… اهي ڪم پيا هلندا.. تون ڇڏ سياست جي پچر ۽ ڪا يارن دوستن جي خبر چار ڏي، ٻي سنگت ڪٿي آ…“هن وري منهنجي پٺن تي ڌڪ وهائي ڪڍيو ۽ گڏ ئي جهاز تي چڙهڻ جو سڏ پڻ ٿيو.

اسان اٿي وڃي گيٽ نمبرتيرهن کي ويجھا ٿياسين. مون تي ماٺ تاري ٿي پئي هئي ۽ جمن جهانگي جي مذاق ۾ چيل ڳالھ ۾ مونکي سچائي جي جھلڪ نظر اچڻ لڳي ته ”اسان جي معاشري ۾ زال جي نظر ۾ مڙس ۽ عوام جي نظر ۾ سياستدانن جي ساک مڙيئي ساڳي آهي ۽ ان ڳالھ ۾ ڏوھ نه زالن جو آهي نه عوام جو…“

 

Posted by: Ayaz Ali Rind | May 15, 2007

سوڳوار ماحول

”بس ! هي حڪومت جا آخري ڏينهن اٿئو !! حڪومت هاڻي ڏينهن ٻن جي مهمان آهي!!!“

ٻارهن مئي تي ٿيندڙ ڪراچي وارن وڳوڙن واري خبر تي تبصرو ڪندي ماستر ڌڻي پرتو بنا ڪنهن فل اسٽاپ يا ڪاما جي هڪ ئي ساهي ۾ هميشه جيان جبار جانو جي هوٽل تي تجزيو ڪري رهيو هو. کيس روز شام جو آس پاس جي ڳوٺن جا اٻوجھ ۽ سادا ماڻھو چودگي اسٽاپ واري جبار جانو جي هن هوٽل ۾ گھيرو ڪري ويهي رهندا آهن ۽ پيا سندس ابتا سبتا تبصرا ٻڌندا آهن. مونکي ماستر جي تبصري کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جي چهرن جا تاثر ڏسڻ ۾ مزو ايندو آهي. چاچو ڪريم بنا اک ڇنڀڻ جي ماستر کي ائين پيو گھوريندو آهي ڄڻ ماستر ڪو دنيا جو اٺون عجوبو هجي، خانڻ جو ته وات ئي پٽيل رهجيو وڃي ۽ مکيون ان موقعي جو ڀرپور فاعدو وٺندي پيون سندس چپن تي بلاٽيون پائينديون آهن ۽ سندس واٽ مٿان لٽڪندڙ وڏن شهپرن تي انڌيون لٽڪيو پيون جھولا جھولينديون آهن.

”صوبيدار وڏا ڪهڙا حال آهن !!؟؟ هوٽل جي مالڪ جبار جانو رڙ ڪندي چيو ”اي ! هي ته آهن ڄٽ ڄٽ جا پٽ !! پيا سڄو ڏينهن مٿو هڻن ، تون پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو ڪهڙا ٿو ماستر جا ٺڪا ٻڌين..!“ سامهون واري ڪرسي تي ويهندي جانو مونکي مسڪو هڻندي چيو.

”مونکي ڇڏ جانو تون پهنجي ٻڌاءِ، يا ڪا دوسو جي خبر چار ڏي…!“ مون  ڳالھ مٽائيندي چيو ”ڪالھ کان ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيو آهي.!“

”تو کي خبر ناهي ڇا !!؟“ جانو حيرت مان پڇيو،

”نه ! ڇو ڇا ٿيو !!!  خير ته آهي نه ؟؟؟“ جانو جي سوال کن پل لاءِ ته ڄڻ منهنجي حرڪت ئي بند ڪري وڌي.

”وري دورو پيو اٿس …وتي ڀتين کي ڀتر هڻندو !“ هن چيو.

دوست محمد عرف دوسو آس پاس جي ڳوٺن ۾ رهندڙ اٽڪل هزار ڏيڍ جي آبادي ۾ منهنجو اڪيلو يار آهي.ٻه سال اڳ هڪ با اثر وڏيري جي چوڻ تي ببلو بدماش کي ڇڏڻ کان انڪار ڪرڻ جي سزا ۾ سرڪار مون کي شهر جي ٿاڻي مان بدلي ڪري هن جھنگ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. هونءَ ته هتان جا سڀ ماڻھو ئي اسان پوليس وارن جي وڏي عزت ڪندا آهن سپاهي کان ويندي صوبيدار تائين سڀن کي صاحب وڏا ڪري  سڏيندا آهن ۽ علائقي جي هوٽلن وارا احترام طور چانھ چڪي جا پئسا به ڪونه وٺن پر دوسو جي ڳالھ ئي ٻي آهي،  دوسو يارن جو يار آهي، منهن تي بي ڌڙڪ سچ چئي ڏيندو آهي اصل کرو ماڻھو آهي. اڻ پڙهيل هجڻ جي باوجود به کيس شاھ ۽ سچل کان علاوه اقبال ۽ فيض احمد فيض جي شاعري تي به وڏو عبور حاصل آهي، علامه اقبال جو،

الفاظ و معاني ۾ تفاوت نهين ليڪن، ملا ڪي اذان اور هي مجاهد ڪي اذان اور.

يا فيض جو،

مر جائين گي ظالم ڪي حمايت نه ڪرين گي، ۽

واعظ سي ره و رسم رهي رند سي صحبت، فرق ان ۾ ڪوئي اتنا زياده تو نهين ٿا.وغيره

جھڙي شاعري هر وقت سندس زبان تي رهندي آهي، هتان جا ماڻهو ٻڌائيندا آهن ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ دوسو جڏهن هوٽلن جي دڪين ۽ رستن جي مورين تي بيهي جوشيليون تقريرون ڪندو هو ته اتان لنگھندڙ ماڻهن جا پير ازخود سندس آڏو رڪجي ويندا هئا. ماڻھو سندس جملن جي جادوگيري جا ديوانا هئا. ان تحريڪ ۾ ئي جڏهن هن اکين اڳيان پنهنجي جوان پٽن سميت سمورن گھر ڀاتين کي پنهنجي ئي گھر ۾ سڙندو ڏٺو تڏهن کان دوسو کي اڪثر دورا پوندا آهن، دورو پوڻ تي دوسو آپي مان نڪريو وڃي،سندس وايون بتال ٿيو پون ۽ بدمغزي ۾ گھڻن جا مٿا ڪچا ڪيو وجھي.  جانو جي ٻڌائڻ تي مان ٽپ ڏئي اٿي پيس سرڪاري موٽر سائيڪل تي چڙهي ماستر واري کٽ اڳيان موٽر سائيڪل کي پيرن جي زور تي اڳتي ڌڪيندي ڪڪ هنيم ته موٽر سائيڪل جي زوزاٽ تي ماستر جي هٿ مان زري گھٽ ڪوپ ڪريو هو،”اي ساھ ڪڍيو هئي صاحب وڏا !“ ماستر ڪوپ پاسي ۾ رکي هٿ ٻڌندي چيو

” ڀلا اسان وارو يار ڪريڪ ڪٿي آهي ؟ ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي“ ماستر طنزيه انداز ۾ دوسو جو پڇيو، هو دوسو کي ڪريڪ ڪوٺيندو آهي کيس دوسو جي منهن تي سچ چئي ڏيڻ واري عادت اصل نٿي وڻي، مان کيس جواب ڏيڻ بنا ئي اڳتي نڪري ويس.

ساڄي پاسي کان ريزڪي دڪانن واري قطار اڳيان ٿيندو باگڙين جي گھرن وچان ٺهيل ننڍڙو ڪچو رستو وٺي سڌو دوسو جي ڳوٺ اڳيان روڊ تي ٺھيل بلڪه ڊهيل۽ ڦٽل مسافر خاني وٽ پهتس. دوسو دورو پوڻ کان پوءِ اڪثر گھر گھاٽ ڇڏي اچي هن مسافرخاني ۾ ويهي رهندو آهي. مون جيئن ئي موٽر سائيڪل مسافر خاني اڳيان آندو ته اوچتو دوسو سر کڻي مون تي وريو،  ذري گھٽ وهائي ڪڍي هيائين پر پوءِ مون کي ڏسي رڪجي ويو هيڪر ته پاڻ کي چيم صوبيدار سونا اڄ ته وئين !!! ساھ اصل نڙي ۾ ئي اٽڪجي پيو،  ڳچ دير کانپوءِ وڃي ساھ وريو، نڙي سڪي ماڳهن ٺوٺ ٿي پئي. مون موٽر سائيڪل بند ڪري پاسي تي بيهاري ڇڏيو. دوسو سر جھولي ۾ رکي ويهي رهيو جسم پگھر مان پئي ٽميس ۽ اکيون ڳاڙها مرچ ٿي پيون هيس.

”خير ته آهي دلبر !“ مون کيس پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ لاءِ چيو ” ڪالھ کان وٺي لفٽ ئي ڪانهي…“ دوسو جي واتان ٻڙڪ به ٻاهر نه نڪتي هو لاڳيتو مونکي تڪيندو رهيو.

”طبيت ته ٺيڪ آهي نه !! دشمنن جي ؟؟“ مون کيس ٻانهن کان جھليندي چيو ”هيڏي آ… اچ ته هيڏي ڇانو ۾ ٿا ويهون.“ مون کيس ٻانهن کان جھلي مسافر خاني کان ٻاهر ڪڍيو ۽ پاسي ۾ نم جي ٻن پراڻن ۽ وڏن وڻن جي گھري ڇانو ۾ وڃي ويهاريو. اتي  ئي پيل مٽ جي مٿان پيالي نما ۽ ڪنارن کان ٿورو ڀڳل ڍڪ ۾ ٻڪ کن پاڻي وجھي ڌوئڻ کانپوءِ پاڻي سان ڀري دوسو کي پيئڻ لاءِ آڻي ڏنم. دوسو جو پگھر ڪجھ سڪيو هو ۽ هو اکيون نمائي ڪنڌ جھڪائي خاموشي سان ويٺو هو پاڻي جو پيالو وٺي هو هڪ ساهي ۾ پي ويو.مان سندس پاسي ۾ ويهي رهيس ۽ کيس کولڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. مون کي پڪ هئي دوسو ڪو جھيڙو وغيره ڏٺو هوندو، رت يا باھ ڏسندي ئي کيس پنهنجو سڙندڙ گھر ۽ ڦتڪندڙ  جوان پٽ نظر اچڻ لڳندا آهن ۽ دورو پئجي ويندو اٿس.

”مون کي ماري وڌائون سونا……………مونکي ماري وڌائون..!!!!“ دوسو اڀ ڏاريندڙ رڙ ڪئي ” هر طرف بندوقون هيون…. پستول هيا….. ڪلاشنقوف هيون…“ دوسو کي ڪنبڻي وٺي وئي.

”توکي ڪجھ ناهي ٿيو دوسو!“ مون کيس آٿت ڏيندي چيو ”تون بلڪل ٺيڪ آهين، مون ڏي ڏس مان سونو آهيان … تنهنجو يار سونو صوبيدار…!! ۽ صوبيدار سوني جي هوندي ڪنهنجي مجال آ جو تو ڏي اک کڻي ڏسڻ جي به جرءات ڪري سگھي…“ مون مڇن کي تاءُ ڏيندي چيو.

”مان گاڏين هيٺيان لڪندو رهيس…. مون کين هٿ ٻڌا..!“ دوسو جي پيشاني تي هڪ دفعو ٻيهر پگھر اڀرڻ لڳو ” هنن منهنجي هڪ نه ٻڌي … هو لاش ڪرائيندا ويا ۽ رت جو درياءَ وهائيندا ويا… هنن مون کي به ماري وڌو سونا !.. مان مري ويو آهيان سونا… مان مري ويو آهيان…“

”توکي ڪجھ ناهي ٿيو دوسو.. هي ڏس تنهنجي دل زورن سان پئي ڌڙڪي“ مون سندس هٿ سندس دل تي رکي کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”تنهنجي دل جي ڌڙڪن گواھ آهي دوسو… مان گواھ آهيان… توکي ڪجھ به ناهي ٿيو، تون فٽ فاٽ لڳو پيو آهين. ڪو ڀنوائتو خواب ڏٺو هوندئي ..!“

”خواب نه هو سونا….خواب نه هو…“ هن منهنجي ڳالھ ڪٽيندي چيو ”مان سچ ٿو چوان ريلي ۾ مان پنهنجن ساٿين سان نعرا هڻندو بلوچ پل هيٺان پئي گذريس ته اوچتو هٿيار بند دهشتگردن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا سوين ماڻھو جان بچائڻ لاءِٽڙي پکڙي ويا… ڪو هيڏي ويو …ڪو هوڏي ويو… ساھ سڀن کي پيارو آهي سونا ڀاءُ ڀاءُ کي لتاڙيندو اڳتي وڌندو پئي ويو… مان به ڀڳس… ۽ وڃي بس هيٺان لڪي پيس، منهنجي سامهون لاش ڪرندا رهيا… گولين جو بک بڻجندا رهيا ۽ مان ڪجھ ڪري نه سگھيس… خواب نه هو سونا… خواب نه هو…“ دوسو تي عجيب ڪيفيت تاري ٿي پئي هئي سندس چهري تي خوف هو يا حقارت، درد هو يا ڪاوڙ ڪجھ به چئي نه پيو سگھجي، مان ڪڇي نه سگھيس ۽ هو مسلسل ڳالهائيندو رهيو.

”مٿي تي جھنڊا ٻڌيو، گٽڪا، تماڪ ۽ مين پڙي کائيندي سانولي رنگ جا سنهڙا دهشت گرد مسلسل ماڻھو ماريندا پئي ويا…  شاهراح فيصل تي ڄڻ راڪاس گھمي ويو هو … بس هيٺان ستي  آس پاس ۾ بيٺل سوزوڪين، ڊاٽسنن ۽ ڪارن هيٺان رڳو کليل اکيون پئي نظر آيون، رستي تي رت جو دريا هو ۽ گولين سان پروڻ ٿيل نوجوانن جا لاش هيا… منهنجو پٽ به هيو سونا…هو منهنجي پٽ جي لاش کي ڪلاڪن تائين لتاڙيندا رهيا … ۽ … مان ڪجھ ڪري نه سگھيس…“ مونکي پڪ ٿي وئي ته ڪراچي ۾ ٿيل ڪالهوڪي رتوڇاڻ دوسو ڪنهن ٽي وي چينل تي ڏسڻ ڪري دوسو جي ڪل ٿڙي پئي آهي.

” مان سندس لاش کڻڻ لاءِ نڪتس ته تاڙ ۾ بيٺل ڪجھ  دهشتگردن  مون تي ڪلاشنڪوف جا برسٽ کولي ڇڏيا… مان ڪري پيس سونا… مان هن جو لاش کڻي نه سگھيس… مان ڪجھ به ڪري نه گھيس…..“ فضا ۾ دوسو جون آهون ۽ سڏڪا گونجڻ لڳا، هو دانهون ڪندو روڊ تي ڀڄڻ لڳو مون کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن هڪ ئي جھٽڪي سان منهنجي هٿن مان پنهنجي ٻانهن ڇڏائي ورتي ۽ روڊ تي ڊوڙندو رهيو. ڪجھ لمحه اڳ خوبصورت ۽ دلفريب نظر ايندڙ شام اوچتو ئي اوچتو ڪنهن ڀيانڪ اونداهي رات جو روپ ڌاري  وڌو هو، هوائن ۾ اذيتن سان ڀريل مرثيا گونجڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄو ماحول سوڳوار بڻجي پيو هو.

اياز علي رند 

Posted by: Ayaz Ali Rind | May 10, 2007

دنيا

 

هي ماڊرن، ماهرن، مهارت جي دنيا

حقيقت ۾ آهي حقارت جي دنيا

 

محبت جي نالي فحاشي هلي ٿي

ترقي جي نالي عياشي هلي ٿي

نه الفت، صبر، نه صداقت جي دنيا

 

ڀروسن جا ڀورا رڳو بي وفائي

محبت نه ماڻهپو رڳو بي حيائي

تعصب جي نفرت، عداوت جي دنيا

 

لٽيرا، وڏيرا، ڪاسائي ڪامورا

غريبن جي گھر ۾ بيواه ۽ ڇورا

رهي ناهي اڄ ڪلهه شرافت جي دنيا

 

حڪومت ۾ خانن ۽ پيرن جا ديرا

ٿاڻن جا مالڪ بي حس وڏيرا

ڪوڙن، ڪروڌين جي قيادت جي دنيا

 

ڏسي حال اهڙو اسان دل نه لاتي

وڙهڻ لاءِ ويتر وڏي ٿي پئي ڇاتي

اسان کي سجھي بس بغاوت جي دنيا

 

علم ساڳيو سنڌ جي ثقافت جو هٿ ۾

تهذيب، تمدن ۽ چاهت جو هٿ ۾

اها ئي اسان لاءِ عبادت جي دنيا

« Newer Posts - Older Posts »

Categories