سنڌي ٻوليءَ جو شمار پاڪستان جي وڏين ٻولين ۾ ٿئي ٿو، جيڪا چارڪروڙ عوام ڳالھائي ۽ سمجھي ٿو. ھي ھن خطي جي قديم ٻولي آھي، جنھن کي پنھنجي شاھوڪار ثقافت جو وسيع پس منظر۽ لوڪ ادب آھي، سنڌي ٻوليءَ جي لکت جا آثار 5000 سالن کان اڳ جي قديم آثارن جي کوٽائي مان مليا آھن.
لساني حدون:
سنڌي ٻوليءَ جون حدون، صوبي کان ٻاھر اتر ۾ اڳوڻي رياست بھاولپور، ملتان، اتر اولھ ۾ بلوچستان جي، مڪران، لس ٻيلي، ڪڇي، ناڙي علائقن تائين پھچن ٿيون. سنڌ کي بلوچستان کان جدا ڪندڙ ڪوھستاني علائقي ۾ پڻ وڏو تعداد، سنڌي ڳالھائيندڙن جو آھي. ان کان علاوه بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مادري زبان جي حيثيت پڻ حاصل آھي. بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي بلوچي سان گڏ بنيادي زبان طور پڻ ڳالھايو ويندو آھي.
جدگال، گوادر، اورماڙا ، پسني ۽ اڳتي خليج، مسقط، ابوظھبي ۽ ان سان لاڳو ساحلي علائقن ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جو وڏو تعداد موجود آھي. ڪڇ، گجرات ۽ ھندستان جي ڪاٺياواڙ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ سنڌيءَ کي رابطي واري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آھي. اوڀر ۾ ھن ٻوليءَ جون حدون راجپوتانا کان علاوھ اڳوڻين رياستن مارواڙ، جيسلمير ۽ ٻين پاڙيسري علائقن تائين پھتل آھن.
انگريزن کان آزاديِءَ ۽ پاڪستان جي ٺھڻ کانپوءِ سنڌي ڳالھائيندڙ ھندن جو ھڪ وڏو تعداد ڀارت لڏي ويو، جيڪي ھاڻي ھندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد آھن ۽ گھر ۽ ڪاروبار ۾ سنڌي استعمال ڪن ٿا.
پاڪ و ھند کان علاوه ٻين ڪيترن ملڪن جھڙوڪ: تنزانيا، ڪينيا، يوگنڊا، ڪانگو، ڏکڻ آفريڪا، مداگاسڪر، اوڀر آفريڪا، انگلنڊ، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ پڻ اندازاً 4،00،000 ماڻھو سنڌي ٻولي ڳالھائين ٿا. ان کانسواءِ ھانگ ڪانگ، سنگاپور، ٿائيلينڊ ۽ ٻين ڪيترن ڏورانھن علائقن جا اھي واپاري، جيڪي 20 صديءَ جي شروع ۾ انھن علائقن ۾ آباد ٿيا، پڻ سنڌي ڳالھائين ٿا.
Sindhi Language Authority جي ويب تان ورتل