لمحي لاءِ جي اوهان جي دلبر پرناز نازڪ نهار ٿي پئي،
سرءُ جي مند ۾ سڙيل گلن جي ڪلي ڪلي تي بهار ٿي پئي،
دري اڳيان جي هٽائي پردو جي مسڪرايو صبح سويري،
مهڪي پون سڀ شهر جون راهون پره ڦٽي تي نکار ٿي پئي،
هلو اوهان جي هٿن کي لوڏي حقير رستو حسين ٿي پئي،
حيرت ۾ حورون هلڻ وسارين ڪوه ڪاف تي ڀي قطار ٿي پئي،
اوهان جي آڱر زلفن تي ڦيري هٽائي لٽ کي ڪنن ڏي سيريو،
سڳنڌ سرنهن جي فضا ۾ مهڪي خوشبوئن تي خمار ٿي پئي،
باغن ۾ ٽهلڻ نڪرو ڪڏهن جي ساوڻ جي مند ۾ سائي وڳي ۾،
گل سڀ گھورين فقط اوهان کي سورج مکي ڀي لاچار ٿي پئي،
۽ اسان جي سالن جي چاهت جي بدلي مرڪي ڏسو بس هڪڙي گھڙي لاءِ،
اسان جي دل تي سڄي حياتي اوهان جي الفت اڌار ٿي پئي.