Posted by: Ayaz Ali Rind | December 28, 2009

سنڌ

سنڌ جو نالو ”سنڌو درياءَ“ تان پيو، جيڪو ان جو اصل ۽ شروعاتي نالو آھي آڳاٽي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته  ان نالي مختلف وقتن تي مختلف صورتون اختيار ڪيون آھن، جيڪي اصل ۾ بنيادي لفظ “سنڌو” جون مختلف آوازي شڪليون آھن.

 

 

 اتر ۾ ھي صوبو پنجاب، اوڀر ۾ ٿر۽ اولھ ۾ بلوچستان سان ڳنڍيل آھي. جڏھن ته ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ڪڇ جو  رڻ واقع اٿس. ھيءُ صوبو پاڪستان جي جملي ايراضيءَ مان 140،914 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي.

سنڌ جي ابتدائي سياسي تاريخ تي اڃان تائين پردو پيل آھي. موھن جي دڙي جي کوٽائي ۽ اتان لڌل شين مان 2500 سال ق م جي سنڌ ۽ ان جي مھذب ۽ شھري زندگيءَ جو پتو پوي ٿو.

 

 

آريا ھڪ تمام وڏي علائقي ۾ آباد ھئا، جيڪو اويستا واري زماني ۾ سورھن پرڳڻن اندر ھو. هو ھڪ ٻئي کي اباڻن ۽ قبائلي نالن سان سڏڻ کان سواءِ ساڻيھن جي نالن پويان پڻ ضرور سڏيندا ھوندا. ان ڪري ئي اسين ڏسون ٿا ته اڍائي ھزار ورھيه اڳ جي سکامني بادشاھن پنھنجن ٺُلھن جي ڪتبن ۾ سورھن آريائي پرڳڻن جا ڪي ٽيھ نالا ڄاڻايا آھن. انھن ۾ اسان کي ھندو ( سِنڌو) ۽، ان جي صفت، ھندويه ( سنڌي) ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

 

 

اھو پھريون ڀيرو ھو جو ماٿريءَ جي رھواسين کي نالي ڏيڻ لاءِ سنڌي لفظ لکيت ۾ ڪم آندو ويو. (Jafarey, 1982:110-111) .ھن مان اھو نتيجو به ڪڍي سگھجي ٿو ته ان ئي دور ۾ ھن علائقي ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليءَ کي به سنڌي سڏيو ويو ھوندو.

 

Sindhi Language Authority جي ويب تان ورتل  

Posted by: Ayaz Ali Rind | December 28, 2009

سنڌي ٻولي

سنڌي ٻوليءَ جو شمار پاڪستان جي وڏين ٻولين ۾ ٿئي ٿو، جيڪا چارڪروڙ عوام  ڳالھائي ۽ سمجھي ٿو. ھي ھن خطي جي قديم ٻولي آھي، جنھن کي پنھنجي شاھوڪار ثقافت جو وسيع پس منظر۽ لوڪ ادب آھي، سنڌي ٻوليءَ جي لکت جا آثار 5000 سالن کان اڳ جي قديم آثارن جي کوٽائي مان مليا آھن.

 

 

لساني حدون:

سنڌي ٻوليءَ جون حدون، صوبي کان ٻاھر اتر ۾ اڳوڻي رياست بھاولپور، ملتان، اتر اولھ ۾ بلوچستان جي، مڪران، لس ٻيلي، ڪڇي، ناڙي علائقن تائين پھچن ٿيون. سنڌ کي بلوچستان کان جدا ڪندڙ ڪوھستاني علائقي ۾ پڻ وڏو تعداد، سنڌي ڳالھائيندڙن جو آھي. ان کان علاوه بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مادري زبان جي حيثيت پڻ حاصل آھي. بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي بلوچي سان گڏ بنيادي زبان طور پڻ ڳالھايو ويندو آھي.

جدگال، گوادر، اورماڙا ، پسني ۽ اڳتي خليج، مسقط، ابوظھبي ۽ ان سان لاڳو ساحلي علائقن ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جو وڏو تعداد موجود آھي. ڪڇ، گجرات ۽ ھندستان جي ڪاٺياواڙ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ  سنڌيءَ کي رابطي واري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آھي. اوڀر ۾  ھن ٻوليءَ جون حدون راجپوتانا کان علاوھ اڳوڻين رياستن مارواڙ، جيسلمير ۽ ٻين پاڙيسري علائقن تائين پھتل آھن.

 

انگريزن کان آزاديِءَ ۽ پاڪستان جي ٺھڻ کانپوءِ سنڌي ڳالھائيندڙ ھندن جو ھڪ وڏو تعداد ڀارت لڏي ويو، جيڪي ھاڻي ھندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد آھن ۽ گھر ۽ ڪاروبار ۾ سنڌي استعمال ڪن ٿا.

پاڪ و ھند کان علاوه ٻين ڪيترن ملڪن جھڙوڪ: تنزانيا، ڪينيا، يوگنڊا، ڪانگو، ڏکڻ آفريڪا، مداگاسڪر، اوڀر آفريڪا، انگلنڊ، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ پڻ اندازاً 4،00،000 ماڻھو سنڌي ٻولي ڳالھائين ٿا. ان کانسواءِ ھانگ  ڪانگ، سنگاپور، ٿائيلينڊ ۽ ٻين ڪيترن ڏورانھن علائقن جا اھي واپاري، جيڪي 20 صديءَ جي شروع ۾ انھن علائقن ۾ آباد ٿيا، پڻ سنڌي ڳالھائين ٿا.

 

Sindhi Language Authority جي ويب تان ورتل  

Posted by: Ayaz Ali Rind | August 14, 2009

ديدار

 

اسان جو مقدر ڀي نروار ٿي پئي

هڪ وار ئي پر ديدار ٿي پئي

 

اسان جيڪي سوچيو

اسان جيڪي چاهيو

اسان کي سو مليو اڃا ڀي سوايو

رهي ناهي حسرت دل ۾ ڪا باقي

بس جام درشن ملي پئي جي ساقي

قبول هي عرض گنهگار ٿي پئي

 

نڪي پاڪ دامن

نه پرهيزگار آهيون

گناهن ۾ لٿڙيل گنهگار آهيون

اسان کي هي جرائت ڀلا ڪيئن جڳائي

مگر آس دل کي ٿي هر هر ستائي

متان ڪائي رحمت جي وسڪار ٿي پئي

 

 

نڪي شوق فردوس

 نه دوزخ جو ڏر ڪو

اسان کي نه گهرجي جنت ۾ گهر ڪو

اسان جي نه منزل بهشتي ڪي حورون

نظر ڪرم جن کي ملي بس حضورون

 اسان جو به تن ۾جي شمار ٿي پئي

Posted by: Ayaz Ali Rind | December 2, 2008

سچ جي ڳولا

 

عجب جهان جا عجيب پهلو، حجاب تي سئو حجاب آهن

سڄي حياتي سچ جي ڳولا، سوال ڪافي     جواب ناهن

Posted by: Ayaz Ali Rind | December 2, 2008

جبار جلفريزي

“چڱو هاڻي اٿ !!” مون سندس ڪلهي کي لوڏيندي چيو “اٿ ته جبار جلفريزي ڏي هلون…”

جبار جو نالو ٻڌي ڌاريي جي چهري تي مرڪ تري آئي “ها يار… ڪٿي آهي بيوٽي پارلر جبار جلفريزي…؟”

ڌاريو چوندو آهي ته شاعر محبوبائن لاءِ بيوٽي پارلر جو درجو رکن ٿا ان ڪري هو اسان واري شاعر دوست جبار کي به محبوبه جو بيوٽي پارلر ڪوٺيندو آهي.

“جبار جن ٿي پيو آهي ” مون وراڻيو “اڄ ڪلهه هفتن جا هفتا غائب رهڻ لڳو آهي”

“نه جبار پاڪستاني آهي… پڪو ٺڪو پاڪستاني، سندس غائب ٿيڻ ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي. جنن ۾ ڳجھا ادارا ايترا منظم، متحرڪ ۽ بااختيار ناهن جيترا اسان جي ملڪ ۾ آهن. ان ڪري غائب ٿيڻ وارو جنن جو رڪارڊ اسان پاڪستانين ٽوڙي وڌو آهي… خير!! هلڻو ڪٿي آهي؟؟؟ ” هن پڇيو.

“جبار پڪاسو هال ۾ لڳل تصويرن جي نمائش جا ٻه پاس اماڻيا آهن” مون وراڻيو.

ڌاريي کي تيار ٿيڻ ۾ گھڻي دير نه لڳي تيسيتائين مان اسٽور روم جو ڏيک ڏيندڙ سندس بيڊروم جي هڪ ڪنڊ وٽ ڪارنر ٽيبل تي رکيل اوڻويهه سئو اونده جي ٽيپ رڪارڊر کي هلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهيس.

“اچ ڊيئر..!!” ڌاريي ڪمري جون دريون بند ڪندي چيو.

مان ٻاهر نڪري آيس. ڌاريي سرن جي ٽيڪ هٽائي دروازو بند ڪيو ۽ آثار قديمه مان چورايل تالو هڻي پنهنجي انمول پراپرٽي کي سيڪيوئر ڪري ڇڏيو.

اسان هڪ موٽر سائيڪل نما سواري تي چڙهي پڪاسو هال پهتاسين. ڌاريي جي ان موٽر سائيڪل کي مان سيڪنڊ هينڊ اينڊ ڊرٽي وهيڪل چوندو آهيان. ۽ وٽس هر ڀيري اهو ئي جواب هوندو آهي ته ايوري ٿنگ ان دس ڪنٽري از سيڪنڊ هينڊ اينڊ ڊرٽي..! اِيوِن پاليٽيشنس آر سيڪنڊ هينڊ اينڊ پاليٽڪس از ڊرٽي….”

موٽر سائيڪل جو ڌماڪيدار آواز ٻڌي جبار هال مان ٻاهر نڪري آيو. سندس ڳچي ۾ هيڊي رنگ جو ڪارڊ لٽڪيل هو جنهن تي انتظاميه لکيل هو. هن دروازي تي اسان جو پرشور استقبال ڪيو ۽ اسان ٽنهي گڏجي نمائش هال جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هر تصوير ۽ ڇوڪري کي گھوريندا اڳتي نڪرندا وياسين.

“ڪيئن هيون پينٽنگس…!!!” جبار پڇيو

“ڪجھ سمجھ ۾ اچي ويون ۽ باقي خوبصورت هيون…” ڌاريي وراڻيو.

“ڇا مطلب..!!!” مون ۽ جبار هڪ ئي آواز ۾ حيرانگي وچان پڇيو.

“پينٽنگ به عورت جيان هوندي آهي” ڌاريي چيو “جيسيتائين سمجھ ۾ نه اچي خوبصورت لڳندي آهي.”

“تون ٻڌاءِ.؟” جبار مون ڏانهن ڏسندي پڇيو.

“مون کي ته سڀئي خوبصورت لڳيون…” منهنجي جواب تي هو ٻئي کلڻ لڳا.

“هو خاموشي جي علامت واري پينٽنگ…” ڌاريي هڪ پينٽنگ ڏانهن اشارو ڪندي چيو “منهنجي خيال ۾ بهترين آهي.”

“تو پنهنجي طبيعت جي بلڪل برخلاف پينٽنگ کي پسند ڪيو آهي” مون چيو.

“خاموشي جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کان بچيو وڃي.” ڌاريي ڪافي دير خاموش رهڻ کان پوءِ مفڪرانه انداز ۾ چيو.

“پر خاموشي مسئلن جو حل به ته ناهي..” جبار چيو.

“ته پوءِ مسئلن جو حل ڇا آهي؟” هن پڇيو.

“جدوجهد… ” مون چيو “مسلسل جدوجهد، اڻ ٿڪ محنت…”

“ڪنهن چيو ته محنت اڻٿڪ ٿيندي آهي” هن وڏي آواز ۾ چيو “محنت ٿڪائيندڙ ٿيندي آهي، محنت ماڻهو کي ٿڪائي ساڻو ڪري وجھندي آهي، مسلسل محنت ماڻهو کي وقت کان اڳ ماري وجھندي آهي…”

“موت منزل جي چوکٽ آهي… مسلسل محنت جو نتيجو منزل آهي… ” جبار وراڻيو

“موت ئي ته جنت جا دروازا کوليندي آهي” مون چيو “زندگي جي اڻانگن ۽ اذيتناڪ رستن کان ٿيندو موت جي گھاٽي مان گذري انسان جڏهن پلسراط پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ته جنت سندس مقدر بڻجي ويندي آهي.”

“پر اڄ ڪلهه ماڻهو جنت لاءِ نه مرندا آهن. اڄ ڪلهه ماڻهو قرضائين کان بچڻ لاءِ مرندا آهن، لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي جي آزار کان بچڻ لاءِ مرندا آهن…” هن جي لهجي ۾ جوش ۽ ڪاوڙ سان گڏ حقارت جو ڏنڀيندڙ احساس هو “منهنجو پاڙيسري هر روز پنهنجي بکايل ٻارن جي اٽي لاءِ منتظر نگاهن کان بچڻ لاءِ مرڻ چاهي ٿو.”

 

 

 

Posted by: Ayaz Ali Rind | November 3, 2008

ٽي نومبر

رات جو پهريون پهر هو عارب جون اکيون آسمان ۾ اٽڪيل هيون. گگھ اونده ۾ چٽا ٿي بيٺل تارا به کيس دنڌلاهٽ ۾ منجهيل پئي نظر آيا. جنهن جو سبب فقط سندس وڏي عمر ۾ گھٽ ٿيل نظر نه هو. هن جي اکين ۾ تري آيل لڙڪ بارش کان پوءِ کڏن کٻن ۾ بيهي رهيل پاڻي جيان سانت اختيار ڪري چڪا هئا. اکين جي ڇيڙي کان وهي نڪتل لڙڪن جا خشڪ ٿيل پيرا آهستي آهستي گم ٿيندا پئي ويا. هو سوچن ۾ گم هو ۽ سندس جسم سن ڪيل مريض جيان کٽ تي بي حرڪت بت لڳو پيو هو.

ان کان اڳ عارب پاڻ کي ڪڏهن به ايترو بيوس ۽ ڪمزور محسوس نه ڪيو هو. هو ڪنهن جي به پرواه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي سوچ سمجھ موجب فيصلا ڪرڻ جي حوالي سان سڄي تر ۾ مشهور آهي اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ماڻهو کيس حسد جي نگاه سان ڏسندا آهن. سندس ارڏائي جي ڪري مٽن مائٽن به کانئس لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي، هن جي باغي خيالن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ ڪوبه عزيز، رشتيدار يا دوست تيار نه هو. پر هو اڪيلو هوندي به اڪيلو نه هو. هن جو ضمير، هن جو نظريو، بي باڪي ۽ سليم فطرت سندس يار به هئا ته هٿيار به. جن کيس ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو. هو هميشه بي ڌڙڪ سچ جي پرچار ڪندو رهيو. غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوندو رهيو. ڪو به ڏاڍو ڪو به ظالم کيس جھڪائي نه سگھيو. پر ڪيسيتائين …..!!!؟؟؟؟؟

اخر ڪيسيتائين هڪ اڪيلو شخص حق ۽ سچ جو علم کڻي هزارين مخالفن سان مسلسل وڙهي ٿي سگھيو. آخر ڪيسيتائين ڪو شخص بنا سهاري جي بنا همٿائڻ جي پنهنجي بي باڪي ۽ جرت کي مقدم رکي ٿي سگھيو. پٿر تي ڪرندڙ مسلسل پاڻي جي ڦڙن جيان، ڏاڍ ۽ ڏمر، ڪوڙ ۽ ڪروڌ جي ڪروڙين ڀالن سندس همٿ ۽ سگھ کي سوراخ ڪري وڌا هئا. هو ڪمزور ٿي چڪو هو ۽ هن جي اهڙي ڪيفيت جو اندازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن هن ڪجھ ڏينهن اڳ مون کي فون ڪري ڳوٺ گھرايو هو. مون پنهنجي زندگي ۾ ايتري بيوسي سان ڀريل آواز ۾ ڳالهائيندي عارب کي ڪڏهن به نه ٻڌو هو. مان ڏڪي ويو هوس، منهنجو خيال فورن سسئي ڏانهن ڇڪجي ويو هو جيڪا عارب جي شايد واحد ڪمزوري آهي. هن ستين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پنهنجي ڌيءُ سسئي کي ڊاڪٽرياڻي بنائڻ جو خواب ڏٺو هو ۽ اهو به ان علائقي ۾ جتي اڃا ڇوڪرن کي پڙهائڻ جو رواج به عام نه ٿيو هو. جتي عورتون فقط زمينن تي ڪم ڪري مردن کي ڏينهن جو هوٽلن ۽ رات جو ديسي ٺري لاءِ پئسه ڪمائي ڏيڻ جو ذريعو هيون. جتي غلامن جيان آقا جو هر حڪم مڃڻ کي پنهنجو فرض يا نصيب سمجھندڙ عورتون ڏيڍ لک عيوض ڪاري جي ڪوڙي الزام ۾ جان وڃائي ويهنديون هيون. اتي عارب جو سسئي کي ڊاڪٽرياڻي بنائڻ جو سوچڻ به بغاوت کان گھٽ ڏوه نه هو. پر سسئي کي ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ کان وڌيڪ ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق هو، هن به عارب جيان خواب ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا هيا. هو ڳوٺ جي هر ڇوڪري کي پڙهڻ لکڻ سيکارڻ جي خواهشمند هئي.

مان بنادير ڳوٺ پهتس ۽ عارب مون کي ڏسندي ئي لڙڪن کي اکين جي اوٽ ۾ رکي ڪونه سگھيو ۽ ڀيانڪ خواب مان جاڳي پيل ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان مون کي چنبڙي پيو هو. سندس جسم جي ڪنبڻي کي مون پنهنجي جسم ۾ لهندو محسوس ڪيو ۽ پوءِ اسان پهرن تائين سندس زمين جي ٽڪري ۾ ڪچي واٽر جي ڪپ تي لڳل سرينهن جي وڻن هيٺان ويٺا رهياسين جتي هن پنهنجي درد جي سڄي ڪٿا مون کي ٻڌائي. عارب جي ڀائٽيي جانو کي ڳوٺ جي ڪنهن عورت سان ڪارو قرار ڏنو ويو هو، عورت کي ته بنا دير ئي مائٽن ماري وڌو هو پر جانو کي پئسن جي لالچ ۾ ڀڄڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو هيائون. فيصلي ۾ آس پاس جي چڱن مڙسن ان موقعي کي غنيمت ڀائيندي سسئي جو سڱ چاليهه سالن جي مارجي ويل عورت عيوض سندس اٺيتاليهن سالن جي مڙس کي ڏيڻ جو حڪم سادر ڪري ڇڏيو.

جيتوڻيڪ عارب حال سارو وڏي ڪوشش ڪئي هئي پر جاگيردارن جي جاگير بڻيل سرڪاري ادارن تائين عارب جي فرياد جو رسڻ ممڪن نه هو. هو منجهي پيو هو. جڏهن کيس ڪو دڳ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ته مشوري لاءِ هن مون کي فون ڪئي، مون ٻئي ڏينهن ئي شهر ۾ موجود پنهنجن يارن دوستن جي مدد سان ان معاملي کي ميڊيا تي آندو ۽ لاڳاپيل سمورن سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن کي درخواستون پڻ موڪليون پر عارب سميت اسان سڀني کي ڪا خاص اميد نه هئي مان کيس آٿت ڏيڻ کانسواءِ ڪجھ به نه ٿي ڪري سگھيس. اميدون ٽٽڻ تي هيون ۽ حوصلا پست ٿيڻ تي هئا جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سوموٽو ايڪشن جي صورت ۾ اميد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنئي. فيصلي ۾ شامل سڀ چڱا مڙس لڪڻ ۾ پورا هئا ۽ عارب جي اکين ۾ سرهائي ۽ سوڀ جا عڪس اڀرڻ لڳا. هو ڏاڍو خوش هو. سندس خوابن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ساڀيان ٿيڻ جو موقعو ملڻ وارو هو. مان شهر موٽڻ جي تيارين ۾ هئس مگر طوفان شايد مڪمل ماٺ اختيار نه ڪئي هئي، وساميل باه جي دونهين ۾ لڪل ڪي شعلا اڃا اٿڻا هئا ۽ امتحان جون بي رحم گھڙيون اڃا اچڻيون هيون. ڪجهه ڏينهن ئي گذريا هوندا جو اها بي رحم گھڙي به اچي ڪڙڪي جڏهن ملڪ تي قابض ڊڪٽيٽر چيف جسٽس سميت اعلى عدالتن جي ڪيترن ئي ججن کي پي سي او تحت حلف نه کڻڻ جي جرت ڪرڻ جي الزام ۾ گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو.

جنهن مهل کان اها خبر عارب تائين پهتي آهي تنهن گھڙي کان وٺي هن ڪجھ به نه کاڌو آهي، ڪجھ به نه ڳالهايو آهي. گھر جي اڱڻ تي پيل کٽ تي بي جان بت بڻجي ليٽي پيو آهي. تنهن مهل کان سندس اکيون آسمان ۾ کتل آهن.

 

Posted by: Ayaz Ali Rind | May 11, 2008

مائرن جي ڏينهن تي

مائرن جي ڏينهن تي پنهنجي ڏيهه کان پري

ڪارڊ تحفا گل ڏسي مان رنس سڏڪا ڀري

سوچ ساگر ۾ جڏهن ياد جون ڇوليون اٿيون

اک آلي ويون ڪري ماءُ جون لوليون مٺيون

اي ماءُ تنهنجي شان ۾ سوچيو مون ڇا لکان

ڪاش ڪاغذ تي ڪڍي دل ۾ آيو دل رکان

Posted by: Ayaz Ali Rind | February 18, 2008

اليڪشن

سمنڊ ۾ ٽٻي هڻڻ کان اڳ سج مڪمل ڳاڙهو ٿي چڪو هو، ڪڪرن جي اوٽ کان نڪري  آخري لمحن تائين ڌرتي کي روشني جا ڪرڻا پهچائڻ لاءِ جتن ڪندڙ سج، گهر موٽندي نظر کٽڻ تائين پنهنجي محبوب کي ورائي ورائي ڏسندڙ ڪنهن عاشق جيان پئي لڳو.  

 

 

مان سمنڊ ڪناري کان گھڻو پري پٿر جي ديوار جي ٻئي پاسي روڊ جي ڪناري تي ڀڄي رهيو هوس. هن دنيا ۾ هر ماڻهو سموري حياتي ڀڄندو رهندو آهي ۽ هڪ ڏينهن ڀڄندي ڀڄندي مري ويندو آهي مان اڄ تائين سڪون سان ويٺل ڪنهن انسان کي ڏسڻ ۾ ناڪام رهيو آهيان فون تي ڳالهائيندي، لکندي، پڙهندي، آفيس ۾ ڪرسي تي ويٺل ماڻهو ۽ گھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکيل آرام ڪرسي تي ويٺل ماڻهن کي به مون ڀڄندي ڏٺو آهي. ماڻهن جي ان رويي مون کي منجھائي وڌو آهي مان ان عمل مان بيزار ٿي چڪو آهيان ڀڄي ڀڄي ٿڪجي پيو آهيان پر پوءِ به ڀڄي رهيو آهيان، مسلسل ڀڄي رهيو آهيان. ڀڄڻ منهنجي مجبوري آهي يا نصيب اهو طع ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. منهنجي آس پاس ڊوڙندڙ ماڻهو هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ کان پوءِ ڏاڍا خوش ٿيندا آهن مان ڪڏهن ڪڏهن ڍرو ٿي ٻين کي وڌڻ جو موقعو ڏيندو آهيان ۽ ماڻهو مون کان وڌي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن ڪي ماڻهو مون کي بيوقوف سمجھي مون تي کلندا ۽ ٽوڪون به ڪندا آهن. ڪراچي جهڙي پرشور ۽ بي غرض شهر ۾ جڏهن ڀڄي ڀڄي مان ٿڪجي پوندو آهيان ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري تي ڊوڙڻ هليو ايندو آهيان. ڊوڙندي ڊوڙندي قدم اچانڪ روڊ تي ڄمي ويا ڄڻ ڪنهن منهنجي پيرن ۾ ٻيڙيون وجھي ڇڏيون ۽ مان بيهي رهيس روڊ جي پاسي سان پارڪ ڪيل هڪ ڪار جي بانٽ تي ويٺل سنهڙي ۽ سهڻي عورت جي معصوم ۽ پرڪشش نگاهن قدمن کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو. هو مون ڏانهن ئي ڏسي رهي هئي، شعوري طور تي يا ڪنهن سوچ ۾ گم هجڻ ڪري لاشعوري طور تي. پر سندس نگاهون منهنجو ئي تعاقب ڪري رهيون هيون. کيس ڏسڻ جي ڪري يا توائي مان تيز ڊوڙڻ جي ڪري منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي چڪي هئي. ائين لڳم جيئن ريگستان جي تتل واري تي پيرن اگھاڙي ڀڄندي ڀڄندي اچانڪ ڪنهن گھاٽي وڻ جي ڇانو نصيب ٿي پئي هجي. نگاهن جو ائين اٽڪاءُ پهريون ڀيرو نه ٿيو هو، مگر ان کان اڳ ڪڏهن ساڻس ملڻ جو خيال دل ۾ نه آيو هو. پهريون ڀيرو سندس نگاهن کي مون پنهنجي جسم ۾ ٿر ۾ سانوڻ جي پهرين ڪڻ ڦڻ يا سياري جي صبح ۾ سج جي پهرين ڪرڻن جيان لهندو محسوس ڪيو هو. هو ڪار جي بانٽ تان لهي مون ڏانهن وڌي آئي. هو قد آور ۽ پرڪشش عورت هئي.

 

 

مان اوهان کي اڪثر هتي ڊوڙندي ڏٺو آهي “ هن چيو ”توهان جتي رهندا آهيو مان ان ئي  پراجيڪٽ جي اي بلاڪ ۾…….. سوچيم ته اوهان سان … پر شايد… سوچيم ته….“ هو جملي کي جوڙڻ جي ڪوشش ۾ وڌيڪ ٽوڙيندي رهي ۽ پوءِ خاموش ٿي وئي.

 

 

توهان مونسان هڪ ڪپ ڪافي پي سگھو ٿا؟“ مون بنا دير ۽ بنا تڪلف جي آفر ڪئي. مسڪراهٽ هن جي خوبصورتي ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو. مون کيس نگاهن کان ٿيندي دل ۾ لهندو محسوس ڪيو. اسان ٻئي گڏجي هلڻ لڳاسين ڪافي شاپ وٽ پهچڻ تائين دل خيالن جي گھيري ۾ اچي وئي. سوچيم ٻن اجنبي نگاهن جو دير تائين اٽڪاءُ ڇا محض اتفاق هو ؟ بي معنى هو؟ ٻن جسمن مان ائين اچانڪ روح جو نڪري ڳنڍجي هڪ ٿي پوڻ ڇا محض اتفاق هو؟…..ڇا اسان جي خاموشي ۾ به ڪو اظهار هو..؟ مان گيان ۾ گم ڪنهن پنڊت جيان خيالن ۾ محو رهيس، اندر جي احساسن جو ٻاهر جي مادي دنيا مٿان ايترو شديد ۽ مڪمل غلبو پهريو ڀيرو ٿيو هو.  ڪافي شاپ وٽ پهچي مون اڳتي وڌي ٻه ڪپ آرڊر ڪيا ۽ جيتري دير ۾ ڪافي تيار ٿي اوتري دير ۾ مون ڪائونٽر تي پئسا ڏيئي ٻه ٽوڪن وٺي ورتا ۽ پوءِ ٽوڪن جي بدلي ۾ ڪافي جا ٻه ڪپ کڻي هن ڏانهن وڌيس.

 

 

منهنجو نالو سسئي آهي“ هن ڪپ وٺندي چيو.

 

 

مان ظهير آهيان“

 

”ڇا ڪندا آهيو ؟“

 

 

”ٻارهن ڪلاڪ نوڪري ڪندو آهيان ۽ چار پنج ڪلاڪ ننڊ ڪندو آهيان“ مون مسڪرائيندي وراڻيو.

 

 

”۽ باقي ست اٺ ڪلاڪ ؟ “

 

 

” جک ماريندو آهيان “ مون کلندي وراڻيو.

 

 

”هممم… ليکڪ آهيو..“ هن پراعتماد لهجي ۾ چيو.

 

 

ڪيئن ٿا چئي سگھو..!!؟ “ مون حيرت وچان پڇيو.

 

هن ڪيئن ڄاتو ته مان لکندو آهيان. اندر جي اڻ تڻ جڏهن وس کان ٻاهر ٿي ويندي آهي تڏهن مان لکڻ تي مجبور ٿي پوندو آهيان ۽ پوءِ انهن ڪاغذن کي پيتي ۾ رکي تالو هڻي ڇڏيندو آهيان. اڄ تائين منهنجي ڪابه لکڻي شايع نه ٿي آهي ۽ منهنجا ويجھا دوست توڙي مٽ مائٽ به ان راز کان اڻواقف آهن. مان حيران هئس هڪ اجنبي عورت ايڏي اعتماد سان ڪيئن چيو؟ هن کي ڪيئن خبر پئي؟

 

 

 امر جليل ڪٿي لکيو آهي ته ”جنهن ملڪ ۾ خفيه ايجنسين جو ڄار وڇايل هجي ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي نالي ۾ سونهن، سوچ ۽ اظهار جي آزادي جي ناڪه بندي ٿيل هجي تنهن معاشري ۽ ملڪ ۾ لکڻ جک مارڻ آهي.“ هن ڪافي جو ڍڪ ڀريندي چيو ”اسان وٽ تخليقي لکڻيون نه هجڻ جي برابر آهن…. اوهان ڇا لکندا آهيو؟ “

 

 

ڪنهن چيو اسان وٽ تخليقي ليکڪ ناهن اسان جا ته ڪيترائي نقاد ۽ مورخ پڻ تخليقي ليکڪن جي وصف هيٺ ايندا آهن ۽ تخليقي ادب ۾ اسان وٽ سڀ کان وڏو نالو ايف.آءِ.آر لکندڙ پوليس واري جو رهيو آهي.“ مون وراڻيو ” مان سچ لکندو آهيان، مان ڪاغذن تي حقيقتن جا آئينا ٺاهيندو آهيان “

 

 

ڪنهن لاءِ لکندا آهيو… منهنجو مطلب آهي ڪنهن اخبار يا رسالي لاءِ لکندا آهيو.“ هن پڇيو.

 

 

سچ کي شايع ڪرڻ جي جرات ڪندڙ اخبارون ۽ رسالا گھڻو وقت هلي نه سگھندا آهن ۽ حقيقت جو آئينو ڏسڻ لاءِ هن معاشري ۾ ڪوئي به تيار ناهي ان لاءِ مان پنهنجين لکڻين کي پيتي ۾ رکي تالو هڻي ڇڏيندو آهيان.“ 

 

 

ٻيا به ڪجھ لکندڙ آهن جيڪي سچ لکندا آهن..! امر جليل جو ئي مثال ٿا وٺون… ۽ هن جون لکڻيون ڇپبيون به آهن…“

 

 

ها پر هو به ڪنهن اخبار ۾ گھڻو وقت لکي ڪونه سگھندو آهي“ مون سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو ”جڏهن ڪنهن اخبار مان سندس سچ هضم ڪرڻ واري سگھ نڪري ويندي آهي ته کيس ڪڍي ڇڏيندا آهن.“

 

 

۽ هو پوءِ به لکندو آهي…“ لهجي بجاءِ سندس آواز ۾ جذباتي انداز جي جھلڪ محسوس ٿيڻ لڳي ”هن همٿ نه هاري آهي… هن جي ويڙهه اڃا به جاري آهي هالانڪه هو پوڙهو ٿي چڪو آهي پر هن جي جدوجهد اڳي کان وڌيڪ جوان لڳندي آهي“ 

جرات ۽ همٿ جو عمر جنهن ڪنهن مخصوص حصي سان هرگز تعلق ناهي هوندو“ مون وراڻيو ”هو شايد وڙهڻ جو عادي ٿي چڪو آهي، مسلسل ٽڪراءُ کيس وڌيڪ سگھ عطا ڪئي آهي“ 

 

خالي ڪپ پٿر جي ديوار تي رکي اسان سندس ڪار طرف هلڻ لڳاسين کن پل خاموش رهڻ کان پوءِ پڇيائين،

 

 

پڙهڻ ۾ اوهان کي ڇا پسند آهي؟… فڪشن… يا مزاح وغيره به پڙهندا آهيو؟“ ” فڪشن ۾ مون کي پاڪستان اسٽڊي پسند آهي ۽ مزاح پڙهڻ کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ مون کي دلچسپي رهي  آهي ان ڪري مان ڪارٽون شوز ۽ پاڪستاني اليڪشن وڏي شوڪ سان ڏسندو آهيان.“

 

 اياز علي رند

 

Posted by: Ayaz Ali Rind | February 17, 2008

ڪوذي ۾ درياء

هن دنيا ۾ کوڙ شيون اهڙيون هونديون آهن جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت جي ضرورت پوندي آهي. جيڪڏهن اوهان جي ذهن ۾ فورن اٽي جو نالو گردش ۾ اچي ويو آهي ته اهڙي ڪائي به ڳالهه ڪانهي مون مائڪرو نه پر ميڪرو صطح جي ڳالهه ڪئي آهي. هاڻي شايد اوهان مون کي حڪومت جو ڪو ڪارندو سمجھڻ لڳو يا وري سمجھو ته مان ڪو معيشت تي ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهيان پر اهڙي به ڪائي ڳالهه ڪانهي. دراصل منهنجو اشارو علم، شهرت يا جائيداد وغيره جهڙين شين ڏانهن آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪجھ ماڻهن کي اهڙيون ڪجھ شيون بغير محنت جي وراثت ۾ پڻ ملي وينديون آهن پر هتي منهنجو اصل مقصد انهن شين جي ان خاصيت جو ذڪر ڪرڻ آهي جنهن موجب اهي شيون اوهان کي وراثت ۾ نه به ملن ته به انهن کي محنت يا منافقت ذريعي دير يا سوير حاصل ڪرڻ ممڪن هجي.

ان جي بلڪل برعڪس ڪجھ اهڙيون شيون پڻ ٿينديون آهن جيڪي فقط قدرت جي ڏات هونديون آهن جيئن حسن يا مغز وغيره. اوهان شايد حسن کي به ڏات جي ڪيٽيگري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو ته اوهان جي ذهن جي پردي تي بيوٽي پارلرن جي طويل لسٽ حرڪت ۾ اچي چڪي آهي مگر جنهن حسن جو مون هتي ذڪر ڪيو آهي اهو وقتي نه پر مستقل آهي ۽ جنهن حسن جي باري ۾ اوهان سوچي رهيا آهيو ان کي پاڻي جو فقط هڪ وٽو به تهس نهس ڪري سگھي ٿو. رهي ڳالهه مغز جي ته مغز مان منهنجي مراد ٻڪر جو مغز هرگز نه آهي ڇو ته ٻڪر جو مغز ڪلو ڪاسائي کان وڏي سولائي سان هڪ رات اڳ ايڊوانس بڪنگ ڪرائي حاصل ڪري سگھجي ٿو. منهنجو اشارو هتي انساني کوپڙي ۾ فٽ ٿيل مغز ڏانهن آهي جيڪو فقط مکڻ جهڙن جينيس ماڻهن وٽ هوندو آهي. مکڻ هونئن ته اٺ درجا پڙهيل هجڻ جي باوجود به شڪل مان خانداني اڻ پڙهيل لڳندو آهي پر ڏسڻ جو ڪهڙو به هجي بلڪه ڏسڻ جهڙو نه به هجي تڏهن به کيس مغز جي معاملي ۾ سڄو تر سلام ڪندو آهي.

مون جهڙن موڳن کي ته هونئن به گاهه ڪونه وجھي پر چڱن ڀلن جي مت منجھائي وجھندو آهي. هڪ ڏينهن کانئس پڇيم،

”يار مکڻ !! تو جهڙي دانگي مهانڊي وٽ اهڙو مغز ڪٿان آيو ؟“

ته چيائين ”ذات تي ڏات ناهي“

مکڻ جو جواب منهنجي مغز جي اصل چائنٺ تي ئي اوڪڙو ويهي رهيو ڳالهه سمجھ ۾ ڪانه آئي ته جي ذات تي ڏات ناهي ته مکڻ به ته ذات جو ”بخيلاڻي“ آهي بي ذات ته هو به ڪونهي پوءِ هن وٽ ڏات ڇو آهي. دراصل مکڻ جي تقريبن پوڻا سورهن آنا ڳالهين جي مون کي اصل ڌپ ئي نه پوي.

اڄ ڪلهه اليڪشن جا ڏينهن آهن مکڻ سڄو ڏينهن پني پنجابي جي هوٽل تي ويهي ٽي.وي تي هلندڙ خبرن تي تبصرا ڪندو آهي ۽ ماڻهو مکڻ جي چوڌاري مکين جيان مڙيا پيا هوندا آهن. اڄ صبح هوٽل تي ٽي.وي ڏسندي مکڻ پير ٽيبل تي رکندي چيو هو ته،

”هڪ جملي ۾ ايتري ڊگھي ڳالهه به ڪري سگھبي آهي جو دنيا جا سڀ ڪاغذ ڪارا ڪرڻ جي باوجود به ان جملي جو مڪمل مقصد بيان ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو.“ مثال ۾ هن شاهه سائين جي هڪ سٽ پڙهي،

”جيڏو تنهنجو نان، ٻاجھ به اوڏيائي مگان“

  خانڻ، خدو، سارو ۽ سوڍي سميت اسان سڀ وائڙن جيان هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳاسين.

”نه سمڌو !! “ هن فخريه ۽ طنزيه مسڪراهٽ چپن تي آڻيندي پڇيو ۽ اسان سڀني مڃيو ته ڳالهه واقعي اسان جي سمجھڻ کان ڳري هئي.

”صفا ڪي ڪند ذهن آهيو … ڏسو الله سائين جو نالو ڪيڏو وڏو آهي ڪائنات جي ڪنارن کان اڳتي لا محدود ۽ لامڪان تي به هن جو اختيار ڪامل آهي هو اهو ڪجھ ڏيئي سگھي ٿو جيڪو اسان جي شعور ۾ به نه هجي. هاڻي انهن شين کي ڪيئن قلم بند ڪري ٿو سگھجي جيڪي اسان جي شعوري حدن کان به ٻاهر ۽ لامحدود ۽ لامڪان هجن. لحاظه شاهه صاحب سياڻپ جو مظاهرو ڪندي درياء کي ڪوذي ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.“

مکڻ مون ڏانهن ڏٺو ۽ مون پنهنجو ڀرم قائم رکڻ لاءِ هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو حالانڪه سمجھ ۾ ٽڪو به ڪونه آيو. پوءِ هن ٽي.وي تي هلندڙ خبر جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ٻڌايو پئي ويو ته ميڊيا تي ڌانڌلين جي الزامن تي ٻڌل ڪا به خبر يا انٽرويو وغيره نشر ڪرڻ تي پابندي هوندي. ۽ چيائين ته سرڪار به شاهه صاحب وانگر سياڻپ جو مظاهرو ڪندي درياء کي ڪوذي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي.

سڄي هوٽل ۾ واه واه ٿي وئي سڀني مکڻ کي مکڻ هڻڻ لاءِ تعريفن جا بند ٻڌڻ شروع ڪري ڏنا ۽ مون ڏانهس مسڪين ۽ عاجز نگاهن سان ڏسي کيس مطلع ڪيو ته مون ڪجھ به ڪونه سمجھيو پر هن حقارت منجھان ڪنڌ لوڏيندي منهن ڦيرائي ڇڏيو.

آخر ان خبر ۾ ڪهڙا دفتر سمايل هئا جيڪي مون نه سمجھيا. هڪ عام خبر ئي ته هئي !!؟ پوءِ ڇو سڄو ڏينهن مٿو هڻڻ کان پوءِ به مون کي سمجھ ۾ نه پئي آئي مون صدمي ۾ اکيون ٻوٽي ڇڏيون آسمان مان تارا گم ٿي ويا ۽ اکين ۾ نمي جي گرمائش مون کي پنهنجي بيوسي ۽ ڪند ذهنيت جي ڏکوئيندڙ احساس طور محسوس ٿي ۽ مان پاسو ورائي اجرڪ اوڍي ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويس.

ايازعلي رند

 

Posted by: Ayaz Ali Rind | January 18, 2008

التجاء

 

لمحي لاءِ جي اوهان جي دلبر پرناز نازڪ نهار ٿي پئي،

سرءُ جي مند ۾ سڙيل گلن جي ڪلي ڪلي تي بهار ٿي پئي،

 

دري اڳيان جي هٽائي پردو جي مسڪرايو صبح سويري،

مهڪي پون سڀ شهر جون راهون پره ڦٽي تي نکار ٿي پئي،

 

هلو اوهان جي هٿن کي لوڏي حقير رستو حسين ٿي پئي،

حيرت ۾ حورون هلڻ وسارين خوشبوئن تي خمار ٿي پئي،

 

 

باغن ۾ ٽهلڻ نڪرو ڪڏهن جي ڪهڙي به مند ۾ ڪهڙي پهر ۾،

گل سڀ گھورين فقط اوهان کي سورج مکي ڀي لاچار ٿي پئي،

 

۽ اسان جي سالن جي چاهت جي بدلي مرڪي ڏسو بس هڪڙي گھڙي لاءِ،

اسان جي دل تي سڄي حياتي اوهان جي الفت اڌار ٿي پئي.

Older Posts »

Categories