تون مسلم ڇو آهين؟


”تون مسلم ڇو آهين؟“ ليزا پڇيو


مون حيرانگي وچان پڇيو” What kind of question is that..!!? “


ڏاڍو عجيب سوال هو… اسان ٻئي لنڊن جي هڪ ڪاليج ۾ ٻن سالن تائين گڏ پڙهيا هئاسون ۽ ان دوران تقريبن سڄو سڄو ڏينهن اسان گڏ هوندا هئاسون. مگر ڪڏهن به مذهب تي اسان نه ڳالهايو هو۽ اڄ تقريبن ٻارهن سالن کان پوءِ ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ منعقد ٿيل هن سيمينار دوران اتفاق سان ملياسين ته ليزا جي واتان اهو سوال ڏاڍو عجيب لڳو. اسان سيمينار هال کان ٻاهر اچي ريسٽورانٽ جي ڪنڊ ۾ شيشي جي ديوار جي لڳو لڳ اچي ويٺا هئاسين جتان هوٽل جي ڀرواري روڊ تي هلندڙ گاڏيون نظر پئي آيون.


هن پڇيو I mean what did you see in it!?


اسلام جي ڪهڙي ڳالهه توکي متاثر ڪيو؟ گهٽ ۾گهٽ تو وٽان مون کي ان جواب جي اميد ته ڪونهي ته تون رڳو مسلم فيملي ۾ پيدا ٿيڻ جي ڪري مسلم آهين.“


ايترو حيران مان اڳ تڏهن ٿيو هوس جڏهن برطانيه ڄائي هن ميڊم مونسان پهرين ملاقات دوران سنڌي ۾ ڳالهايو هو. هن منهنجي سوال کان اڳ ئي وضاحت ڪئي هئي ته کيس مختلف ٻوليون سکڻ جو جنون هو…


”مگر سنڌي!!!؟؟“ جڏهن مون کانئس اچرج مان پڇيو هو ته هو کلي پئي هئي ۽ ٻڌايو هيائين ته هو سترهن سالن کان هڪ سنڌي فيملي جي پاڙيسري آهي.


هن منهنجي خاموشي ٽوڙڻ خاطر ورائي پڇيو You didn’t say anything !??


تو جهڙي پڙهيل ڳڙهيل شخص جي مذهب سان ايفيليئيشن ۽ اهو به اسلام !! جنهن ۾ تشدد، منافقت، عياشي کانسواءِ ٻيو ڇاهي!؟“ هن موضوع ۽ ملڪ جي مناسبت کي کاتي ۾ نه آڻيندي هميشه جيان بي باڪي جي مظاهرو ڪندي پڇيو.


”اسلام جو جهڙو تصور تو وٽ آهي هوبهو اهڙو تصور ۽ اهڙي راءِ اسان وٽ سياست ۽ جمهوريت جي باري ۾ آهي. جهڙي طرح هتي جي ماڻهن هن ملڪ جي سياست ۽ جمهوريت کي ڏسي پنهنجي محدود مشاهدي موجب هڪ نتيجو اخذ ڪري ورتو آهي اهڙي طرح تو به اسلام کي پڙهيو ئي ناهي ۽ تنهجي سامهون جيڪو محدود مشاهدو آس پاس جي ماحول يا موجود مسلمانن مهيا ڪيو تو ان کي ئي حتمي بڻائي هڪ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو… “ مون تمهيد ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ان دوران هن بيري کي ڪافي جا ٻه مگ آڻڻ لاءِ چيو.


”تون.! اهو ڪيئن ٿو چوين !!!“ هن ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو. ”هالانڪه تون چڱي طرح ڄاڻين ٿو ته منهنجي ٿيسز جو موضوع ئي مختلف مذهبن سان جڙيل هو.“


”مان ڪيئن ٿو وساري سگهان….. ان ٿيسز جي ٽائپنگ ۽ بائنڊنگ جو گهڻو تڻو ڪم مون ئي ته ڪيو هو. “ هن مسڪرائيندي منهنجي تائيد ڪئي ۽ مون جاري رکيو ”پر ان ۾ تو مذهبي رچوئلس تي فوڪس ڪيو هو. …عبادتن تي ڳالهايو هو. … خير !!! نماز جي باري ۾ ته توکي خبر آهي.. جيڪڏهن ڪو شخص آذان ٻڌي وضو ڪري ۽ نماز پڙهڻ بجاءِ واپس بيڊ تي وڃي سمهي پوي.. ته ان شخص جي باري ۾ تنهجو ڇا خيال آهي.!؟“ مون ڪافي جو مگ چپن تان هٽائيندي پڇيو.

هن وراڻيو That’s ridiculous..!!!


”جهڙي طرح نماز ادا نه ڪرڻ جي ڪري ان جو وضو ڪرڻ بيڪار ٿيو وڃي بلڪل ايئن ئي عبادتون ڪرڻ واري شخص جو ڪردار ٺيڪ نه ٿئي…. هن ۾ انسانيت نه اچي ته هن جون عبادتون فضول آهن. اسلام جو اصل نظريو ئي انسانيت آهي… محبت آهي…رواداري آهي… مسلمانن جي تاريخ ۾اهڙيون کوڙ ساريون شخصيتون موجود آهن جن کي دنيا سندن بهترين اخلاق ۽ عظيم ڪردار جي ڪري سڃاڻي ۽ ساراهي ٿي. اسلام جي تاريخ ۾ اهڙن انبياء، ولين، صديقين، صالحين، شهداء وغيره جون شخصيتون رول ماڊل جي حيثيت ۾ موجود آهن ۽ تو کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته اسان مسلمان ڏينهن ۾ پنج وقت نماز ادا ڪرڻ دوران تقريبن پنجاهه ڀيرا خدا کان انهن مسلمانن جي نقشي قدم تي هلڻ جي دعا گهرندا آهيون…“


هن ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو Oh. .really…!!!!!???

that’s interesting…


”هاڻي تون ئي ٻڌا جيڪڏهن تون خدا کان سڀاڻي لنڊن وڃڻ جي دعا گهرين ۽ پوءِ وڃي ڪمري ۾ سمهي پوين…!!! ته نتيجو ڇا نڪرندو…..؟ بلڪل اهڙي ئي بي وقوفي اسان ڪندا آهيون ته هر روز تقريبن پنجاهه ڀيرا جنهن رستي تي هلڻ جي دعا گهرندا آهيون ان رستي ڏانهن قدم وڌائڻ بجاءِ اسان ان جي بلڪل ابتڙ عمل اختيار ڪندا آهيون…“ هو ڪافي جي مگ کي ٻنهي هٿن سان جهلي مون کي غور سان ڏسندي ۽ ٻڌندي رهي، منهجي مقابلي ۾ گهٽ ڳالهائڻ جي باوجود به هن جي مگ ۾ ڪافي منهنجي مگ کان وڌيڪ هئي.. مون ڳالهه جاري رکي ” اسلام هڪ طرف معاشي، سياسي، معاشرتي وغيره سڀني پهلوئن کي سامهون رکي هڪ نظريو ڏنو آهي جن جو نتيجو فقط امن، ڀائيچارو، حسن معاشرت يا محبت ئي آهن ۽ ٻئي پاسي عبادتن کي مقرر ڪيو آهي جنهن جو مقصد بار بار ان اقرار ۽ وچن جي ياددهاني ڪرائڻ آهي جنهن جا اوهان مسلمان هئڻ جي ناتي سان پنهنجي خدا وٽ پابند آهيو.“


”مون کي اسلام جي باري ۾ هڪ نئين زاويي کان آگاه ڪرڻ لاءِ مهرباني“ هن پنهنجي جاءِ تان اٿندي چيو ”منهنجي ڪوشش هوندي ته مان ان اينگل کان اسلام جي باري ۾ وڌيڪ تحقيق ڪيان خاص طور تي انهن ڪردارن جي بايوگرافيز ته ضرور پڙهان جن جي نقشي قدم تي هلڻ جي هڪ مسلم ڏينهن ۾ پنجاه ڀيرا دعا ڪندو آهي.“


” يقينن ڪرڻ گهرجي… “مون چيو ”۽ ان جي شروعات اوهان کي حضرت محمد ﷺ کان ڪرڻ کپي.“

By Ayaz Ali Rind

اسلام


”سر! اسلام ڇا آهي!؟ منهنجو مطلب آهي ته اسان وٽ مختلف خيال آهن حنفي، مالڪي، شافعي، حنبلي ۽ وري شيعه، سني يا اڃا اڳتي اچو ته ديوبندي، بريلوي، اهلحديث وغيره قصو الائجي اڃا به اڳتي آهي مذهب ۾ ايترا مختلف خيال يا ايترا فرقا اسلام کان سواءِ شايد ئي ڪنهن ٻئي مذهب ۾ هجن!!؟؟ اسان ڪٿي بيٺا آهيون سر!! ۽ اسلام ڪٿي بيٺو آهي…اسلام ڇا آهي ؟ ان جي ڪهڙي آئيڊيالاجي آهي.!؟ اسان ڪيئن ڪنهن غير مسلم کي ڊفائن ڪيون ته اسلام ڇاهي؟ اسان ته خد منجهيل آهيون…وائڙا ٿي پيا آهيون …مون جهڙي عام مسلمان لاءِ ته اسلام کي سمجهڻ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي …! ان تي عمل ڪيئن ڪريان…! ڏاڍي مشڪل صورتحال بڻجي وئي آهي…“


جميل پروفيسر چشتي جي پهچڻ شرط ئي بيهي رهيو ۽ بنا بريڪ ڳالهائيندو رهيو نه ڪو فل اسٽاپ آيو ۽ نه ئي وري ڪا ڪاما….


”همممم…!!! ايترو وڏو سوال.!!؟؟؟؟“ پروفيسر کن پل لاءِ پوريون اکيون کوليندي جميل ڏانهن ڏٺو ۽ هڪ ٿڌو ۽ دگهو ساه ڀرڻ کان پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو. ”اسلام فقط بهترين اخلاق جو درس ڏيئي ٿو، حسن معاشرت سيکاري ٿو، عدل ۽ انصاف تي ٻڌل ۽ انسانيت جي اعلى قدرن تي مشتمل هڪ معاشرو… ۽ بس. اهو ئي هن جو مقصد آهي ۽ اها ئي هن جي آئيڊيالاجي آهي. “


ڪلاس ۾ ڪجھ گھڙين لاءِ خاموشي ڇانيل رهي ۽ پوءِ پروفيسر صاحب وري ڳالهائڻ شروع ڪيو ”قرآن شريف جي صورت ۾ جيڪا اسان وٽ ٿيوري آهي…نظريو آهي اهو ڪافي آهي دنيا ۾ انصاف ۽ عدل تي ٻڌل هڪ پرامن معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ. جتي انسانيت هجي، بهترين اخلاق هجن، حسن معاشرت هجي، قرب هجي، محبت ئي محبت هجي. ۽ ان جو عملي نمونو حضورﷺ جي زندگي جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي. پاڻﷺ جي پوري زندگي ڀري پئي آهي حسن معاشرت سان…بهترين اخلاق سان…انسانيت سان…محبتن سان. هن وٽ نفرت لاءِ ڪا جاءِ ڪانه هئي. هو رحمت اللعالمين آهن ۽ انهن جو اخلاق رڳو مسلمانن تائين محدود نه هيو، مسجد نبوي ۾ رڳو مسلمان پنهنجا مسئلا کڻي ڪونه ايندا هئا، اها پوڙهي عورت جيڪا پاڻﷺ تي گند اڇلائيندي هئي ان سان ڪهڙو معاملو رکيو هيائون يا طائف جي ماڻهن جو سلوڪ ۽ ان جي جواب ۾ پاڻﷺ ڪهڙو سبق سيکاريو اسان کي….وهشي جنهن حضرت همزه کي شهيد ڪيو يا هندان جنهن ان کي شهيد ڪرايو ان سان ڇا معاملو ٿيو… فتح مڪه جهڙو عظيم مثال ڇا ٿو سيکاري.!؟؟؟ اهڙا کوڙ مثال آهن.. حضورﷺ جن جي زندگي ڀري پئي آهي اهڙن مثالن سان.

اسلام ۾ عبادتن جو اصل مقصد به فقط سٺي ڪردار کي پيدا ڪرڻ ئي آهي. نماز ڇاهي.!؟ جن


ماڻهن تي الله سائين پنهنجو نعمتون نازل ڪيون انهن جهڙو عمل ڪرڻ جي توفيق گهرون ٿا ۽ جن تي غضب ٿيو اهڙن ماڻهن جهڙا ڪم ڪرڻ کان بچڻ لاءِ دعا گهرون ٿا يا نه…!؟ ۽ پوءِ جيڪي قرآن پاڪ مان صورتون يا آيتون تلاوت ڪريون ٿا تن ۾ ڇاهي…ته زندگي ڪيئن گزارجي، پاڙيسرين سان ڪهڙو سلوڪ ڪجي، ماءُ پيءُ سان رويو ڪهڙو رکجي، غريبن سان ڪيئن هلجي وغيره يا وري ماضي جي اهڙن قصن جو مثال جنهن مان سبق ملي ٿو ته ڪيئن اسان ڌرتي تي فساد ڦهلائيندڙن وانگر ٿيڻ بجاءِ امن قائم ڪريون ۽ پاڻ ۾ انسانيت پيدا ڪريون….ڪيئن اسان جا اخلاق بلند ٿين …ڪيئن هڪ پرامن ۽ محبت ڀريو معاشرو قائم ٿئي .


ڏينهن ۾ پنج ڀيرا ۽ هر ڀيري الائجي ڪيترا دفعا اسان اهو ورجائڻ ۾ ئي ته مشغول هوندا آهيون يا نه..!؟ ۽ سال ۾ هڪ ڀيرو تراويح ڇا جي لاءِ پڙهبي آهي؟ ته جيئن وري هڪ دفعو اهي ڳالهيون جيڪي رهجي ويون هجن دهرائجي وڃن وري انهن حڪمن ۽ نصيحتن کي ورجائجي. اها الڳ ڳالهه آهي ته اسان عبادتن کي رڳو رسمن ۽ رواجن وارو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي هڪ فارملٽي سمجهي ورتو آهي ۽ بس.! پر ان ۾ اسان جو ڪهڙو قصور اسان عام مسلمانن کي ته ڇا هتي ته اڪثر پيش امامن ۽ حافظن کي عربي ڪونه ٿي اچي، اسان کي خبر ئي نه پوندي آهي ته ڇا پيو پڙهجي ڇا پيو ورجائجي….۽ جڏهن سمجھ ۾ ئي ڪونه آيو ته پوءِ عمل وري ڪٿان ٿيندو.!؟؟


ان کان علاوه نمازن جو باجمائت پڙهڻ ڇو ضروري آهي، جمع نماز ته ڪنهن عام مسجد ۾ به نه بلڪه جامع مسجد ۾… پوءِ سال ۾ هڪ ڀيرو حج جو هڪ وڏو اجتماع ڇاجي لاءِ آهي.!؟؟ الله سائين گهرن ۾ ڪونهي… اسان جي شهرن ۾، اسان جي ملڪن ڪونهي ؟ پوءِ ان سان ملڻ لاءِ ايترو پري وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي وقت سيڙهائي، خرچ ڪري… ڇو !؟؟ ڇا لاءِ..!!؟؟


صرف ۽ صرف ماڻهن جو ميل جول قائم رکڻ لاءِ ، هڪ ٻئي سان حال اورڻ لاءِ، ڏک سک ونڊڻ لاءِ، هڪ ٻئي جي مدد جو موقعو پيدا ڪرڻ لاءِ، محبتون وڌائڻ لاءِ انهن کي قائم رکڻ لاءِ…..


پر اسان لاءِ عبادتون هڪ فارملٽي آهن، فرض آهن ان ڪري مجبوري ٿي پيون آهن باقي اسان جا ماڻهن سان معاملات الڳ شي ٿي پيا آهن اسان جا رويا اسان جا اخلاق اسان جا ڪاروبار اسان جا تعلقات الڳ شي آهن الڳ حيثيت ۾ آهن ۽ عبادتون الڳ آهن..!!


صحابه جڏهن تبليغ خاطر ٻين علائقن ۾ ويندا هئا ته ڇا پنهنجي ڏيڍ انچ جي الڳ مسجد جوڙي ويهي رهندا هئا..!؟؟ غير مسلمن سان نه ملندا هئا نه کائيندا پيئندا هئا.!؟ ۽ ڇا رڳو در کڙڪائي انهن کي اسلام جي دعوت ڏيندا هئا ۽ هو چوندا هئا بسم الله پڙهايو ڪلمو..!!!!؟؟


نه ايئن ناهي،!!! هو رهندا هئا انهن سان…. انهن سان معاملات ڪندا هئا، ڪاروبار ڪندا هئا، ايندا ويندا هئا، کائيندا پيئندا هئا ۽ انهي ئي ميل جول ۽ رهڻي ڪهڻي دوران اسلامي تعليم موجب سندن اعلى ڪردار، بهترين اخلاق سان کين متاثر ڪندا هئا ۽ هو اسلام قبول ڪندا هئا. ان ڪري ئي ته الله جا ولي نماز پڙهڻ بجاءِ نماز قائم ڪرڻ تي زور ڏيندا آهن ۽ قرآن پاڪ ۾ پڻ نماز قائم ڪرڻ جو حڪم آهي…“


”نماز ڪيئن قائم ڪجي..!! ڇا نماز پڙهڻ ۽ قائم ڪرڻ ۾ فرق آهي سر …!!؟“ نائيله پڇيو.


”ها بلڪل فرق آهي … اسان مان اڪثر ته نماز پڙهڻ جو حق ادا ڪرڻ تي به نه سوچيندا آهن… نماز قائم ڪرڻ جو معاملو ته بعد جو آهي… نماز ڇا آهي ؟؟؟ مومنن جو معراج آهي يا نه.!؟ نماز ايئن پڙهجي جو اوهان جو رب اوهان جي سامهون هجي، اوهان کي نظر اچي…ايئن آهي يا ڪونهي. اهو آهي نماز جو پڙهڻ ۽ جڏهن هر ساعت، هر گهڙي، اٿندي ويهندي، هر معاملي ۾،هر ساه ۾ اوهان جو رب اوهان سان گڏ هجي…. جو دم غافل سو دم ڪافر ٿي پئي ته نماز قائم ٿي پوندي آهي. الله جا دوست الله جا ولي ان جو گر ڄاڻن ٿا نمازن ۾ معراج به ڪرائين ٿا ۽ نماز قائم ڪرڻ جو گر به ڏين ٿا. انهن سان تعلق قائم ڪجي ته نماز قائم ٿي ويندي آهي.

ڪامل


”اڄ توهان ڪجهه پڇو ؟“ پروفيسر چيو ”سوالات جيڪي توهان جي ذهنن ۾ هجن.. ڪجهه به !!!؟“


”سر الله ڏور به آهي ۽ ويجهو به… هو ظاهر به آهي ۽ لڪل به.!!! اهو ڪيئن آهي ٻه مختلف ۽ متضاد صورتون هڪ ئي هستي جون ڪيئن ممڪن ٿي سگهن ٿيون.؟“ جميل پڇيو


”اهو ايئن آهي ته منهنجي اکين ۾ لڙڪ آهن ۽ تو سمجهيو مان ڏکي آهيان… تڪليف ۾ آهيان… هالانڪه اهو به ممڪن آهي ته مان خوش هجان. اهي ڳوڙها جيڪي تو ڏٺا خوشي جا هجن…! پر مان تڪليف ۾ آهيان اهو تنهنجي سوچ جو انداز آهي. لڙڪ ته لڙڪ ئي هوندا آهن پر ان ۾ خوشي به ٿي سگهي ٿي ۽ ڏک به! حالانڪه ٻئي متضاد ڪيفيتون آهن.


يا وري هڪ ٻيو مثال آهي ڌرتي تي بيٺل شخص جي نظر ۾ چنڊ چمڪي ٿو روشن آهي پر ساڳي وقت چنڊ تي بيٺل انسان چوندو ته نه ايئن ناهي.. هو ان جو انڪاري آهي … هالانڪه ٻئي متضاد ڳالهيون آهن پر آهن ان هڪ ئي چنڊ جي باري ۾“


”ته پوءِ سر! اسان کي جيڪو خدا فقط ڏور ۽ لڪل محسوس ٿيندو آهي ڇا ممڪن آهي ته اسان به کيس ويجهو ۽ ظاهر ڏسون!!؟؟؟“ شڪيل پڇيو


”يقيناً ! دراصل اسان پاڻ ئي خدا کي پاڻ کان پري رکيو آهي جڏهن ته هن پاڻ ته اهو چيو آهي ته…. مان توهان کي توهان جي شه رڳ کان به وڌيڪ ويجهو آهيان..


ڏسو!!! الله جا جيڪي ولي هوندا آهن اهي ڪير آهن!!؟؟؟ ولي ڪنهن کي چوندا آهن !؟ ولي جي معنى آهي دوست… ۽ دوست ته بي تڪلف هوندا آهن..! ڇا خيال آهي؟؟؟؟


رومي جو چوڻ آهي ته


خاصان خدا، خدا نه هوندا آهن مگر ان کان جدا به نه هوندا آهن…“


”مگر سر ! اولياء الله ته تمام وڏيون هستيون هونديون آهن!!! اسان ته پنهنجي ڳالهه ٿا ڪريون…اسان ته وڏا گهنگار آهيون..!!!“ اسحاق چيو


”ها پر الله تبارڪ و تعالى اهو به ته چيو آهي ته جيڪر توهان ايترا گناه ڪريو جو زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ موجود خلا ڀرجي به وڃي تڏهن به رڳو هڪ دفعو سچي دل سان توبنهه ڪريو ته سڀ گناه معاف…!!! ۽ هڪ وڏي عالم جو چوڻ آهي ته جيڪر حضرت آدم کان وٺي دنيا جي آخري انسان تائين سڀني کي هڪ ئي وقت ۾ گڏ ڪيو وڃي ۽ سڀني کي دنيا جي تخليق ٿيڻ کان وٺي قيامت تائين جو وقت ڏنو وڃي ۽ اهي سڀئي ماڻهو مسلسل گناه ڪندا رهن تڏهن به ايترا گناه نه ٿي سگهندا جو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ موجود خلا ڀرجي سگهي. … هو ايترو رحيم آهي ….!!!


۽ هونئن به ولي الله ڇا ڪا ٻي مخلوق هوندا آهن!!؟


اهي به ته اسان وانگر انسان ئي هوندا آهن…


ها باقي ….. ائين ضرور آهي ته…..“ پروفيسر سوچيندي چيو


”جيئن ڪجهه شاگرد پيدائشي جينيس هوندا آهن، ڪي ٿورڙي محنت سان امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪري وٺندا آهن ۽ ڪن کي پوزيشن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي محنت..وڏا جتن ڪرڻا پوندا آهن…


ڏسو !! ڪنهن به منزل جي حصول لاءِ بنيادي طور تي ٻن شين جي ضرورت هوندي آهي ..


هڪ مقصد ۽ ٻيو ان کي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت…


مقصد هجي ۽ صلاحيت نه هجي يا وري صلاحيت ته هجي پر مقصد نه هجي ٻنهي صورتن ۾ منزل تي پهچڻ ممڪن ڪونهي…


پر اهو به ياد رکو ته مقصد هجي ته صلاحيتن کي وڌائي به سگهجي ٿو


مثال طور اوهان ڊاڪٽر ٿيڻ چاهيو ٿا اوهان هڪ مقصد متعين ڪيو پر ان لاءِ توهان کي پاڻ ۾ اهي صلاحيتون پيدا ڪرڻيون پونديون جو اوهان هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي سگهو … ان لاءِ اوهان کي سالن تائين هر روز اسڪول ۽ ڪاليجن جا چڪر ڪاٽڻا پوندا انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪرڻي پوندي پوءِ ان لاءِ ڪڏهن رڳو گهر کان پري ته ڪڏهن شهر کان به پري رهڻو پوندو….


رومي هڪ هنڌ چيو آهي ته سئو ساله بي ريا عبادت کان وڌيڪ بهتر ڪنهن ولي الله سان هڪ گهڙي گذارڻ آهي…


بلڪه اوهان ته ان کي اڃا بهتر نموني سمجهي سگهو ٿا ته اوهان جيڪي ڪتاب اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهو ٿا اهي گهر ۾ ويهي به ته پڙهي سگهو ٿا…پر پوءِ به توهان کي سالن تائين اسڪولن ۽ ڪاليجن جا چڪر ٿا ڪاٽڻا پون…


ڇو ته صلاحيتن کي وڌائڻو آهي…..۽ ان ڊگهي پروسس مان گذري اوهان اهو ئي ته ڪريو ٿا،


ٺيڪ اهڙي ئي طريقي سان الله کي حاصل ڪرڻ لاءِ الله وارن جو ساٿ ضروري آهي، الله جي دوستن سان دوستي رکندئو ته الله به توهان جو دوست ٿي ويندو… دوست جو دوست به ته دوست ئي هوندو آهي يا نه!!؟؟؟


ڪوئي ڪامل ئي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ اسان جي مدد ڪري سگهي ٿو… ڪوئي ڪامل ئي اسان کي به ڪامل بڻائي سگهي ٿو…“


”سر! ڪامل ڪير هوندو آهي!!؟؟ ۽ ڪامل ٿيڻ کان پوءِ اسان جو ڪهڙو ڪم هوندو !!؟“ اسحاق پڇيو.


”ڪامل درياء جي پاڻي جيان هوندو آهي جيڪو پهاڙن جي وچان سمٽجي گذرندو آهي ۽ ميدانن ۾ پکڙجي آس پاس جي اڃايل زمينن جي اڃ اجهائي کين سر سبز ۽ شاداب بڻائيندو وڃي لامحدود سمنڊ سان ملندو آهي ۽ هميشه لاءِ هن سان هڪ ٿي پوندو آهي.“

 

خدا جو تصور


”اسڪولن ۾ جڏهن استاد ڪلاس ۾ داخل ٿيندو آهي ته شاگرد اٿي ڇو بيهندا آهن؟“ پروفيسر چشتي


”احترام ۾ سر! استاد جي ادب ۾.“ اسحاق وراڻيو


”۽ اوهان جي باري ۾ڇا خيال آهي؟ اوهان کي استادن جو ادب ڪونهي!؟ ڪاليج ۾ اچڻ کان پوءِ ڇا احترام ختم ٿي ويندو آهي.!!؟؟“


”نه سر! ڪاليج جو شاگرد ٻار ته ڪونهي..!!“ اسحاق جي جملن ۾ ڄڻ روانگي نه رهي هئي


”منهنجو مطلب آهي سر! ته ….“


”تنهنجو مطلب آهي ته وڏي ٿيڻ کان پوءِ استادن جو احترام نه ڪرڻ گهرجي.!!؟“ پروفيسر طنزيه مسڪراهٽ سان ڀريل لهجي ۾ پڇيو.


”نه سر! منهنجو اهو مطلب هرگز ناهي!“ اسحاق ڊفينسو پوزيشن اختيار ڪندي چيو


”هن جو مطلب آهي ته ڪاليج جي شاگردن جو استادن سان دوستي وارو رشتو هئڻ گهرجي سر! ننڍپڻ واري ڳالهه ٻي هوندي آهي، استادن جو احترام ته هميشه رهڻ گهرجي پر هاڻي اسان کي استاد جو خوف نه هجڻ گهرجي ۽ دوستانه….“

“here you are.!”


پروفيسر ڄڻ تاڪ ۾ ويٺل هو ته ڪنهن جي واتان خوف واري ڳالهه نڪري ته هو حملو ڪري وجهي ”خوف!….خوف ئي ته اصل مسئلو آهي… جنهن تي مون کي اعتراض آهي. منهنجي خيال ۾ خوف اسڪول واري دور ۾ به نه هئڻ گهرجي، جيئن اڄ ڪلهه ڪجهه پرائيويٽ اسڪولن ۾ اهڙو ماحول ڏسڻ ۾ به ايندو آهي. فرينڊلي ماحول ۾ انسان وڌيڪ سمجهي سگهندو آهي هڪ ٻئي کي.


چڱو ڀلا اهو ٻڌايو ته هلندي ڪچهري ۾ جڏهن ڪو شخص الله سائين جي ڳالهه شروع ڪري ڏيندو آهي، آيتن جا حوالا ڏيڻ لڳندو آهي ته خاموشي ڇو ڇانئجي ويندي آهي ؟ اتي موجود ٻيا ماڻهو پنهنجا ذاتي رايا يا خدشا ڇو نه بحث ۾ شامل ڪرڻ لڳندا آهن، انسان ايترو هوشيارباش ڇو بڻجي ويهي رهندو آهي، بت ڇو بڻجي پوندو آهي… فقط هن جي ذڪر سان ئي ايترو خوف ڇو طاري ٿي پوندو آهي..؟ ۽ جي هو اچانڪ سامهون اچي وڃي ته پوءِ ..!؟


پوءِ ڇا ٿيندو؟


ڪهڙي حالت هوندي اسان جي..! اسان جو ته هنياءُ ئي ڦاٽي پوندو…!! هارٽ اٽيڪ ٿي پوندو!!! اسان ته ڪڇي به نه سگهنداسين ۽ مري پونداسين…“


پروفيسر جو آواز خاموشي جي عالم ۾ ڪنهن الهامي سدا وانگر گونجندو رهيو ۽ دلين ۾ لهندو پئي ويو. هن ڳالهائڻ جاري رکيو


”ڇا اهو به احترام آهي ؟ ادب آهي؟؟


نه! هرگز نه….


خوف!!!


فقط خوف آهي… ڀلا جي اوهان ڪنهن ريسٽورانٽ ۾، ڪنهن گهٽي ۾ يا پنهنجي گهر ۾ئي دوستن سان ڪچهري ۾ مشغول هجو ۽ اچانڪ اتي والد صاحب اچي وڃي ته ڇا ري ايڪشن هوندو!؟؟ ڇانئجي ويندي نه اتي به خاموشي …!! ٿي ويندئو نه هوشيارباش…! ڇا ان جو سبب به احترام ئي آهي ..!!؟


ڀلا جي والد صاحب جي جاءِ تي جيڪڏهن ماءُ يا ڀاءَ يا وري ڪو ٻيو دوست اچي وڃي ته ري ايڪشن ۾ فرق هوندو يا نه..!!؟


ڇا ماءُ لاءِ، ڀاءَ لاءِ يا دوستن لاءِ احترام ڪونهي ..!؟“

هو ڳالهائيندو رهيو ۽ سڀئي کيس غور سان ٻڌندا رهيا، هو پاڻ ئي سوال ڪندو ۽ پاڻ ئي جواب


ڏيندو رهيو.


”دراصل اسان وٽ انسانن جي ترغيب ۽ تبليغ جو صدين پراڻو اهو ئي روايتي طريقو آهي ته اسان ماڻهن جي دلين ۾ خدا جو خوف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، دوزخ جي ذڪر سان ۽ خدا جي عذابن جي دهشت ۾ مبتلا ڪري اسان ماڻهن کي الله طرف سڏيندا آهيون کين عبادتن لاءِ مجبور ڪندا آهيون…“


”مگر سر … قرآن پاڪ ۾ به ته اهڙي قسم جو ئي ذڪر اچي ٿو ته پيغمبرن ۽ نبين کي ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو ويو آهي، الله جو خوف پيدا ڪندڙ بڻائي موڪليو ويو آهي. “ جميل پروفيسر صاحب جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.


”ماءُ به ته ڊيڄاريندي آهي پنهنجي ٻارن کي!


ڪڏهن پنهنجي مار جو خوف ڏياريندي آهي ته ڪڏهن پيءُ جي مار جو خوف، ڪڏهن ڊاڪٽر جي سئي ۽ ڪڏهن ڪنهن جانور جو خوف!!! پر اهو وقتي طور تي هوندو آهي … ٻار جي اصلاح خاطر فقط چند گھڙين لاءِ .!


هر گهڙي نه!!


بار بار نه!!!


سڄو ڏينهن نه!!!


هر روز نه!!!


باقي سموري وقتن ۾ ته هن جي شفقت جو هن جي محبت جو پهلو حاوي رهندو آهي يا نه!!!؟؟


باقي هر ويلهي هو پئي نڇاور ٿيندي آهي، مٿس گهور پئي ويندي آهي، آٿتون پئي ڏيندي آهي، وارن تي هٿ پئي ڦيريندي آهي، پيار پئي ڪندي آهي…


۽ خدا!!!


خدا کي ته ستر هزار مائرن جي ممتا کان به وڌيڪ محبت آهي انسان سان…! ان جو تصور ڇو ناهي اسان جي ذهنن ۾ اسان جي ذهنن ۾ خدا جو جيڪوخاڪو فيڊ ڪيو ويو آهي ان ۾ هن جو اهو پهلو جيڪو حاوي هجڻ گهرجي نه هجڻ جي برابر آهي….ڇو..!!؟؟


توهان سوچيو جيڪڏهن ماءُ جو رويو ٻار سان هميشه خوف ڏياريندڙ شخص وارو ئي رهي، هر وقت هر گهڙي هو ٻار کي ڊيڄاريندي رهي، اٿندي، ويهندي، کائيندي، پيئندي هو ٻار کي ڪڏهن پاڻ کان ڪڏهن پيءُ کان، ڊاڪٽر کان جنن کان يا جانورن کان ئي ڊيڄاريندي رهي ته ڇا ٿيندو!؟؟؟


ٻار جي دل ۾ هن جي لاءِ عزت ۽ احترام وڌندو يا گهٽبو!!؟؟؟


ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ فاصلا وڌندا يا گهٽبا.!!!؟؟؟


اهڙي صورت ۾ ٻار يا ته ذهني پريض بڻجي پوندو يا وري بغاوت ڪندو … فرار حاصل ڪندو …!!! بلڪل ايئن ئي انسانن جي ذهنن ۾ جيڪو خدا جو خوف پيدا ڪيو ويو آهي جهڙو خوفناڪ خاڪو ٺاهيو ويو آهي ان اهڙي قسم جو ري ايڪشن ئي ته پيدا ڪيو آهي…. ماڻهو يا ته خوف ۾ مبتلا ٿي بي دلي سان عبادتون ڪندي نظر ايندا آهن يا وري اسلام کان باغي ملندا آهن.“


”پوءِ ان جو حل ڇاهي سر! “ صفدر پڇيو


”حل اهو آهي ته خدا سان دوستي ڪجي..!


ان جي نالي کان خوف کائي خاموشي اختيار ڪرڻ يا هوشيار باش ٿي وڃڻ بجاءِ هن سان ڪچهريون ڪجن،


محفلون چائجن هن سان…


۽ پنهنجا مسئلا، پنهنجا خيالات شيئر ڪجن،


شڪرگزار ضرور رهڻ گهرجي مگر خوف ۾ هرگز مبتلا رهڻ نه گهرجي…


خوف جي پهلو کي حاوي نه رکجي بلڪه محبت جي پهلو کي حاوي رکجي، دوستي واري پهلو کي حاوي رکجي، دوستن سان ملڻ ۾ خوشي ملندي آهي. جنهن کان خوف هجي ان وٽ هميشه بيدلي سان ئي وڃبو آهي ان سان يا ته ملبو ئي ڪو نه ۽ پيو نٽائبو يا وري ملبو ته ڀڄڻ جو وجهه وٺبو، کسڪڻ جي ڪبي… جيئن اڪثر اسان جي حالت نمازن ۾ هوندي آهي.

 

ڪلاس روم

ڪلاس ۾ نارمل ماحول هو جيئن ڪنهن ليڪچر جي اختتام تي ليڪچرار جي ڪلاس روم ڇڏڻ کان پوءِ اڪثر هوندو آهي. سڀ کان اڳيان ويٺل پڙهاڪو شاگرد ليڪچر مطعلق بحث مباحثي ۾ لڳي ويا، ڪن رازداري ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڪن هڪ ٻئي تي جملا ڪسڻ شروع ڪري ڏنا، ڪجهه شاگردياڻين ميڪ اپ ٺيڪ ڪرڻ ۾ مصروفيت اختيار ڪئي ته ڪي هڪ ٻئي سان تلسي ۽ ٽيسٽي شيئر ڪرڻ لڳيون. مگر منهنجون نگاهون بار بار ۽ بي اختيار دري کان ٻاهر کڄي ٿي ويون. مون کان علاوه به ڪجهه شاگردن جون نگاهون پروفيسر چشتي جون منتظر هيون. هو شايد هن ڪاليج جو واحد پڙهائيندڙ آهي جنهن جا ليڪچر پوري ڪاليج ۾ وڏي چاه سان ٻڌا وڃن ٿا. شايد ئي ڪو شاگرد هجي هن ڪاليج جو اهڙو جيڪو کانئس متاثر نه هجي.هونئن ته پروفيسر فزڪس جو استاد آهي پر پنهنجي هر ليڪچر جي شروعات ۾ هو ڪنهن موضوغ تي ڳالهائيندو آهي ۽ هن جي عام فهم تجزين ۽ آسان ۽ ٺهڪندڙ دليلن تي مشتمل ڳالهين جو موضوع هميشه حقيقت جي رازن ۽ رمزن جي ارد گرد گهمندو رهندو آهي.

هو ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ سندس نوراني چهري تي هميشه جيان پاڪيزگي ۽ مسڪراهٽ عيان ٿي وئي.

”اڄ پاڻ ليڪچر شروع ڪرڻ کان اڳ آبي چڪر يعني”دي واٽر سائيڪل“ تي ڳالهائينداسين.  “ هن پن ڊراپ سائيلينس کي ٽوڙيندي ڳالهائڻ شروع ڪيو.

”ان جو صوفي ازم سان ڪهڙو تعلق سر !“ نائيله پڇيو

”ته تون مون کي صوفي سمجهندي آهين ڇا…!!!؟“ پروفيسر طنز ۽ مزاح سان ڀريل انداز ۾ چيو ۽ ڪلاس ۾ ٽهڪن جو مختصر آواز گونجيو ۽ خاموشي ۾ گم ٿي ويو. هو اڪثر ايئن ئي شروع ڪندو آهي لڳندو آهي ته اڄ شايد پروفيسر صاحب حقيقت کي ڇڏي سائنس، سياست، معاشرت يا معيشت وغيره سان تعلق رکندڙ ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندو پر سندس ڳالهيون آخر تائين هر لحاظ کان حقيقت سان سڌي ريت وابسته رهن ٿيون.

”انسان !……… انسانيت……….ها ! انسانيت کي، سچائي کي، حقيقت کي… جيڪڏهن صوفي ازم چئجي ته به ٺيڪ آهي.“ هن فڪريه لهجي سان وراڻيو ”هن ڪائنات جو وجود……..هن سسٽم جو تسلسل فقط انسان کي ”فيسيليٽيٽ“ ڪرڻ لاءِ ئي ته آهي ۽ انهي انسان جي وجود ۾ اچڻ ۽ هن جي پيدائش جي اصل وجه ۽ ذميوارين جو تعين ڪرڻ جي غرض سان مختلف مذهبن، فلسفن، نظرين، معاشرن يا حالتن مختلف انڪشاف يا رايا منظرعام تي آندا آهن.“ هو شاگردن کي ٻن حصن ۾ ورهائيندڙ ڏاڪن واري لنگهه تي هلندي ۽ ٻنهي پاسي توجه ڏيندي ڳالهائيندو رهيو.

 ”بحرحال !!  اسان آبي چڪر بابت پئي ڳالهايو..! ته ڪير ٻڌائيندو ته ان چڪر ۾ پاڻي جي شروعات ڪيئن ٿي ٿئي!؟؟“ پروفيسر صاحب پڇيو.

”سر ! پاڻي سمنڊ مان ٻاڦ يا اٻ ذريعي پنهنجو الڳ وجود ٺاهي ٿو“ افتخار اٿي بيهي چيو.

“You mean ! Evaporation, Evapotranspiration or Sublimation…..isn’t it.?”

”ييس سر!“

”سر مگر اها پاڻي جي شروعات ڪيئن ٿي!؟ پاڻي جو وجود ته سمنڊ ۾اڳ ئي موجود آهي..!!!!“ اسحاق پڇيو.

”مون کي اوهان سان اختلاف ناهي پر افتخار به غلط ناهي …“ پروفيسر مسڪرائيندي وراڻيو، ڄڻ کيس ان سوال ٿيڻ جي اڳ ۾ ئي اميد هئي. هو اڪثر ايئن ئي ذهنن ۾ اڀرندڙ سوالن ۽ دلين ۾ پيدا ٿيندڙ خيالن کي ڪنهن آفاقي طاقت يا جادو جي مدد سان پڙهي وٺندو آهي، محسوس ڪري وٺندو آهي.

”ازل ۽ ابد واري راز کي سمجهڻ ۾ شايد اوهان جواهو سوال اسان سڀني جي ڪائي مدد ڪري. في الحال اسان انهي کي ئي پاڻي جي پيدائش وارو مرحلو سمجهي اڳتي ٿا وڌون…..پيدائش کان پوءِ معصوم بچپن جو…. صاف شفاف دلين ۽ نئين نڪور ذهنن جو دور ايندو آهي… ڇا خيال آهي؟؟؟ ڪير ٻڌائيندو ان باري ۾..!؟“ هن ڪلاس جي بلڪل سامهون بيهندي پڇيو.

”پاڻي جي فضا ۾ موجودگي سر! “ اسحاق وراڻيو

”صحيح! بلڪل ٺيڪ….پاڻي جو بچپن نرم ۽ نازڪ، ڪومل ۽صاف جهڙو اندر تهڙو ٻاهر….بادلن جي صورت ۾ ٿئي ٿو. ۽ جواني…؟؟؟ جڏهن بادل ڪجهه وقت کان پوءِ گهاٽا ۽ ڀريل ٿي پوندا آهن ۽ ڪنهن اڻ ڄاتل ماڳ ڏانهن هلي پوندا آهن ته اها ئي دراصل پاڻي جي جواني هوندي آهي جنهن سان گڏ ئي عملي زندگي جي شروعات…. جيڪا ڏاڍي ٿڪائيندڙ ۽ ٽف هوندي آهي…بادل واهن ۽ وسندين، پهاڙين ۽ گهاٽين توڙي رڻ پٽ تي سفر ڪري ڪڏهن برف بڻجي پهاڙن تي پهچي ٿو ۽ چشمن جي صورت ۾ پٿرن سان ٽڪرائيندو پهاڙن مان رستا ٺاهيندو سفر جاري رکي ٿو ته ڪڏهن وري وسڪاري جي شڪل ۾ زمينن کي زرخيز بڻائي ريگستانن کي سونهن ۽ ساوڪ ۾ تبديل ڪندو لهوارن پٽن يا واهن ذريعي دريائن جي وهڪرن ۾سفر ڪري ٿو يا وري زمين جي تهن ۾ سفر ڪرڻ لڳي ٿو جنهن کي پاڻ ”انفلٽريشن“ چوندا آهيون…“ هن پاڻ ئي پنهنجي سوال جو جواب ڏيڻ مناسب سمجهيو، هو ڪلاس جي سامهون واري حصي ۾ پيل ٽيبل سان ٽيڪ لڳائي بيٺو رهيو ۽ ڳالهائيندو رهيو”پاڻي جو اهو سمورو سفر زندگي آهي….هڪ مڪمل زندگي.! ۽ هر انسان جيان هر بادل جي پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي هوندي آهي، هو ڪهڙن ڪهڙن علائقن کان ٿيندو ڪهڙن ڪهڙن مرحلن منجهان گذرندو رهيو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن پنهنجو دڳ وڃائيندو ۽ ڳوليندو رهيو آهي ۽ پوءِ ڪيئن آخر سندس رخ وري منزل طرف ٿيو، راه راست تي آيو ۽ هو پنهنجي اصل، پنهنجي اول، پنهنجي آخر، وسيع ۽ لامحدود سمنڊ سان وڃي گڏيو، هڪ ٿي پيو. جتان شروعات ٿي هيس اتي ئي آخر ٿيس. اهو سندس وصل آهي ۽ اها ئي بقا آهي. “

By Ayaz Ali Rind

موسم

برٽرنڊرسل جو چوڻ آهي ته ”ماڻهو اظهارِمحبت ۾ يا ته ان خوف کان ڪيٻائيندا آهن ته جيئن کين ان ئي شخص کان تڪليف نه پهچي جنهن سان هو پيار ڪن ٿا يا وري دنيا جي ملامت جو نشانو نه بڻجي وڃن. اخلاق ۽ دنياداري جي نالي تي احتياط جي صلاح ڏني وڃي ٿي. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته محبت جي معاملي ۾ فياضي ۽ جرت کي مسخ ڪيو ٿو وڃي جنهن سان اندر ۾ بزدلي ۽ دنيا خلاف نفرت پيدا ٿيو پوي. کوڙ سارا ماڻهو سڄي ڄمار انهي بنيادي ضرورت لاءِ سڪندا رهن ٿا.“ ڌاريي چيو.

 

”تِنهن جي معنى ته جنهن سان تو لائون لٿيون اها تنهجي محبت ناهي“ مون پڇيو ”ڇا نڪاح ۾ توکان پڇيو نه ويو هو ؟ ڇا تو کيس نڪاح ۾ قبول نه ڪيو هو؟“

”مون هميشه هر مصيبت کي چئلينج سمجهي قبول ڪيو آهي.“ هن ڳالهه کي مزاق ۾ ٽاريندي چيو.

 

”۽ تنهنجي ڇا اسٽوري آهي ؟؟؟“ مون جميل کان پڇيو.

 

”مان اڃا ويٽنگ لسٽ ۾ آهيان…“ هن وراڻيو ”مون کي ضرورت آهي هڪ اهڙي شفيق ۽ مخلص عورت جي جيڪا سموري ڪائنات ۾ سڀ کان وڌ مون کي چاهي. هو صبح جو مون کي آفيس وڃڻ لاءِ الوداع چوي ته منهنجي فڪر سندس اکڙين ۾ نمي پيدا ڪري ڇڏي. جيڪا سڄو ڏينهن منهنجي واپسي جي منتظر رهي ۽ منهنجي واپسي سندس چهري تي خوشي وچان بي اختيار معصوم مسڪراهٽن جا گل وکيري وجهي. اهڙي عورت جيڪا منهنجي معمولي تڪليف سبب به سمهي نه سگهي ۽ منهنجي معمولي ڪاميابي کي به هو پنهنجي وڏي ۾ وڏي خوشي جيان سيليبريٽ ڪري. هو مون کي ايترو چاهي جو تڪليفن ۾ فقط کيس سوچڻ سان ئي مان سڪون محسوس ڪيان ۽ سندس محبت جو احساس ست سمنڊ پار تائين به منهنجي لاءِ تسڪين جو باعث بڻجي. ڪا محبت جي ديوي هجي يا چاهت جو مينار هجي جنهنجي بيپناهه محبت بي لوث هجي ۽ هو مخلص محبت جي زنده مثال لڳي…“

 

”تو کي محبوبه جي نه پر ممتا جي تلاش آهي“ ڌاريو جميل جي رومانوي موڊ کي تهس نهس ڪندي چوڻ لڳو ”تون چوين ته مائي خانل کي منٿ ڪجي ويچاري جي نويڪلائي جي ڪري مت ئي کسجي وئي آهي وتي سروٽن سان ٻار ڊوڙائيندي…“

 

”مان توکي زنده نه ڇڏيندس…!!!“ هن ڌاريي جي گريبان ۾ هٿ وجهندي چيو”وڏو بڇڙو ڪندو مانئين..!!“

 

”ڇڏيو يار ! ٻار آهيو ڇا !؟“ مون ٻنهي کي ڌڪيندي چيو. جميل بي اختيار صوفي تي وڃي ڪريو ۽ ڪاوڙ منجهان صوفي جي گدي کي نپوڙڻ لڳو. ڌاريي جون حرڪتون ڪڏهن ڪڏهن کيس آپي مان ڪڍي وجهنديون آهن. هو موقعو مهل ڏسي نه ڳالهائيندو آهي. جميل جو چوڻ آهي ته انهن حرڪتن جي ڪري ڌاريو سندس نظرن مان ائين ڪرندو ٿو وڃي جيئن ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپيو.

 

”پڙهيل لکيل آهيو يار ! “ مون چيو ” پڙهيل لکيل ماڻهن جيان بيحيو ڪيو… توهان ته…!“

”اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي“ ڌاريي چيو ”پڙهيل لکيل پاڻ وٽ بيروزگار ٿيندا آهن ۽ پيا ڌڪا ٿاٻا کائيندا آهن، پر اڻپڙهيل وزير ٿيندا آهن مشير يا مشيرن جا مشير ٿيندا آهن…“

 

”چـڱو چڱو !! هاڻ تون پنهنجو فلسفو جھاڙڻ بند ڪر!!!“ جميل کار کائيندي چيو ”اهو سوچيو ته رپورٽ به فائنل ڪرڻي آهي نه ته سڀاڻي بي موت مارجي وينداسين“

 

”ايترو جلدي ممڪن ناهي“ مون وراڻيو ”اڃا ڪجهه ڏينهن لڳندا“

 

”پر…!!! باس ته سڀاڻي جي ڊيڊ لائن ڏني آهي ۽ هي ڪا سياسي ڊيڊ لائن ناهي  وڏا …!! “ جميل چيو ”هتي روزي روٽي جو مسئلو آهي ۽ هتي فقط هڪ اصول آهي ته باس از آلويز رائيٽ….!!“

 

”تنهجو ڇا خيال آهي؟“ جميل ڌاريي ڏانهن تڪيندي پڇيو.

 

”منهنجي نظر ۾ هڪ نااهل شخص جيڪو پوري آفيس ۾ فقط پاڻ کي ئي اهل ۽ باقي سڀني کي نااهل سمجھي ان کي باس چوندا آهن“ ڌاريي جواب ڏنو.

 

”فلسفو نه حل ٻڌاءِ…اولاد ِ ارسطو…!!! “ جميل ڏند ڪرٽيندي چيو.

 

”حل سوچڻ لاءِ هي ماحول سازگار ناهي “ هن چيو ”ڪنهن کلي فضا ۾ ويهي ڪا رفريشمينٽ وغيره ڪجي موسم جو مزو وٺجي ۽ پيٽ ۾ ڪجهه پوي تڏهن وڃي ڪو دماغ ڪم ڪندو…“

 

”ڪجهه عرصي کان عجيب موسم ٿي پئي آهي “مون بالڪوني طرف وڌندي چيو ”ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته گرمي آهي يا سردي ؟ خشڪي آهي يا نمي ؟ کن پل لاءِ هوائون سرگوشي ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ اڳين ئي پل ۾ ٻوسٽ ماحول کي جڪڙيو وجهي.“

 

”اهڙي موسم ته گهڻي وقت کان ملڪي فضا تي ڇانيل آهي“ ڌاريي مون ڏانهن وڌندي چيو ”سمجهه کان ٻاهر آهي ته جمهوريت بحال ٿي چڪي آهي يا نه؟ سنڌ جي اڪثريتي پارٽي جي حڪومت جو اسٽينڊ سنڌڪاز جي حمايت ۾ آهي يا مخالفت ۾؟ بجلي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ منصوبن تي عمل جي ابتدا ٿي چڪي آهي يا اڃا منصوبا سوچڻ لاءِ پيو سوچجي؟ وقت جي هڪ ذهين ليڊر جي بي رحم قتل کان پوءِ اقتدار ماڻِيندڙ ان جي ئي پارٽي جو نظريو اڃا ساڳيو آهي يا نه؟ پنهنجي پارٽي جي مقتول ليڊر جو پلاند وٺڻ ۾ حڪمران سنجيده آهن به يا نه؟ يا ان قتل جو پلاند ٿي چڪو آهي يا وري اڃا ٿيڻو آهي؟ ڪجهه به ته سمجهه ۾ نٿو اچي…سڀ ڪجهه سمجهه کان ٻاهر ئي ته  آهي…!!ٰ“

By Ayaz Ali Rind

جبار جلفريزي

“چڱو هاڻي اٿ !!” مون سندس ڪلهي کي لوڏيندي چيو “اٿ ته جبار جلفريزي ڏي هلون…”

جبار جو نالو ٻڌي ڌاريي جي چهري تي مرڪ تري آئي “ها يار… ڪٿي آهي بيوٽي پارلر جبار جلفريزي…؟”

ڌاريو چوندو آهي ته شاعر محبوبائن لاءِ بيوٽي پارلر جو درجو رکن ٿا ان ڪري هو اسان واري شاعر دوست جبار کي به محبوبه جو بيوٽي پارلر ڪوٺيندو آهي.

“جبار جن ٿي پيو آهي ” مون وراڻيو “اڄ ڪلهه هفتن جا هفتا غائب رهڻ لڳو آهي”

“نه جبار پاڪستاني آهي… پڪو ٺڪو پاڪستاني، سندس غائب ٿيڻ ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي. جنن ۾ ڳجھا ادارا ايترا منظم، متحرڪ ۽ بااختيار ناهن جيترا اسان جي ملڪ ۾ آهن. ان ڪري غائب ٿيڻ وارو جنن جو رڪارڊ اسان پاڪستانين ٽوڙي وڌو آهي… خير!! هلڻو ڪٿي آهي؟؟؟ ” هن پڇيو.

“جبار پڪاسو هال ۾ لڳل تصويرن جي نمائش جا ٻه پاس اماڻيا آهن” مون وراڻيو.

ڌاريي کي تيار ٿيڻ ۾ گھڻي دير نه لڳي تيسيتائين مان اسٽور روم جو ڏيک ڏيندڙ سندس بيڊروم جي هڪ ڪنڊ وٽ ڪارنر ٽيبل تي رکيل اوڻويهه سئو اونده جي ٽيپ رڪارڊر کي هلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهيس.

“اچ ڊيئر..!!” ڌاريي ڪمري جون دريون بند ڪندي چيو.

مان ٻاهر نڪري آيس. ڌاريي سرن جي ٽيڪ هٽائي دروازو بند ڪيو ۽ آثار قديمه مان چورايل تالو هڻي پنهنجي انمول پراپرٽي کي سيڪيوئر ڪري ڇڏيو.

اسان هڪ موٽر سائيڪل نما سواري تي چڙهي پڪاسو هال پهتاسين. ڌاريي جي ان موٽر سائيڪل کي مان سيڪنڊ هينڊ اينڊ ڊرٽي وهيڪل چوندو آهيان. ۽ وٽس هر ڀيري اهو ئي جواب هوندو آهي ته ايوري ٿنگ ان دس ڪنٽري از سيڪنڊ هينڊ اينڊ ڊرٽي..! اِيوِن پاليٽيشنس آر سيڪنڊ هينڊ اينڊ پاليٽڪس از ڊرٽي….”

موٽر سائيڪل جو ڌماڪيدار آواز ٻڌي جبار هال مان ٻاهر نڪري آيو. سندس ڳچي ۾ هيڊي رنگ جو ڪارڊ لٽڪيل هو جنهن تي انتظاميه لکيل هو. هن دروازي تي اسان جو پرشور استقبال ڪيو ۽ اسان ٽنهي گڏجي نمائش هال جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هر تصوير ۽ ڇوڪري کي گھوريندا اڳتي نڪرندا وياسين.

“ڪيئن هيون پينٽنگس…!!!” جبار پڇيو

“ڪجھ سمجھ ۾ اچي ويون ۽ باقي خوبصورت هيون…” ڌاريي وراڻيو.

“ڇا مطلب..!!!” مون ۽ جبار هڪ ئي آواز ۾ حيرانگي وچان پڇيو.

“پينٽنگ به عورت جيان هوندي آهي” ڌاريي چيو “جيسيتائين سمجھ ۾ نه اچي خوبصورت لڳندي آهي.”

“تون ٻڌاءِ.؟” جبار مون ڏانهن ڏسندي پڇيو.

“مون کي ته سڀئي خوبصورت لڳيون…” منهنجي جواب تي هو ٻئي کلڻ لڳا.

“هو خاموشي جي علامت واري پينٽنگ…” ڌاريي هڪ پينٽنگ ڏانهن اشارو ڪندي چيو “منهنجي خيال ۾ بهترين آهي.”

“تو پنهنجي طبيعت جي بلڪل برخلاف پينٽنگ کي پسند ڪيو آهي” مون چيو.

“خاموشي جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کان بچيو وڃي.” ڌاريي ڪافي دير خاموش رهڻ کان پوءِ مفڪرانه انداز ۾ چيو.

“پر خاموشي مسئلن جو حل به ته ناهي..” جبار چيو.

“ته پوءِ مسئلن جو حل ڇا آهي؟” هن پڇيو.

“جدوجهد… ” مون چيو “مسلسل جدوجهد، اڻ ٿڪ محنت…”

“ڪنهن چيو ته محنت اڻٿڪ ٿيندي آهي” هن وڏي آواز ۾ چيو “محنت ٿڪائيندڙ ٿيندي آهي، محنت ماڻهو کي ٿڪائي ساڻو ڪري وجھندي آهي، مسلسل محنت ماڻهو کي وقت کان اڳ ماري وجھندي آهي…”

“موت منزل جي چوکٽ آهي… مسلسل محنت جو نتيجو منزل آهي… ” جبار وراڻيو

“موت ئي ته جنت جا دروازا کوليندي آهي” مون چيو “زندگي جي اڻانگن ۽ اذيتناڪ رستن کان ٿيندو موت جي گھاٽي مان گذري انسان جڏهن پلسراط پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ته جنت سندس مقدر بڻجي ويندي آهي.”

“پر اڄ ڪلهه ماڻهو جنت لاءِ نه مرندا آهن. اڄ ڪلهه ماڻهو قرضائين کان بچڻ لاءِ مرندا آهن، لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي جي آزار کان بچڻ لاءِ مرندا آهن…” هن جي لهجي ۾ جوش ۽ ڪاوڙ سان گڏ حقارت جو ڏنڀيندڙ احساس هو “منهنجو پاڙيسري هر روز پنهنجي بکايل ٻارن جي اٽي لاءِ منتظر نگاهن کان بچڻ لاءِ مرڻ چاهي ٿو.”

 

 

 

ٽي نومبر

رات جو پهريون پهر هو عارب جون اکيون آسمان ۾ اٽڪيل هيون. گگھ اونده ۾ چٽا ٿي بيٺل تارا به کيس دنڌلاهٽ ۾ منجهيل پئي نظر آيا. جنهن جو سبب فقط سندس وڏي عمر ۾ گھٽ ٿيل نظر نه هو. هن جي اکين ۾ تري آيل لڙڪ بارش کان پوءِ کڏن کٻن ۾ بيهي رهيل پاڻي جيان سانت اختيار ڪري چڪا هئا. اکين جي ڇيڙي کان وهي نڪتل لڙڪن جا خشڪ ٿيل پيرا آهستي آهستي گم ٿيندا پئي ويا. هو سوچن ۾ گم هو ۽ سندس جسم سن ڪيل مريض جيان کٽ تي بي حرڪت بت لڳو پيو هو.

ان کان اڳ عارب پاڻ کي ڪڏهن به ايترو بيوس ۽ ڪمزور محسوس نه ڪيو هو. هو ڪنهن جي به پرواه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي سوچ سمجھ موجب فيصلا ڪرڻ جي حوالي سان سڄي تر ۾ مشهور آهي اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ماڻهو کيس حسد جي نگاه سان ڏسندا آهن. سندس ارڏائي جي ڪري مٽن مائٽن به کانئس لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي، هن جي باغي خيالن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ ڪوبه عزيز، رشتيدار يا دوست تيار نه هو. پر هو اڪيلو هوندي به اڪيلو نه هو. هن جو ضمير، هن جو نظريو، بي باڪي ۽ سليم فطرت سندس يار به هئا ته هٿيار به. جن کيس ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو. هو هميشه بي ڌڙڪ سچ جي پرچار ڪندو رهيو. غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوندو رهيو. ڪو به ڏاڍو ڪو به ظالم کيس جھڪائي نه سگھيو. پر ڪيسيتائين …..!!!؟؟؟؟؟

اخر ڪيسيتائين هڪ اڪيلو شخص حق ۽ سچ جو علم کڻي هزارين مخالفن سان مسلسل وڙهي ٿي سگھيو. آخر ڪيسيتائين ڪو شخص بنا سهاري جي بنا همٿائڻ جي پنهنجي بي باڪي ۽ جرت کي مقدم رکي ٿي سگھيو. پٿر تي ڪرندڙ مسلسل پاڻي جي ڦڙن جيان، ڏاڍ ۽ ڏمر، ڪوڙ ۽ ڪروڌ جي ڪروڙين ڀالن سندس همٿ ۽ سگھ کي سوراخ ڪري وڌا هئا. هو ڪمزور ٿي چڪو هو ۽ هن جي اهڙي ڪيفيت جو اندازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن هن ڪجھ ڏينهن اڳ مون کي فون ڪري ڳوٺ گھرايو هو. مون پنهنجي زندگي ۾ ايتري بيوسي سان ڀريل آواز ۾ ڳالهائيندي عارب کي ڪڏهن به نه ٻڌو هو. مان ڏڪي ويو هوس، منهنجو خيال فورن سسئي ڏانهن ڇڪجي ويو هو جيڪا عارب جي شايد واحد ڪمزوري آهي. هن ستين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پنهنجي ڌيءُ سسئي کي ڊاڪٽرياڻي بنائڻ جو خواب ڏٺو هو ۽ اهو به ان علائقي ۾ جتي اڃا ڇوڪرن کي پڙهائڻ جو رواج به عام نه ٿيو هو. جتي عورتون فقط زمينن تي ڪم ڪري مردن کي ڏينهن جو هوٽلن ۽ رات جو ديسي ٺري لاءِ پئسه ڪمائي ڏيڻ جو ذريعو هيون. جتي غلامن جيان آقا جو هر حڪم مڃڻ کي پنهنجو فرض يا نصيب سمجھندڙ عورتون ڏيڍ لک عيوض ڪاري جي ڪوڙي الزام ۾ جان وڃائي ويهنديون هيون. اتي عارب جو سسئي کي ڊاڪٽرياڻي بنائڻ جو سوچڻ به بغاوت کان گھٽ ڏوه نه هو. پر سسئي کي ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ کان وڌيڪ ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق هو، هن به عارب جيان خواب ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا هيا. هو ڳوٺ جي هر ڇوڪري کي پڙهڻ لکڻ سيکارڻ جي خواهشمند هئي.

مان بنادير ڳوٺ پهتس ۽ عارب مون کي ڏسندي ئي لڙڪن کي اکين جي اوٽ ۾ رکي ڪونه سگھيو ۽ ڀيانڪ خواب مان جاڳي پيل ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان مون کي چنبڙي پيو هو. سندس جسم جي ڪنبڻي کي مون پنهنجي جسم ۾ لهندو محسوس ڪيو ۽ پوءِ اسان پهرن تائين سندس زمين جي ٽڪري ۾ ڪچي واٽر جي ڪپ تي لڳل سرينهن جي وڻن هيٺان ويٺا رهياسين جتي هن پنهنجي درد جي سڄي ڪٿا مون کي ٻڌائي. عارب جي ڀائٽيي جانو کي ڳوٺ جي ڪنهن عورت سان ڪارو قرار ڏنو ويو هو، عورت کي ته بنا دير ئي مائٽن ماري وڌو هو پر جانو کي پئسن جي لالچ ۾ ڀڄڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو هيائون. فيصلي ۾ آس پاس جي چڱن مڙسن ان موقعي کي غنيمت ڀائيندي سسئي جو سڱ چاليهه سالن جي مارجي ويل عورت عيوض سندس اٺيتاليهن سالن جي مڙس کي ڏيڻ جو حڪم سادر ڪري ڇڏيو.

جيتوڻيڪ عارب حال سارو وڏي ڪوشش ڪئي هئي پر جاگيردارن جي جاگير بڻيل سرڪاري ادارن تائين عارب جي فرياد جو رسڻ ممڪن نه هو. هو منجهي پيو هو. جڏهن کيس ڪو دڳ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ته مشوري لاءِ هن مون کي فون ڪئي، مون ٻئي ڏينهن ئي شهر ۾ موجود پنهنجن يارن دوستن جي مدد سان ان معاملي کي ميڊيا تي آندو ۽ لاڳاپيل سمورن سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن کي درخواستون پڻ موڪليون پر عارب سميت اسان سڀني کي ڪا خاص اميد نه هئي مان کيس آٿت ڏيڻ کانسواءِ ڪجھ به نه ٿي ڪري سگھيس. اميدون ٽٽڻ تي هيون ۽ حوصلا پست ٿيڻ تي هئا جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سوموٽو ايڪشن جي صورت ۾ اميد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنئي. فيصلي ۾ شامل سڀ چڱا مڙس لڪڻ ۾ پورا هئا ۽ عارب جي اکين ۾ سرهائي ۽ سوڀ جا عڪس اڀرڻ لڳا. هو ڏاڍو خوش هو. سندس خوابن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ساڀيان ٿيڻ جو موقعو ملڻ وارو هو. مان شهر موٽڻ جي تيارين ۾ هئس مگر طوفان شايد مڪمل ماٺ اختيار نه ڪئي هئي، وساميل باه جي دونهين ۾ لڪل ڪي شعلا اڃا اٿڻا هئا ۽ امتحان جون بي رحم گھڙيون اڃا اچڻيون هيون. ڪجهه ڏينهن ئي گذريا هوندا جو اها بي رحم گھڙي به اچي ڪڙڪي جڏهن ملڪ تي قابض ڊڪٽيٽر چيف جسٽس سميت اعلى عدالتن جي ڪيترن ئي ججن کي پي سي او تحت حلف نه کڻڻ جي جرت ڪرڻ جي الزام ۾ گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو.

جنهن مهل کان اها خبر عارب تائين پهتي آهي تنهن گھڙي کان وٺي هن ڪجھ به نه کاڌو آهي، ڪجھ به نه ڳالهايو آهي. گھر جي اڱڻ تي پيل کٽ تي بي جان بت بڻجي ليٽي پيو آهي. تنهن مهل کان سندس اکيون آسمان ۾ کتل آهن.

 

اليڪشن

سمنڊ ۾ ٽٻي هڻڻ کان اڳ سج مڪمل ڳاڙهو ٿي چڪو هو، ڪڪرن جي اوٽ کان نڪري  آخري لمحن تائين ڌرتي کي روشني جا ڪرڻا پهچائڻ لاءِ جتن ڪندڙ سج، گهر موٽندي نظر کٽڻ تائين پنهنجي محبوب کي ورائي ورائي ڏسندڙ ڪنهن عاشق جيان پئي لڳو.  

 

 

مان سمنڊ ڪناري کان گھڻو پري پٿر جي ديوار جي ٻئي پاسي روڊ جي ڪناري تي ڀڄي رهيو هوس. هن دنيا ۾ هر ماڻهو سموري حياتي ڀڄندو رهندو آهي ۽ هڪ ڏينهن ڀڄندي ڀڄندي مري ويندو آهي مان اڄ تائين سڪون سان ويٺل ڪنهن انسان کي ڏسڻ ۾ ناڪام رهيو آهيان فون تي ڳالهائيندي، لکندي، پڙهندي، آفيس ۾ ڪرسي تي ويٺل ماڻهو ۽ گھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکيل آرام ڪرسي تي ويٺل ماڻهن کي به مون ڀڄندي ڏٺو آهي. ماڻهن جي ان رويي مون کي منجھائي وڌو آهي مان ان عمل مان بيزار ٿي چڪو آهيان ڀڄي ڀڄي ٿڪجي پيو آهيان پر پوءِ به ڀڄي رهيو آهيان، مسلسل ڀڄي رهيو آهيان. ڀڄڻ منهنجي مجبوري آهي يا نصيب اهو طع ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. منهنجي آس پاس ڊوڙندڙ ماڻهو هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ کان پوءِ ڏاڍا خوش ٿيندا آهن مان ڪڏهن ڪڏهن ڍرو ٿي ٻين کي وڌڻ جو موقعو ڏيندو آهيان ۽ ماڻهو مون کان وڌي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن ڪي ماڻهو مون کي بيوقوف سمجھي مون تي کلندا ۽ ٽوڪون به ڪندا آهن. ڪراچي جهڙي پرشور ۽ بي غرض شهر ۾ جڏهن ڀڄي ڀڄي مان ٿڪجي پوندو آهيان ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري تي ڊوڙڻ هليو ايندو آهيان. ڊوڙندي ڊوڙندي قدم اچانڪ روڊ تي ڄمي ويا ڄڻ ڪنهن منهنجي پيرن ۾ ٻيڙيون وجھي ڇڏيون ۽ مان بيهي رهيس روڊ جي پاسي سان پارڪ ڪيل هڪ ڪار جي بانٽ تي ويٺل سنهڙي ۽ سهڻي عورت جي معصوم ۽ پرڪشش نگاهن قدمن کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو. هو مون ڏانهن ئي ڏسي رهي هئي، شعوري طور تي يا ڪنهن سوچ ۾ گم هجڻ ڪري لاشعوري طور تي. پر سندس نگاهون منهنجو ئي تعاقب ڪري رهيون هيون. کيس ڏسڻ جي ڪري يا توائي مان تيز ڊوڙڻ جي ڪري منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي چڪي هئي. ائين لڳم جيئن ريگستان جي تتل واري تي پيرن اگھاڙي ڀڄندي ڀڄندي اچانڪ ڪنهن گھاٽي وڻ جي ڇانو نصيب ٿي پئي هجي. نگاهن جو ائين اٽڪاءُ پهريون ڀيرو نه ٿيو هو، مگر ان کان اڳ ڪڏهن ساڻس ملڻ جو خيال دل ۾ نه آيو هو. پهريون ڀيرو سندس نگاهن کي مون پنهنجي جسم ۾ ٿر ۾ سانوڻ جي پهرين ڪڻ ڦڻ يا سياري جي صبح ۾ سج جي پهرين ڪرڻن جيان لهندو محسوس ڪيو هو. هو ڪار جي بانٽ تان لهي مون ڏانهن وڌي آئي. هو قد آور ۽ پرڪشش عورت هئي.

 

 

مان اوهان کي اڪثر هتي ڊوڙندي ڏٺو آهي “ هن چيو ”توهان جتي رهندا آهيو مان ان ئي  پراجيڪٽ جي اي بلاڪ ۾…….. سوچيم ته اوهان سان … پر شايد… سوچيم ته….“ هو جملي کي جوڙڻ جي ڪوشش ۾ وڌيڪ ٽوڙيندي رهي ۽ پوءِ خاموش ٿي وئي.

 

 

توهان مونسان هڪ ڪپ ڪافي پي سگھو ٿا؟“ مون بنا دير ۽ بنا تڪلف جي آفر ڪئي. مسڪراهٽ هن جي خوبصورتي ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو. مون کيس نگاهن کان ٿيندي دل ۾ لهندو محسوس ڪيو. اسان ٻئي گڏجي هلڻ لڳاسين ڪافي شاپ وٽ پهچڻ تائين دل خيالن جي گھيري ۾ اچي وئي. سوچيم ٻن اجنبي نگاهن جو دير تائين اٽڪاءُ ڇا محض اتفاق هو ؟ بي معنى هو؟ ٻن جسمن مان ائين اچانڪ روح جو نڪري ڳنڍجي هڪ ٿي پوڻ ڇا محض اتفاق هو؟…..ڇا اسان جي خاموشي ۾ به ڪو اظهار هو..؟ مان گيان ۾ گم ڪنهن پنڊت جيان خيالن ۾ محو رهيس، اندر جي احساسن جو ٻاهر جي مادي دنيا مٿان ايترو شديد ۽ مڪمل غلبو پهريو ڀيرو ٿيو هو.  ڪافي شاپ وٽ پهچي مون اڳتي وڌي ٻه ڪپ آرڊر ڪيا ۽ جيتري دير ۾ ڪافي تيار ٿي اوتري دير ۾ مون ڪائونٽر تي پئسا ڏيئي ٻه ٽوڪن وٺي ورتا ۽ پوءِ ٽوڪن جي بدلي ۾ ڪافي جا ٻه ڪپ کڻي هن ڏانهن وڌيس.

 

 

منهنجو نالو سسئي آهي“ هن ڪپ وٺندي چيو.

 

 

مان ظهير آهيان“

 

”ڇا ڪندا آهيو ؟“

 

 

”ٻارهن ڪلاڪ نوڪري ڪندو آهيان ۽ چار پنج ڪلاڪ ننڊ ڪندو آهيان“ مون مسڪرائيندي وراڻيو.

 

 

”۽ باقي ست اٺ ڪلاڪ ؟ “

 

 

” جک ماريندو آهيان “ مون کلندي وراڻيو.

 

 

”هممم… ليکڪ آهيو..“ هن پراعتماد لهجي ۾ چيو.

 

 

ڪيئن ٿا چئي سگھو..!!؟ “ مون حيرت وچان پڇيو.

 

هن ڪيئن ڄاتو ته مان لکندو آهيان. اندر جي اڻ تڻ جڏهن وس کان ٻاهر ٿي ويندي آهي تڏهن مان لکڻ تي مجبور ٿي پوندو آهيان ۽ پوءِ انهن ڪاغذن کي پيتي ۾ رکي تالو هڻي ڇڏيندو آهيان. اڄ تائين منهنجي ڪابه لکڻي شايع نه ٿي آهي ۽ منهنجا ويجھا دوست توڙي مٽ مائٽ به ان راز کان اڻواقف آهن. مان حيران هئس هڪ اجنبي عورت ايڏي اعتماد سان ڪيئن چيو؟ هن کي ڪيئن خبر پئي؟

 

 

 امر جليل ڪٿي لکيو آهي ته ”جنهن ملڪ ۾ خفيه ايجنسين جو ڄار وڇايل هجي ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي نالي ۾ سونهن، سوچ ۽ اظهار جي آزادي جي ناڪه بندي ٿيل هجي تنهن معاشري ۽ ملڪ ۾ لکڻ جک مارڻ آهي.“ هن ڪافي جو ڍڪ ڀريندي چيو ”اسان وٽ تخليقي لکڻيون نه هجڻ جي برابر آهن…. اوهان ڇا لکندا آهيو؟ “

 

 

ڪنهن چيو اسان وٽ تخليقي ليکڪ ناهن اسان جا ته ڪيترائي نقاد ۽ مورخ پڻ تخليقي ليکڪن جي وصف هيٺ ايندا آهن ۽ تخليقي ادب ۾ اسان وٽ سڀ کان وڏو نالو ايف.آءِ.آر لکندڙ پوليس واري جو رهيو آهي.“ مون وراڻيو ” مان سچ لکندو آهيان، مان ڪاغذن تي حقيقتن جا آئينا ٺاهيندو آهيان “

 

 

ڪنهن لاءِ لکندا آهيو… منهنجو مطلب آهي ڪنهن اخبار يا رسالي لاءِ لکندا آهيو.“ هن پڇيو.

 

 

سچ کي شايع ڪرڻ جي جرات ڪندڙ اخبارون ۽ رسالا گھڻو وقت هلي نه سگھندا آهن ۽ حقيقت جو آئينو ڏسڻ لاءِ هن معاشري ۾ ڪوئي به تيار ناهي ان لاءِ مان پنهنجين لکڻين کي پيتي ۾ رکي تالو هڻي ڇڏيندو آهيان.“ 

 

 

ٻيا به ڪجھ لکندڙ آهن جيڪي سچ لکندا آهن..! امر جليل جو ئي مثال ٿا وٺون… ۽ هن جون لکڻيون ڇپبيون به آهن…“

 

 

ها پر هو به ڪنهن اخبار ۾ گھڻو وقت لکي ڪونه سگھندو آهي“ مون سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو ”جڏهن ڪنهن اخبار مان سندس سچ هضم ڪرڻ واري سگھ نڪري ويندي آهي ته کيس ڪڍي ڇڏيندا آهن.“

 

 

۽ هو پوءِ به لکندو آهي…“ لهجي بجاءِ سندس آواز ۾ جذباتي انداز جي جھلڪ محسوس ٿيڻ لڳي ”هن همٿ نه هاري آهي… هن جي ويڙهه اڃا به جاري آهي هالانڪه هو پوڙهو ٿي چڪو آهي پر هن جي جدوجهد اڳي کان وڌيڪ جوان لڳندي آهي“ 

جرات ۽ همٿ جو عمر جنهن ڪنهن مخصوص حصي سان هرگز تعلق ناهي هوندو“ مون وراڻيو ”هو شايد وڙهڻ جو عادي ٿي چڪو آهي، مسلسل ٽڪراءُ کيس وڌيڪ سگھ عطا ڪئي آهي“ 

 

خالي ڪپ پٿر جي ديوار تي رکي اسان سندس ڪار طرف هلڻ لڳاسين کن پل خاموش رهڻ کان پوءِ پڇيائين،

 

 

پڙهڻ ۾ اوهان کي ڇا پسند آهي؟… فڪشن… يا مزاح وغيره به پڙهندا آهيو؟“ ” فڪشن ۾ مون کي پاڪستان اسٽڊي پسند آهي ۽ مزاح پڙهڻ کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ مون کي دلچسپي رهي  آهي ان ڪري مان ڪارٽون شوز ۽ پاڪستاني اليڪشن وڏي شوڪ سان ڏسندو آهيان.“

 

 اياز علي رند

 

ڪوذي ۾ درياء

هن دنيا ۾ کوڙ شيون اهڙيون هونديون آهن جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت جي ضرورت پوندي آهي. جيڪڏهن اوهان جي ذهن ۾ فورن اٽي جو نالو گردش ۾ اچي ويو آهي ته اهڙي ڪائي به ڳالهه ڪانهي مون مائڪرو نه پر ميڪرو صطح جي ڳالهه ڪئي آهي. هاڻي شايد اوهان مون کي حڪومت جو ڪو ڪارندو سمجھڻ لڳو يا وري سمجھو ته مان ڪو معيشت تي ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهيان پر اهڙي به ڪائي ڳالهه ڪانهي. دراصل منهنجو اشارو علم، شهرت يا جائيداد وغيره جهڙين شين ڏانهن آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪجھ ماڻهن کي اهڙيون ڪجھ شيون بغير محنت جي وراثت ۾ پڻ ملي وينديون آهن پر هتي منهنجو اصل مقصد انهن شين جي ان خاصيت جو ذڪر ڪرڻ آهي جنهن موجب اهي شيون اوهان کي وراثت ۾ نه به ملن ته به انهن کي محنت يا منافقت ذريعي دير يا سوير حاصل ڪرڻ ممڪن هجي.

ان جي بلڪل برعڪس ڪجھ اهڙيون شيون پڻ ٿينديون آهن جيڪي فقط قدرت جي ڏات هونديون آهن جيئن حسن يا مغز وغيره. اوهان شايد حسن کي به ڏات جي ڪيٽيگري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو ته اوهان جي ذهن جي پردي تي بيوٽي پارلرن جي طويل لسٽ حرڪت ۾ اچي چڪي آهي مگر جنهن حسن جو مون هتي ذڪر ڪيو آهي اهو وقتي نه پر مستقل آهي ۽ جنهن حسن جي باري ۾ اوهان سوچي رهيا آهيو ان کي پاڻي جو فقط هڪ وٽو به تهس نهس ڪري سگھي ٿو. رهي ڳالهه مغز جي ته مغز مان منهنجي مراد ٻڪر جو مغز هرگز نه آهي ڇو ته ٻڪر جو مغز ڪلو ڪاسائي کان وڏي سولائي سان هڪ رات اڳ ايڊوانس بڪنگ ڪرائي حاصل ڪري سگھجي ٿو. منهنجو اشارو هتي انساني کوپڙي ۾ فٽ ٿيل مغز ڏانهن آهي جيڪو فقط مکڻ جهڙن جينيس ماڻهن وٽ هوندو آهي. مکڻ هونئن ته اٺ درجا پڙهيل هجڻ جي باوجود به شڪل مان خانداني اڻ پڙهيل لڳندو آهي پر ڏسڻ جو ڪهڙو به هجي بلڪه ڏسڻ جهڙو نه به هجي تڏهن به کيس مغز جي معاملي ۾ سڄو تر سلام ڪندو آهي.

مون جهڙن موڳن کي ته هونئن به گاهه ڪونه وجھي پر چڱن ڀلن جي مت منجھائي وجھندو آهي. هڪ ڏينهن کانئس پڇيم،

”يار مکڻ !! تو جهڙي دانگي مهانڊي وٽ اهڙو مغز ڪٿان آيو ؟“

ته چيائين ”ذات تي ڏات ناهي“

مکڻ جو جواب منهنجي مغز جي اصل چائنٺ تي ئي اوڪڙو ويهي رهيو ڳالهه سمجھ ۾ ڪانه آئي ته جي ذات تي ڏات ناهي ته مکڻ به ته ذات جو ”بخيلاڻي“ آهي بي ذات ته هو به ڪونهي پوءِ هن وٽ ڏات ڇو آهي. دراصل مکڻ جي تقريبن پوڻا سورهن آنا ڳالهين جي مون کي اصل ڌپ ئي نه پوي.

اڄ ڪلهه اليڪشن جا ڏينهن آهن مکڻ سڄو ڏينهن پني پنجابي جي هوٽل تي ويهي ٽي.وي تي هلندڙ خبرن تي تبصرا ڪندو آهي ۽ ماڻهو مکڻ جي چوڌاري مکين جيان مڙيا پيا هوندا آهن. اڄ صبح هوٽل تي ٽي.وي ڏسندي مکڻ پير ٽيبل تي رکندي چيو هو ته،

”هڪ جملي ۾ ايتري ڊگھي ڳالهه به ڪري سگھبي آهي جو دنيا جا سڀ ڪاغذ ڪارا ڪرڻ جي باوجود به ان جملي جو مڪمل مقصد بيان ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو.“ مثال ۾ هن شاهه سائين جي هڪ سٽ پڙهي،

”جيڏو تنهنجو نان، ٻاجھ به اوڏيائي مگان“

  خانڻ، خدو، سارو ۽ سوڍي سميت اسان سڀ وائڙن جيان هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳاسين.

”نه سمڌو !! “ هن فخريه ۽ طنزيه مسڪراهٽ چپن تي آڻيندي پڇيو ۽ اسان سڀني مڃيو ته ڳالهه واقعي اسان جي سمجھڻ کان ڳري هئي.

”صفا ڪي ڪند ذهن آهيو … ڏسو الله سائين جو نالو ڪيڏو وڏو آهي ڪائنات جي ڪنارن کان اڳتي لا محدود ۽ لامڪان تي به هن جو اختيار ڪامل آهي هو اهو ڪجھ ڏيئي سگھي ٿو جيڪو اسان جي شعور ۾ به نه هجي. هاڻي انهن شين کي ڪيئن قلم بند ڪري ٿو سگھجي جيڪي اسان جي شعوري حدن کان به ٻاهر ۽ لامحدود ۽ لامڪان هجن. لحاظه شاهه صاحب سياڻپ جو مظاهرو ڪندي درياء کي ڪوذي ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.“

مکڻ مون ڏانهن ڏٺو ۽ مون پنهنجو ڀرم قائم رکڻ لاءِ هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو حالانڪه سمجھ ۾ ٽڪو به ڪونه آيو. پوءِ هن ٽي.وي تي هلندڙ خبر جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ٻڌايو پئي ويو ته ميڊيا تي ڌانڌلين جي الزامن تي ٻڌل ڪا به خبر يا انٽرويو وغيره نشر ڪرڻ تي پابندي هوندي. ۽ چيائين ته سرڪار به شاهه صاحب وانگر سياڻپ جو مظاهرو ڪندي درياء کي ڪوذي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي.

سڄي هوٽل ۾ واه واه ٿي وئي سڀني مکڻ کي مکڻ هڻڻ لاءِ تعريفن جا بند ٻڌڻ شروع ڪري ڏنا ۽ مون ڏانهس مسڪين ۽ عاجز نگاهن سان ڏسي کيس مطلع ڪيو ته مون ڪجھ به ڪونه سمجھيو پر هن حقارت منجھان ڪنڌ لوڏيندي منهن ڦيرائي ڇڏيو.

آخر ان خبر ۾ ڪهڙا دفتر سمايل هئا جيڪي مون نه سمجھيا. هڪ عام خبر ئي ته هئي !!؟ پوءِ ڇو سڄو ڏينهن مٿو هڻڻ کان پوءِ به مون کي سمجھ ۾ نه پئي آئي مون صدمي ۾ اکيون ٻوٽي ڇڏيون آسمان مان تارا گم ٿي ويا ۽ اکين ۾ نمي جي گرمائش مون کي پنهنجي بيوسي ۽ ڪند ذهنيت جي ڏکوئيندڙ احساس طور محسوس ٿي ۽ مان پاسو ورائي اجرڪ اوڍي ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويس.

ايازعلي رند

 

By Ayaz Ali Rind